(عقل ۽ رد عقل نالي سان هڪ پوسٽ اڳ ۾ ئي پيش ڪري چُڪو آهيان، هي ٻي پوسٽ عقل جي قتل جي حوالي سان پيش ڪيان ٿو، فلسفياڻا خيال آهن جيڪي ذهن ۾ ايندا رهن ٿا، اُميد ته پسند ايندا) ڇا منهنجو عقل مون کي صحيح رستي تي وٺي وڃي سگهي ٿو؟ عقل ڇا آهي؟ ۽ ڇا ٿو ٻڌائي؟ ڇا عقل اِهو آهي جو مان هِڪ ڪِوِل کي ڪِوِل ٿو چوان ۽ هاٿيءَ کي هاٿي ٿو چوان؟ ڇا عقل اِهو آهي ته مان هڪ ٻڪريءَ کي شينهن نه ٿو چوان ۽ شينهن کي ٻڪري نه ٿو چوان؟ ڇا عقل اِهو آهي ته هي سموري دنيا جيڪڏهن شينهن کي شينهن ٿي ڪوٺي ته مان به شينهن کي شينهن ئي ڪوٺيان! ڇا عقل اِهو آهي ته مان دنيا جي جوڙيل نالن، اصولن، صفتن جي نالن، رواجن کي پنهنجو ڪيان ڇو ته سڀني اُنهن کي اپنايو آهي؟ ڇا عقل اِهو چوي ٿو ته جنهن نظر سان ماڻهو دُنيا کي ڏسن ٿا مان به اُنهيءَ نظر منجهان کيس ڏسان؟ بيوقوفي ڇا آهي؟ اُهو ڪم ڪرڻ، جيڪي عام ماڻهو نه ٿا ڪن يا اُهي ڳالهيون ڪرڻ جيڪي عام ماڻهو ڪڏهن به نه ٻڌڻ چاهيندا. ڇا بيوقوفي آزادي سان بيوقوفاڻيون ڳالهيون ۽ بيوقوفاڻا سوال ڪرڻ جو نالو آهي يا عقل اِهو آهي ته بنا ڪنهن جاکوڙ جي دُنيا جي رواجن يا تسلي بخش فرضي خيالن مان بيوقوفاڻن سوالن جا جواب ڪڍي پاڻ کي مطمئن ڪري ويهي رهجي؟ يا وري انهن سوالن ڏانهن ڌيان ئي نه ڏجي ڇو ته اِهي بيوقوفاڻا آهن. ۽ انهن سوالن جا جواب تلاش ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجو دماغ خرچ نه ڪجي. هڪ سوال ته اِهو به اُٿي ٿو ته اسان اِهو ڪيئن ثابت ڪيون ته اسان وٽ عقل آهي به سهي. ڏٺو وڃي ته سوچي سمجهي سگهڻ جي سگهه ئي اسان جو عقل آهي. شين ۾ فرق ڪرڻ جي صلاحيت، انهن کي پاڻ ۾ ڀيٽي سگهڻ جي صلاحيت ۽ دليل ڏيڻ جي صلاحيت ئي اسان جو عقل آهي. دليل ڏيڻ جي صلاحيت ئي اسان جي اُها خوبي آهي جيڪا اسان کي جانورن کان الڳ شناخت ڏئي ٿي. نه ته جانورن ۽ اسان ۾ ڪو خاص فرق نه آهي. دليل ڪو به انسان تڏهن ڏئي ٿو جڏهن هو پنهنجي سوچ کي صحيح ثابت ڪرڻ گهري ٿو. فرض ڪيو ته اوهان کي اِهو ثابت ڪرڻو آهي ته حيدرآباد پاڪستان ۾ آهي ته اوهان اِهو دليل ڏئي سگهو ٿا ته حيدرآباد سنڌ ۾ آهي ۽ سنڌ پاڪستان ۾ آهي انڪري اِهو چوڻ غلط نه آ ته حيدرآباد پاڪستان ۾ آهي. انسان هميشه دليل ڏئي ٿو وري اُن کي صحيح ثابت ڪرڻ جي به ضرورت پوندي اٿس. مثال طور اڳ ۾ ماڻهو سمجهندا هئا ته زمين سڌي آهي هڪ پليٽ وانگر ۽ اسان سڀ سندس مٿاڇري تي رهون ٿا. جيڪڏهن اُن جي ڪنارن ڏانهن وڃبو ته اُتان هيـٺ ڪري پونداسين. اڳ ۾ دنيا وارا ان ڳالهه کي صحيح سمجهندا هئا. پوءِ ڪنهن بيوقوف دُنيا کان الڳ سوچڻ شروع ڪيو ۽ دليل ڏنائين ته دُنيا گول آهي. اُن دليل کي ثابت ڪرڻ لاءِ هُن بيوقوف اِهو ثبوت ڏنو ته جڏهن به چنڊ گرهڻ ٿيندو آهي ته (اِها ڳالهه ته سڀ مڃيندا آهن ته چنڊ گرهڻ تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڌرتي سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ ايندي آهي) زمين جو پاڇولو جڏهن چنڊ تي پوندو آهي ته گولائيءَ جي شڪل وارو هوندو آهي تنهن ڳالهه مان اِهو ثابت ڪري سگهجي ٿو ته زمين گول آهي. شروع ۾ دُنيا هُن ماڻهوءَ کي بيوقوف چيو ڇو ته هُن اُن نظر سان نه ڏٺو جنهن نظر سان ٻيا عام ماڻهو ڏسن ٿا، ڇاڪاڻ ته هُن اُها ڳالهه ڪئي جيڪا اُن دور ۾ بيوقوف ئي ڪندا هئا. بعد ۾ اُن بيوقوف کي عقل وارو ۽ ڏاهو سمجهيو وڃڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته هُن بيوقوفاڻا سوال ڪيا ۽ بيوقوفاڻيون ڳالهيون ڪيون بنا اِن ڳالهه جي ڪنهن فڪر جي ته دُنيا وارا مون کي بيوقوف ڪوٺڻ لڳندا. هن سموريءَ ڪچهريءَ جو مقصد اِهو سمجهڻ هو ته هن وقت تائين اسان مان گهڻن وٽ جيڪا ڄاڻ آهي اُن مان ڪيترو ئي حصو اُها ڄاڻ آهي جيڪا صحيح آهي يا نه اسان نه ٿا ڄاڻون مگر اسان اُن کي صحيح سمجهون ٿا ڇو ته دُنيا وارا اُن کي صحيح سمجهن ٿا. جڏهن هڪ معاشري ۾ ماڻهن جو هڪ وڏو حصو حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي ته پوءِ اهو معاشرو اُنهن ئي فرضي خيالن جي وَر چڙهي ويندو آهي جيڪي رواجي طور تي صدين کان اُن سماج ۾ رائج رهندا ايندا آهن. اهڙي معاشري جا فرد اڪثر انهن خيالن کي صحيح سمجهندا آهن ڇاڪاڻ ته اُنهن جي چوڌاري رهندڙ هر ماڻهو اُنهن خيالن کي صحيح سمجهندو آهي. اگر اُن سماج جا فرد فقط ڏوڪڙ ڪمائڻ ۽ آسودي زندگي کي ئي پنهنجو مقصد سمجهندا آهن ته پوءِ اهڙي سماج ۾ فڪري بحران پيدا ٿيڻ لڳندو آهي. غور فڪر ڪرڻ وارا ماڻهو گهٽ ٿيندا ويندا آهن. ان صورتحال جي نتيجي ۾ بُرائيون اُن سماج جو هڪ اڻ ٽُٽ حصو ٿينديون وينديون آهن ۽ اُن قوم جا ماڻهو اُنهن کي صحيح سمجهڻ شروع ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته اُهي سندن معاشري جو اڻ ٽُٽ حصو محسوس ٿينديون آهن. ڪير به معاشري ۾ اهڙو نه هوندو آهي جيڪو اُنهن تي غور و فڪر ڪري اُنهن کي صحيح يا غلط جي درجي بندي ۾ آڻي. اڄ اسان اگر پنهنجي معاشري تي نظر وجهون ته تمام گهٽ اهڙا ماڻهو نظر ايندا جيڪي رشوت کي غلط سمجهندا هُجن. گهڻا ته اهڙا به آهن