سوال بڻيل سنڌ جي تعليم جي تباهي! مير حسن ملزم شر چوندا آهن ته سچ ڪڙو ضرور آهي، پر ان جي تاثير ايتري ته وڻندڙ ۽ دلفريب آهي جو صدين تائين ماڻهو ان کي ڀلائي نه سگهندا آهن. انهيءَ حوالي سان تاريخ شاهد آهي ته 350 قبل مئسيج ۾ سنڌ علم ۽ هنر جي حوالي سان دنيا ڀر ۾ پهرئين نمبر تي هئي. اُمين ۽ عباسين جي دور ۾ سنڌي عالم انهن جي مڃيل مدرسن ۽ درسگاهن ۾ استاد جا فرائض سرانجام ڏيندا هئا، هينئر به سنڌ جا ماڻهو سياڻپ، ڏاهپ، علمي قابليت جي حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اسان ڪتابن ۽ تاريخ جي ورقن ۾ پڙهيو آهي ۽ ذاتي مشاهدو به ڪيو آهي. تعليمي ڪانفرنسون علمي ادبي ميڙاڪا، اخباري خبرون ۽ ڪالم نگاري جي احساساتن ۾ انمول تجزيه ۽ تجربا به گذريا آهن، پر افسوس جو اڄ تائين تعليم جي تباهيءَ جي ڏوهه ۾ ڪنهن کي ڏوهاري قرار ڏئي سزاوار نه ٺهرايو ويو آهي، جيئن ته تعليم جي تباهي بابت اسيمبلين ۾ بحث مباحثا ٿيندا رهن ٿا، ان حقيقت کي لڪائي سُر سان سُر ملائي ها ها سان گڏ واهه واهه ڪئي وڃي ٿي. ان سڄي صورتحال کان عوام کي بي خبر رکيو وڃي ٿو. انهيءَ کان علاوه ميديا ۾ ڪنهن جي به خلاف ڪا خبر ڇپجي ٿي ته عقل کان وانجهيل ماڻهو لاءِ ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا آهن. اهو به ڏٺو ويو آهي ته هٿ ٺوڪين دانشورن کان اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ تعليم تي بحث مباحثا ڪرائي، تذليل سان ڀريل تير اڇلائي نتيجن کانسواءِ پروگرام جو اختتام ڪري ڇڏيندا آهن. ڪي وري تعليم جي تباهي جو ذميوار استاد کي قرار ڏئي پنهنجي علمي قابليت جا جوهر ڏيکاريندا آهن. ائين محسوس ٿيندو آهي، جهڙوڪ تعليم جي تباهي جو مسئلو مذاق بڻيل هجي. هتي مان سنڌ جي دانشورن ۽ علم جي اڪابرن سان مخاطب نه آهيان، مان صرف مون جهڙن ننڍڙن ماڻهن سان مخاطب آهيان، جن کي عام ٻوليءَ ۾ سنڌي عوام چيو ويندو آهي. اهڙن ماڻهن جي خلاف به ڪونه ٿو لکان، جيڪي ٻاهرين دنيا ۾ ان تعليم جي نالي تي پئسن جا انبار ڪٺا ڪري، هتي نوان نظام ۽ نوان نصاب نوان طور طريقا کڻي ايندا آهن. چند سال اندر پئسا ختم، سسٽم نا پائدار ۽ فرسوده قرار ڏئي، ڪَن بند ڪري ويهي رهندا آهن، ائين سڄي معاشري کي بي وقوف بنائي، تعليم کي ساڳي پراڻي سسٽم تي هلائڻ ۾ راضي رهندا آهن. تعليم جي تباهيءَ جي حوالي سان انهيءَ جا ذميوار استاد به آهن، پر ايترو نه جيترو ٻيا آهن. جهڙي ريت والدين، اسڪول مئنيجمينٽ، تعليم جي محڪمي جا آفيسر، تعليمي پاليسيون جوڙيندڙ ڏاها، اين جي اووز، استاد تنظيمون، سول سوسائٽي، سرڪار. ۱. والدين معاشري جو بهترين فرد اهو ثابت ٿيندو آهي، جنهن کي بهترين تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي آهي. انهيءَ اصول تي جن جن والدين عمل ڪيو، انهن جا ٻار مستقبل جا معمار بڻجي سگهن ٿا. سٺي تعليم ۽ سٺي تربيت ٻار کي سٺو شهري بڻائيندي آهي، ورنه ٻار لوفر، لچ ۽ آواره بڻجيو وڃي، جن والدين پنهنجن ٻارن کي معياري تعليم نه ڏني، اهي ٻارن جي احساس ۽ ارمانن جا قاتل آهن. هتي ٻارن جي تعليم جي حوالي سان، والدين کي ٽن طبقن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. وڏا ماڻهو، وچولي طبقي وارا ۽ غريب ماڻهو. ