سنڌ ۾ معياري تعليم وارو سوال اصغر سومرو سنڌ ۾ خاص طور تي تعليم جي حوالي سان بحث ڪافي وقت کان هلندڙ آهي، جنهن دوران مختلف قسمن جون تجويزون ۽ رايا به سامهون ايندا رهن ٿا، پر بنيادي ڳالهه حڪومتي سطح تي انهيءَ پائدار ۽ مربوط تعليمي پاليسي ۽ ان تي عمل درآمد جي آهي، جنهن جي اڻهوند سبب سنڌ ۾ تعليم جو معيار انتهائي پست سطح تائين وڃي پهتو آهي. اچو ته ان ڳالهه جو جائزو وٺون ته، حڪومتي سطح تي تعليم جي حوالي سان تاريخي طور ڪهڙو رويو روا رکيو ويو آهي. تاريخي پس منظر ۾ ڏسجي ته، وفاقي حڪومت جو تعليم جي حوالي سان ڪو ڪردار نه رهيو آهي پر اهو شعبو صوبائي حڪومتن جي عملداري هيٺ رهيو آهي. گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ۱۹۳۵ع کان ويندي، ۱۹۶۲ع جي آئين تائين، تعليمي پاليسي، نصاب، رٿابندي توڙي فنڊز جي فراهمي ۽ انتظام صوبائي حڪومتن جي ذميواري رهيو آهي. ان کان پوءِ اهو پهريون ڀيرو ٿيو، جو تعليمي پاليسي، نصاب توڙي رٿابنديءَ وارا معاملا ۷۳ع جي آئين جي ڪنڪرنٽ لسٽ ۾ رکيا ويا ۽ ان وقت اهو واعدو ڪيو ويو هو ته، اها ڪنڪرنٽ لسٽ ۱۰ سالن جي عرصي ۾ ختم ڪئي ويندي پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ ائين ورهين مٿان ورهيه گذرندا ويا، نتيجي ۾ خاص طور تي ننڍن صوبن ۾ احساسِ محرومي وڌيڪ تيز ٿيندي وئي. هاڻي جڏهن ۱۸ هين ترميم هيٺ تعليم جو شعبو صوبائي حڪومتن حوالي ڪيو ويو آهي، ته اها نه رڳو هڪ وڏي ڪاميابي پر انهيءَ تاريخي غلطيءَ جي دُرستگي پڻ آهي پر ان هوندي به ڪي ڌريون پنهنجن خَسيس مفادن لاءِ انهيءَ عمل آڏو روڙا اٽڪائي رهيون آهن، جيڪڏهن ائين ٿيو، ته پوءِ صوبن ۽ وفاق وچ ۾ موجود وڇوٽيون ۽ بداعتمادي اڃا وڌيڪ گهري ۽ وسيع ٿيندي، تنهنڪري اها صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ته، اهي پنهنجي آئيني حق جي تحفظ لاءِ اڳيان اچن ۽ تعليمي شعبي ۾ وڌ کان وڌ سڌارا آڻين. جيتري قدر تعليم سڀني جو حق آهي، واري نعري جو تعلق آهي، ته تعليم کي هر انسان جو بنيادي حق بڻائڻ تيستائين ممڪن نه هوندو، جيستائين ان تي سنجيدگيءَ سان عمل درآمد کي يقيني نه بڻايو ويندو. هن سموري صورتحال کي سمجهڻ لاءِ اسان کي ٽن بنيادي نقطن جو جائزو وٺڻو پوندو، جن ۾ وسيلا، داخلا ۽ معيار شامل آهن. سنڌ حڪومت پنهنجي صوبائي بجيٽ جو اٽڪل ۲۱ سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪري ٿي، مالي سال ۲۰۱۳-۱۴ جي بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت پنهنجي ۶۱۷ ارب رپين جي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ ۱۱۸ ارب رپيا مختص ڪيا آهن، سنڌ حڪومت جي انگن اکرن موجب سنڌ ۾ پرائمري، ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن جو مجموعي انگ ۵۰ هزار ۴۹۴ آهي، جن ۾ رجسٽرڊ شاگردن جو انگ ۴ڏهائي ۳۳ ملين ٻڌايو پيو وڃي. انهن مان ۹۱ سيڪڙو اسڪول پرائمري آهن، جن تي تعليم جي بجيٽ جو ۷۳ سيڪڙو خرچ ٿئي ٿو. سنڌ حڪومت هر سال پرائمري جي في شاگرد جي حساب سان ۱۴ هزار ۲۴۲، جڏهن ته سيڪنڊري جي شاگرد مٿان ۱۳ هزار ۱۵۴ رپيا خرچ ڪري ٿي. هاڻي جيتري انگ ۾ شاگرد اسڪولن ۾ رجسٽرڊ آهن، لڳ ڀڳ اوترو ئي انگ اڻ رجسٽر آهي، هاڻي جيڪڏهن حڪومت انهن ٻارن کي به اسڪول آڻڻ چاهي ٿي، ته ان کي نوان اسڪول کولڻا پوندا، اضافي استاد ڀرتي ڪرڻا پوندا ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيا خرچ ڪرڻا پوندا. ان حساب سان ڏسجي ته، ۲۰۱۷ع تائين اسڪولن ۾ ۱۰۰ سيڪڙو شاگردن جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ۱۰۰ سيڪڙو بجيٽ ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، ائين ڪرڻ سان صوبائي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ مختص رقم جي شرح ۴۰ سيڪڙو تائين وڃي بيهندي، موجود وسيلن جي مد ۾ ڏسجي ته، ائين ٿيندي ممڪن نظر نٿو اچي. سنڌ حڪومت جيئن ته پنهنجي سر ۱۰۰ سيڪڙو انرولمينٽ جو حدف حاصل نٿي ڪري سگهي، تنهنڪري ان کي پرائيويٽ سيڪٽر ۽ عالمي ڊونر ادارن کان مدد وٺڻي پوندي ۽ ان ڏس ۾ حڪومت کي واضح پاليسي مرتب ڪرڻي پوندي. هن وقت تائين حڪومت وٽ سواءِ ۲۰۱۰ع جي ايڪٽ کان سواءِ ڪابه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي پاليسي ڪانهي، اهو ايڪٽ به تعليم جي شعبي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ناڪافي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو سڄو زور گهڻي ڀاڱي انفرا اسٽرڪچر تي آهي، مثال طور ميرپور خاص کان حيدرآباد روڊ وغيره، تنهنڪري انهيءَ ايڪٽ ۾ ترميم ڪري تعليمدانن ۽ ماهرن جي صلاح سان سروسز کي شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن پائيدار ۽ مستقل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو بنياد رکي سگهجي. ٻيو مسئلو معياري تعليم جي فراهميءَ جو به آهي، جيڪڏهن ان ڏس ۾ سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي مرتب ڪيل رپورٽن جو جائزو وٺجي، ته ڏندين آڱريون اچي وينديون پر ان حوالي سان مثبت ڳالهه اها آهي ته، تعليمي معيار جي پستيءَ جو حڪومتي سطح تي ادراڪ موجود آهي، تازو ئي حڪومت پاران ساڍا ۳ هزار سرڪاري اسڪولن جي هڪ لک کان وڌيڪ شاگردن جي تعليمي معيار جاچڻ لاءِ اڀياس ڪرايو ويو، اها ٽيسٽ آءِ بي اي سکر پاران ڪرائي وئي، جن ۾ شاگردن کان انگريزي، اردو، سنڌي، مئٿميٽڪس ۽ سائنس جي ٽيسٽ ورتي وئي. انهيءَ اڀياس جي نتيجي ۾ ان ڳالهه جي تصديق ٿي ته، اسان وٽ تعليم جو معيار انتهائي پست درجي تائين پهچي چڪو آهي. نتيجي موجب مجموعي طور شاگردن ۲۲ سيڪڙو نمبر کنيا، جن مان ۳۲ سيڪڙو ٻولين جي مضمون، ۱۹ سيڪڙو سائنس ۽ ۱۵ سيڪڙو مئٿميٽڪس ۾ کنيا. ريجن جي حساب سان ڪراچيءَ ۾ شاگردن سڀ کان وڌيڪ ۳۲ سيڪڙو نمبر کنيا، پوءِ حيدرآباد ۲۰ سيڪڙو، ميرپورخاص ۽ سکر ۱۹ سيڪڙو ۽ لاڙڪاڻي ۾ سڀ کان گهٽ ۱۵ سيڪڙو نمبر کنيا ويا. ان حساب سان سرڪاري اسڪولن ۾ معياري تعليم جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ٻئي پاسي صورتحال اها آهي ته، اسان وٽ ۹۵ سيڪڙو کان وڌيڪ ڪواليفائيڊ استاد آهن، جنهن جو مطلب ته هنن جا مختلف ڪورس ٿيل آهن پر ان هوندي به شاگردن کي سکيا ڏيڻ جي حوالي سان صورتحال بدترين آهي، ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، يا ته استاد بهتر نموني سان پنهنجون ڊيوٽيون نٿا ڪن يا منجهن صلاحيتن جي کوٽ آهي، جيڪو به سبب هجي پر شاگردن کي معياري تعليم جي فراهمي وارو مقصد پورو نه پيو ٿئي. اهڙي عالم ۾ ظاهر آهي ته، سرڪاري اسڪولن مان پڙهي نڪتل شاگرد هن سخت مقابلي بازيءَ واري فضا ۾ ڪهڙيءَ ريت پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهن ٿا ۽ پوءِ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ يا نه پڙهندڙ ٻارن وچ ۾ ڪهڙو فرق رهجي ويندو؟ خواندگيءَ جي شرح کي ۱۰۰ سيڪڙو تائين پهچائڻ کان ويندي، معياري تعليم جي فراهميءَ تائين وارا چئلينجز ظاهر آهي ته، حڪومت اڪيلي سر پورا نٿي ڪري سگهي پر مسئلو اهو آهي ته، ان ڏس ۾ جيڪي ديرپا ۽ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ جيڪي پاليسيون مرتب ڪري، ان تي عملدرآمد ڪرڻ جي گهرج آهي، حڪومت کي ان ڏس ۾ سنجيدگيءَ سان قدم کڻڻ گهرجن ۽ خانگي شعبي کان پڻ سهڪار ورتو وڃي، ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل تعليم جي زيور کان محروم نه رهجي وڃي.
تمام بهترين تحرير آهي سنڌ ۾ واقعن تعليم ادارن جو عدد گهٽ ۽ آهي ان ڪري نوان ادارا تعمير ڪرايا وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ سنڌ وارا تعليم کان فائدو حاصل ڪري سگهن