ڏکڻ ايشيا تي مذهبي جنونيت جا وڌندڙ اثر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏30 نومبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مدد علي سنڌي
    [​IMG]
    ايشيا جي تاريخ ۾ اها هڪڙي تمام سٺي ڳالهه ته آهي ڏکڻ ايشيا جا سمورا ملڪ هن وقت جمهوري ۽ سياسي سرشتي ۾ ۾ جڪڙيل آهن. پر في الحال افغانستان ۽ نيپال ٻه اهڙا ملڪ آهن، جتان جي جمهوي سرشتي کي اتان جي اندروني سياسي ڇڪتاڻ سبب خطرو لاحق آهي. باقي سمورن ملڪن ۾ جمهوري طور طريقا بهتر آهن. البت ڪجهه وقت کان پوءِ ڏکڻ ايشيا جي سموري ملڪن ۾ اڀرندڙ مذهبي جنونيت ۽ مذهب تنگ سوچ، هڪ نئون خطرو ٿي اڀري آهي. انهن ملڪن ۾ مذهبي جنونيت خود جمهوري سرشتي لاءِ هڪ خوفناڪ چئلينج ٿي آڏو آيو آهي. ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته اها مسئلو تيزي سان وڌي رهيو آهي.

    ڏور نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته افغانستان مذهبي انتها پسند تنظيمون، اتان آمريڪي فوج جي وڃڻ جي انتظار ڪري رهيون آهن ۽ ڪابل جي چونڊيل حڪومت خود جدا بارود جي مٿان ويٺي آهي ۽ افغانستان جي جمهوريت لاءِ هڪ غير يقيني مستقبل سامهون بيٺو آهي.

    نيپال ۾ هڪ طويل جدوجهد کانسواءِ بادشاهن جو خاتمو عمل ۾ آيو ۽ بعد ۾ جمهوري سرشتو اتي وجود ۾ آيو پر ڪجهه نيپال مذهبي جماعتون، نيپال کي هندو ملڪ ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ مشغول آهن. ڀارت جي آر ايس ايس ۽ وشوهندو پرشند جهڙيون ڪٽر مذهبي جماعتون نيپال جي انهيءَ جماعتن جي مدد ڪري رهيون آهن.

    نيپال جي لاءِ هڪ نئون آئين مرتب ڪيو ويو آهي. هاڻ جمهوريت يا مذهبي ملڪ، انهيءَ سوال تي نيپال جي آئين ساز حڪومت تعطل جو شڪار آهي.

    سري لنڪا ۾ عدم تشدد تي يقين رکندڙ ٻڌمت جي ڪيترن راهبن، مسلمانن جي خلاف تحريڪ شروع ڪري ڏني آهي. سري لنڪا ۾ مسلمانن جي مسجدن ۽ سندن گهرن تي حملا ڪيا ٿا وڃن، اتي به هٿرادو طريقي سان مسلمانن جي خلاف توت ۾ اظافو پيو آندو وڃي.

    برما ۾ ته نه رڳو اتان جي حڪومت بلڪ ٻڌ راهب، روهينگا مسلمانن جي خلاف آهن. سوين روهينگا مسلمان مارجي چڪا آهن. سندن ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙيا ويا آهن. هزارين روهينگا مسلمانن بنگلاديش ۽ ڀارت ۾ وڃي پناه ورتي آهي.

    بنگلاديش ۾ مخالف سياسي اڳواڻن کي حڪومت طرفان ڦاسي ڏيڻ جو سلسلو هلندڙ آهي ته ٻئي طرف اتي به ڪيتريون انتها پسند تنظيمون ٺهي ويون آهن.

    پاڪستان ۾ وڏو خطرو مذهبي انتها پسندن طرفان، ملڪ ۾ بمن ڦاڙڻ جا واقعا ٿين ٿا، ۽ اتي به ڪيترين انتها پسند مذهبي تنظيمن کي بندش آڻڻ کان پوءِ ٻين ڪيترين انتها پسند مذهبي گروپن جا دهشت گردي ڪرڻ وارا واقعا ٿي رهيا آهن.