جيڪي رشوت لفظ کي سُٺن انگريزي لفظن جو لباس پارائي پنهنجو پاڻ تي حلال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪُجهه ماڻهو رشوت کي incentives جو نالو ڏئي چون ٿا ته اهو ته اسان جي لاءِ تحفو آهي عوام جي پاران. ساڳيو ئي حال اسان جي مُلڪ ۾ سفارش جو آهي. اها هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن کي سرڪاري نوڪرين کان وٺي پرائيويٽ ڪارپوريشنس تائين ۾ به سُٺن انگريزي لفظن جو لباس پارائي جهجهي مقدار ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. Referee, referral, reference اهي اهڙا ڪُجهه لفظ آهن جيڪي اڪثر ماڻهو پنهنجي شخصيت سان وڏي شوق سان سلهاڙيندا آهن جڏهن به اُنهن کي سفارشن جو ڄار وڇائڻو هوندو آهي. ياد رهي ته پاڻ مٿي ويچار ڪري آيا آهيون ته ڇا عقلمند اُهو آهي جيڪو هاٿيءَ کي هاٿي چوي ٿو ۽ ماڪوڙي نه ٿو چوي. دُنيا سفارش کي ريفرينس چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو هڪڙو بهترين لفظ آهي جنهن جي مدد سان ميرٽ جي لتاڙ ڪندڙ اِن بيماريءَ کي آهستي آهستي اسان جي زندگين جو حصو بڻايو پيو وڃي. شايد اڄ کان ڏهه سالن کان پوءِ ڪو به اهڙو ماڻهو نه رهندو جيڪو سفارش کي غلط سمجهندو هجي. ڇاڪاڻ ته اُن وقت سفارش جي جڳهه تي ريفرينس جهڙو پاڪ پوتر لفظ اچي ويندو ۽ هر ڪو ان کي پنهنجو حق سمجهڻ لڳندو. بيشڪ ترقيءَ مان ائين لڳي ٿو ته دُنيا بهتريءَ ڏانهن پئي وڃي. پر جيڪر غور ڪجي ته خبر پئجي ويندي ته بُرائي جيئن جو تيئن موجود آهي بس نالا ۽ ويس مٽائي رهي آهي. ۽ اهڙي ته مِٺي ۽ رسيلي شڪل اختيار پئي ڪري جو دُنيا جي تاريخ ۾ ڪڏهن ائين نه ٿيو هوندو جو ماڻهن ڪنهن بُرائيءَ کي بُرائي چوڻ بدران پنهنجو حق ڪوٺڻ شروع ڪيو هجي. اچو ٿورو سنڌ جي مٿين شهرن ڏانهن ٿا هلون جتي ڪارو ڪاريءَ جي نالي تي قتل ڪرڻ کي اڪثر ماڻهو صحيح سمجهن ٿا، سڱ چَٽيءَ ۾ 9 سالن جي نينگري جو پرڻو 60 سالن جي ڪُراڙي سان ڪرائڻ کي انصاف ڀريو فيصلو سمجهن ٿا، ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي وڏيري کان قرض وٺي پاڻ کي ڇڏرائڻ بعد اُن وڏيري جا غلام ٿين ٿا جيڪو ڌاڙيل پاڻ پاليندو آهي ۽ ان کي پنهنجو مُقدر سمجهن ٿا. انهن شيُن کي ماڻهو غلط ڇو سمجهندا اُتي ته هر ننڍو وڏو، ڪچو پڪو ان کي هڪ اُصول سمجهي ٿو ۽ پاڻ کي ان تي عمل ڪرڻ جو پابند بڻائي ٿو. اِن نظام جي خلاف ڳالهائڻ ته ٺهيو پر سوچڻ کي به اصل ناحق سمجهيو وڃي ٿو. انصاف جو قتل سمجهيو وڃي ٿو. اها تاريخ جي سڀني کان