ميمونا محمد علي ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪڙي ڪمي ڪنهن درياهه ڪناري اُس ۾ ويٺي هئي. هن ڏٺو ته هڪڙو ڪيلي جو وڻ درياهه ۾ ترندو اچي. اهو ڏسي ڪمي درياهه ۾ ٽپو ڏنو ۽ ٻوٽي کي ڇڪيندي ڇڪيندي ڪناري تائين گهلي آئي. پر ڪناري کان باغ تائين وڻ کي کڻي وڃڻ هن جي وس کان ڳالهه ٻاهر هئي. ڇاڪاڻ ته ڪُميءَ اهو وڻ باغ ۾ پوکڻ چاهيو ٿي. نيٺ هن هڪڙي ڀولڙي کي سڏيندي چيو: ڀائو! هن وڻ کي باغ تائين کڻي هلڻ ۾ منهنجي مدد ڪر. آئون هي وڻ باغ ۾ پوکينديس. ڀولڙي جواب ڏنو: آئون وڻ کڻائي هلڻ لاءِ تيار آهيان، پر ان جي بدلي مون کي به وڻ جو اڌ حصو ڏيندينءَ؟ ڪميءَ اهو ٻڌي چيو: ڇو نه! آئون توکي اڌ حصو ضرور ڏينديس. پوءِ ٻئي وڻ کي گهليندا گهليندا، باغ تائين آيا. اتي ڪميءَ ڀولڙي کي چيو: هاڻي اچ ته کڏو کوٽي ان ۾ وڻ هڻون. ڀولڙي جواب ڏنو: پهرين مون کي پنهنجو حصو ڏي. ڪُمي چيو: جڏهن هيءُ وڻ زمين ۾ لڳي ويندو ۽ ان ۾ ميوو لڳندو، تڏهن پاڻ ۾ اڌ اڌ ورهائي کڻنداسون. پر ڀولڙي کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ چوڻ لڳو: مونکي ته وڻ جو اڌ حصو هينئر جو هينئر ڏي. هي ٻئي پاڻ ۾ انهيءَ اڌ حصي واري ڳالهه تان پاڻ بحث ڪرڻ لڳا، آخر تائين ڀولڙو پنهنجي ضد نه لٿو ۽ ڪميءَ کي مجبور ڪيو ته کيس پنهنجو حصو هن وقت ئي ملي. ڪميءَ وڻ کي ٻن حصن ۾ وڍيو، ڀولڙي وڻ جي مٿئين حصي جا ساوا پن ڏسي چيو: مٿيون حصو آئون کڻندس! ڪميءَ هن جي اها ڳالهه به مڃي. ڀولڙي پنهنجو حصو وٺي گهر ڏانهن ويو ۽ ان کي زمين ۾ پوکي ڇڏيو. هيڏانهن ڪميءَ به وڻ جو پاڙ وارو حصو زمين ۾ پوکيو. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ان ۾ ساوا ساوا گونچ ڦٽڻ لڳا ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ ان ۾ ڪيترائي ڪيلا به لڙڪڻ لڳا. ۽ هوڏانهن ڀولڙي وارو ساون پنن وارو وڻ سڪي سڙي ڪري پيو. ڪميءَ جي وڻ ۾ جڏهن ڪيلا پچي راس ٿيا، تڏهن هن اهي ٽوڙڻ گهريا پر ڪُمي ويچاري وڻ تي چڙهي نه ٿي سگهي. نيٺ ٻي ڪا واهه نه ڏسي هوءَ ڀولڙي کي وٺي آئي ۽ چيائينس: جيڪڏهن تون منهنجي وڻ تان ڪيلا لاهي اچين ته اَڌ تنهنجا ۽ اَڌ منهنجا. ڀولڙي هڪدم ڪميءَ جي ڳالهه قبول ڪئي ۽ تڪڙو تڪڙو وڻ تي چڙهي ويو، پر ڀولڙي مٿي وڃي ڪيلا لاهڻ بدران کائڻ لڳو ۽ ڪميءَ کي هڪڙو به ڪيلو نه ڏنو. اهو ڏسي ڪميءَ چيس: تون رڳو پاڻ ويٺو ڪيلا کائين، مون کي به ته ڏي. پر ڀولڙي وري به ڪميءَ جي ڳالهه نه ٻڌي ۽ پنهنجي ضد تي بيٺو رهيو، ۽ ڏاڍي مزي سان ڪيلا پاڻ کائيندو رهيو. اهو ڏسي ڪميءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هوءَ ڪجهه ڪري به نٿي سگهي. پر نيٺ هن کي هڪ اٽڪل سجهي ۽ هوءَ تڪڙي تڪڙي باغ ۾ هڪ طرف وئي، جتان ڪنڊن واريون ٽاريون گهليندو آيو ۽ اهي ڪيلا جي وڻ جي چوڌاري رکي ڇڏيائين. جڏهن ڀولڙي سڀئي ڪيلا کائي پورا ڪيا ۽ وڻ تان ٽپ ڏئي زمين تي لٿو. هيٺ رڳو ڪنڊائي ڪنڊا هئا، سي ڀولڙي جي پيرن ۽ هٿن ۾ لڳا. هو سور ۽ تڪليف کان وڌيڪ ٽپ ڏيڻ ۽ دانهون ڪرڻ لڳو. ڀولڙي کي پيرن ۽ هٿن ۾ ڪنڊا گهڻي تڪليف ڏئي رهيا هئا، ڪميءَ مزي سان اهو تماشو پئي ڏٺو ۽ ڀولڙي کي دانهون ڪندو ڏسي کلڻ لڳي. ڀولڙي کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي ۽ هن ڊوڙي اچي ڪميءَ کي ڳچيءَ کان جهلي پنهنجي پٺن تي ويهاريو ۽ چوڻ لڳو: هاڻي ٻڌاءِ ته آئون توکي ڪهڙي سزا ڏيان؟ توکي مار ڏيان يا درياهه ۾ ٻوڙيان؟ ڪمي ڊپ مان ڏڪڻ لڳي۽ ليلائيندي چوڻ لڳي: مون کي جيڪا وڻئي اها سزا ڏي. پر خدا جي واسطي مون کي درياهه ۾ نه ٻوڙ! ڀولڙي اهو ٻڌي ٽپو ڏنو ۽ چيو: آئون ته توکي درياهه ۾ ئي ٻوڙيندس.! ائين چئي ڀولڙو ڊوڙندو ڪميءَ کي درياهه ۾ کڻي آيو پر ڀولڙي کي اها خبر نه هئي ته ڪا ڪميءَ پاڻيءَ ۾ ترندي آهي، ڪمي پاڻيءَ ۾ اچڻ شرط پاڻ سان گڏ ڀولڙي کي به گهلي آئي ۽ ڀولڙي کي ڏاڍا غوطا ڏنائين. ڀولڙي ڏٺو هاڻي ڪمي مون کان زور ٿي وئي آهي، ته ڀولڙو وري به رڙيون ڪرڻ لڳو، پر وري به ڪميءَ کي احساس ٿيو ته متان ڀولڙو مري نه وڃي، ڪميءَ ڀولڙي کي اچي ڪناري تي ڦٽو ڪيو. ڪميءَ پاڻيءَ مان منڍي ڪڍي ڀولڙي کي چيو: ادا! تنهنجي مهرباني، توکي شايد خبر ڪانهي ته منهنجو گهر پاڻي ۾ ئي آهي. اهو ڏسي ڀولڙو سمجهي ويو ته مون سان ڪمي ڏاڍي ڪري وئي آهي ۽ شرمندو ٿي پنهنجي گهر ڏي ورانو ٿيو، ۽ ٻيهر ڪڏهن به ڪنهن ڪميءَ سان وير پائڻ جي جرئت نه ڪيائين…