• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

“توهان جو آندل مواد” وارو پيج

سوجهرو

سينيئر رڪن
جڏهن مان هن پيج تي ويم ته بيشڪ اُتي مونکي، اُميد جي پٽاندڙ، منهنجي هر پوسٽ نظر آئي جيڪا مان اڄ تائين هن فورم تي ڪري چُڪو آهيان. مگر هڪ مسئلو هيو، اگر ڪنهن هڪ پوسٽ تي ڪا گفتگو ٿيل آهي ته اُها پوسٽ اوترائي ڀيرا ورجايل نظر آئي اُن لسٽ ۾. ڇا ڪو اهڙو طريقو آهي جو مان اتي فقط پوسٽس جا موضوع ڏسي سگهان ۽ انهن منجهه ٿيل گفتگو جي ڪري اُهي ورجايل نه هجن.
مهرباني.
 
ادا انهيءَ لاءِ اهو ڪريو ته پنهنجي نالي تي ڪلڪ ڪري پروفائل واري صفحي تي وڃو. ان کان پوءِ اُتي تحريرون ٽئب تي ڪلڪ ڪري لسٽ کوليو. هاڻ هيٺ موضوع ۾ ڳولا ڪرڻ تي رُڳو پنهنجون پوسٽ ڏسي سگهندؤ. تحريرون ڏسڻ سان صرف جوابي تحريرون.
 
Back
Top