وڏي بدقسمتي ئي چئي سگهجي ٿي جو اڄ بُرائي پنهنجو پاڻ کي حق ۽ صحيح چورائڻ ۾ سوڀاري ٿي وئي آهي. اڄ اهڙا ماڻهو پيدا ٿي ويا آهن جيڪي بُرائي جي وڪالت ڪندي نظر اچن ٿا ۽ اهڙا نظام جوڙيندي نظر اچن ٿا جِن ۾ بُرائي بنا ڪنهن رنڊڪ جي وڌي ۽ معاشري ۾ پنهنجيون پاڙون مضبوط ڪندي اُن جو هڪ اڻ ٽُٽ حصو بڻجي وڃي. خبر نه آهي ڇو عقلمند ۽ بيوقوف ۾ فرق ڇڊو ٿيندو پيو وڃي. جيڪي واقعي بيوقوف آهن اُهي پاڻ کي عقل جو اڪابر سڏائڻ ۾ ڪو به شرم محسوس نه ٿا ڪن. ۽ سياڻا ۽ ڳورا اُستاد بُخاريءَ پٽاندڙ هِرڻيءَ وانگر نيڻ ٽمايون بيٺا آهن. هڪ ڏينهن اُهي به مري فنا ٿي ويندا ڇو ته ساڪن شيءِ جلد فنا ٿيندي آهي. صدين کان وٺي سدائينءَ جيان هن دفعي به دُنيا جي رواجي خيالن جي وهڪري جي اُبتڙ ڌارا ۾ سوچيندڙ کي دُنيا بيوقوف ئي ڪوٺي ٿي. مگر نه ڄاڻان ڇو اڄ اهڙي ڪنهن بيوقوف جي ضرورت شدت سان محسوس ڪري رهيو آهيان. ڪو اهڙو بيوقوف ضرور هجڻ گهرجي جيڪو ڪارو ڪاريءَ بابت بيوقوفاڻا سوال پُڇي ۽ صحيح ۽ غلط جي بُنياد تي اُن کي پرکي ۽ پوءِ اُن متعلق پنهنجي راءِ قائم ڪري. دل چوي ٿي اهو بيوقوف سڀني دُنياداري ۽ ڏوڪڙن جي حوس ۾ قيد ماڻهن جي ڪنن ۾ زور زور سان رڙيون ڪري کانئن اِهي سوال پُڇي ته، ڪارو ڪاري ڇا آهي، ڪارو ڪير آهي، ڪاري ڪير آهي، اُنهن کي اِهي نالا ڇو ڏنا ويندا آهن، آخر انهن جو ڪهڙو ڏوهه هوندو آهي جو بعد ۾ کين قتل ڪيو ويندو آهي، ڇا اِهو سچ آهي ته اڪثر ماڻهو اِن رواج کي پنهنجي مقصدن لاءِ به استعمال ڪندا آهن ۽ بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪندا آهن. ڳالهه اِها نه آهي ته اسان وٽ عقل نه آهي جو اسان غلط کي غلط چئي سگهون، دراصل ڳالهه اِها آهي ته اسان وٽ ايترو وقت ئي نه آهي جو اسان بُرائيءَ بابت ڪُجهه سوچي به سگهون. اسان فقط هن نظام جي مشين جا پُرزا ئي رهجي ويا آهيون جيڪي هڪ ايماندار پورهيت وانگر ڪم ڪندا ٿا وڃن بنا پنهنجي عملن ۽ آسپاس جي ماحول تي غور فڪر ڪرڻ جي. جنهن ڏينهن اسان حاصل ڪرڻ واري پنهنجي جُستجو کي روڪي دُنيا ڏانهن غور و فڪر واري نظر وڌي اُن ڏينهن اسان سڃاڻي وٺنداسون ته ان نظام ۾ ڪم ڪرڻ دوران اسان ڪيترين ئي غلط شين کي صحيح سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ڇاڪاڻ ته نظام جو هر ٻيو ”پُرزو“ اُنهن کي صحيح چوندو هو. سو پَکِي، سو پڃرو، سو سَرُ، سو ئي هنَجُ پيهِي جان پروڙيو، مون پنهنجو منجهه تان ڏيلُ جنهن جو ڏنجهه، سو مارِي ٿو منجهه ڦري (شاهه عبداللطيف ڀٽائي)