وليمو ۽ ڪانڌپو… زال مڙس کان پڇيو: جيڪڏهن مان مري وڃان ته پوءِ تون ڪيتري عرصي کان پوءِ شادي ڪندي. مڙس جواب ڏنو: هي مهانگائي جو دور آهي، سوچيان ٿو ته ڪانڌپي کي وليمي ۾ تبديل ڪري ڇڏيان….!! رات جا ٻارنهن… هڪ همراهه رات جو ٻه وڳي اسپتال پهتو ته نرس کي خوشخبري ڏني: ”مبارڪ هجي اوهان کي…. رات ٻه وڳا آهن ۽ اوهان به ٻن ٻارن پيءُ بڻجي ويا آهيو…“ همراهه حيران ٿيندي جواب ڏنو: ”خدا جو شڪر آهي جو ٻه وڳي پهتو آهيان، جيڪڏهن ٻارهين وڳي پهچان ها ته….!؟؟؟“ توکي خبر ڪيئن پئي..؟؟ هڪ ڏينهن ڇوڪري پنهنجي ماءُ کان پڇيو: اما! ڇا اوهان مون ڄمڻ کان اڳ ۾ ڏٺو هو؟ ماءُ: نه پٽ! ڇوڪرو: ته پوءِ اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته مان اوهان جو ئي پٽ آهيان…؟؟ فقير جي سدا… هڪ فقير اچي هڪ همراهه جي گهر تي سدا هئين: ”مان خدا جو مهمان آهيان، جيڪا ٿي منهنجي مدد ڪريو!“ همراهه فقير کي هٿ مان وٺي مسجد ۾ پهتو ۽ چيائينس: ”هي آهي خدا جو گهر!“ شوگر چيڪ… هڪ همراهه روزانو پنهنجي گهر ۾ کنڊ جي برني کڻي ڏسي وري ان بند ڪري واپس رکي ڇڏيندو هو. سندس زال اچي تنگ ٿي، کيس چيائين: هي تون روز روز ٿو کنڊ ڏسين…. مڙس جواب ڏنس: مون کي ڊاڪٽر چيو آهي ته تون روزانو پنهنجي شوگر چيڪ ڪندو ڪر…! سڀ کان وڌيڪ بيوقوف… استاد: توهان ٻارن مان سڀ کان وڌيڪ بيوقوف ڪير آهي؟ هڪ شاگرد اٿي بيهي چيو: جيڪڏهن توهان ٻارن مان ڪنهن به جواب ڏنو ته رسيس ۾ ان جو خير ناهي…!!