    هوڏانهن ڀارت ۾ هندو انتها پسندي زور ٿي ويئي آهي. تازو محرم جي ڏهاڪي ۾ گادي واري شهر دهلي ۾ خود حڪمران جماعت جي ڪيترن اڳواڻن سميت انتهاپسند هندن هڪ گڏجاڻي ۾ اعلان ڪيو ته اهي پنهنجي علاقي ۾ يوم عاشوره تي تابوتن کي گذرڻ نه ڏيندا. بعد ۾ سوين پوليس وارن جي موجودگي جي باوجود تابوتن جو جلوس انهيءَ علائقي مان لنگهي نه سگهيو پر قديم روٽ کي تبديل ڪيو ويو.

    ٻئي طرف گجرات جي هڪ ميونسپلٽي هڪ ٺهراءِ ذريعي شهر ۾ گوشت وڪڻڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي ۽ رياست

    ڇتيس ڳڙه جي ڪيترن ڳوٺن جي پئنچائتن مقامي عيساين کي سرڪاري راشن جي دڪانن تان راشن وٺڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. اتان جي انسان حقن وارين تنظيمن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي علاقي ۾ مقامي عيسائين کي پنهنجو مذهب تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي.

    بهرحال سمورو ڏکڻ ايشيا ۾ مذهبي انتهاپسندي ۾ اظافو اچي رهيو آهي. چيو وڃي ٿو ته مذهبي انتهاپسندي به هڪ قسم جي سياسي جماعت آهي جيڪا جبر، ڏاڍ، طاقت ۽ اڪثريت جي زور تي دهشت پيدا ڪري، اقتداري سياست ۾ پنهنجو حصو وٺڻ پئي چاهي. ڇاڪاڻ ته اهي سڀ جمهوريت ۾ يقين ڪو نه ٿا رکن. ان ڪري سندن طور طريقا غير جمهوري هوندا آهن.

    جمهوريت جي بقا ۽ فروغ لاءِ اهو ضروري آهي ته جمهوريت مخالفت رکندڙ نظرين ۽ تنظيمن کي شڪست ڏني وڃي ۽ مذهبي انتها پسندي کان فرد کي تحفظ ڏيڻ گهرجي.

    ڇاڪاڻ ته ڏکڻ ايشيا سموري غربت، ناخواندگي، بيماري، سيماندگي، جي لحاظ کان دنيا جي بدترين علائقي ۾ اچي ٿو ۽ وڏي ڳالهه ته کيس مذهبي انتهاپسندي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي آهي جنهن سان ڏکڻ ايشيا جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اظافو اچي سگهي ٿو. يقينن ڏکڻ ايشيا جي غربت، بک ۽ افلاسي جو حل مذهبي انتهاپسندي ۾ نه پر فقط ۽ فقط جمهوريت ۾ آهي.

    پاڪستان سان ڀارت کي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ها.

    ڀارتي جنتا پارٽيءَ جي اڳوڻي ليڊر ۾ برک سياستدان رام ڄيٺملاڻيءَ چيو آهي پاڪستان سان ڳالهين جو سلسلو انهيءَ ڳالهه تي منتطع نه ڪرڻ، نه علحدگي پسند ڪشميري اڳواڻن سان پاڪستان جي سفير سان ملاقات ڪئي آهي، ڀارتي حڪومت جو ٻاراڻو فعل هو. هنن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف طرفان ڪشمير تنازعي جي حل لاءِ ڏنل رٿون خوبصورت ۽ مناسب هيون.

    بي بي سي کي برک ڀارتي وڪيل ۽ ڪشمير ڪميٽي جي اڳوڻي سربراه چوڻ ته جنرل پرويز مشرف جون رٿون صحيح ۽ ڪارائيتيون هيون انهن کي ڀارت مڃي ڇڏي ها، ڀارت جو انهن رٿن کي رد ڪرڻ بنا ڪنهن جواز جي هو.

    هڪ سوال جي جواب ۾ ته ڇا اهي تجويزون هاڻ به قابل عمل آهن ته هن وراڻيو ته جيڪڏهن اڄ به انهن تجويزن تي ٻنهي ملڪن جا سياستدان گڏ ٿي ويهن ۽ انهن بابت سنجيدگيءَ سان ڪوغور ڪن ته عمل ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارتي حڪومت کي آئون انهن تجويزن تي غور ڪرڻ لاءِ رضامند ڪري سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته ڀارت ۾ هڪ نئين حڪومت ٺهي آهي ۽ ان ڳالهه تي تيار ڪرڻ لاءِ گهڻي مشڪلات نه اچڻ گهرجي.

    ڇا آمريڪا اهو سنجيدگيءَ سان فيصلو ڪري ورتو آهي، ته اهو ڪنهن به ريت چين کي ڏکڻ ايشيا جي سياست کان پري رکندو. تازو هڪ پرڏيهي اخبار ۾ اها خير واضح لفظن ۾ شايع ٿي ته آمريڪا، انڊيا جي سهڪار سان هندي وڏي سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن ۾ انڊين اوشين رم ايسوسيئيشن جو بلاڪ ٺاهڻ جي تيارين ۾ مشغول آهي ان جو خاڪو تيار ٿيل آهي جنهن ۾ انڊيا ۽ آمريڪا جي شرڪت لازمي رکي وئي آهي ان لاءِ آمريڪا، هر صورت ۾ ڀارت کي ڏکڻ ايشيا جو صوبيدار بنائڻ واري پنهنجي پراڻي پاليسي تي عمل پيرا آهي. ان سموري سياسي ۽ معاشي مسئلي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آمريڪا، چين کي ڏکڻ ايشيا کان پري رکڻ لاءِ روس کي يورپي محاذ کولي ڏنو آهي.

    هوڏانهن وائيس آف آمريڪا جي چوڻ موجب آمريڪا ۾ هن وقت مختلف لابيون ڪم ڪري رهيون آهن جن جو ڪم مختلف طريقن سان هلي رهيو آهي اتي هن وقت بلوچ ڪائونسل آف نارٿ آمريڪا جو صدر ڊاڪٽر واحد بلوچ آهي هو صاحب اتي اهڙا قدم کڻي رهيو آهي، جنهن سان هو اتي پاڪستان جي خلاف ڪم ڪندڙ گروپن کي جواب به ڏئي رهيو آهي. تازو اتي ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي حمايت ۾ هڪ شخص احمد مستي خان، هڪ پوسٽر ڇپرائي پاڻ تي هنيو جنهن ۾ لکيل هو ته وزيراعظم مودي کي بلوچستان جو عوام پيار ڪري ٿو، هن وقت بلوچستان کي توهان جي ضرورت آهي. هن اهو پوسٽر ان وقت هنيو جڏهن ڀارتي وزير اعظم نيويارڪ جو دورو ڪري رهيو هو، ان جي جواب ۾ بلوچ ڪائونسل آف نارٿ آمريڪا پنهنجو پهريون قدم اهو کڻڻ جو فيصلو ڪيو ته اهي ويب پٽيشن داخلا ڪندا، ۽ اها آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ اهو مطالبو ڪندا بي ايل اي ۽ بي آر اي کي دهشت گرد تنظيم قرار ڏنو وڃي جڏهن ته بي سي اين اي جو ٻيو قدم اهو هوندو ته اهي فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر تي پنهنجو هڪ پيج ٺاهيندا، ازانسواءِ بي سي اين اي سمورن بلوچ اڳواڻن کي دعوت ڏني آهي ته اهي بلوچستان جي مسئلي جي حل ۽ بلوچستان جي مسئلن کي نبيرڻ لاءِ پنهنجون مثبت ۽ تعميري رٿون ڏين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    ادا تمام سٺي معلومات شيئر ڪئي اٿو مهرباني
    ادا مسلمانن جا دشمن تمام گهڻا آهن پر پو به اسان مسلمانن ۾ اتحاد ناهي
    اتحاد جي ضرورت آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ها سائين، بلڪل درست
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو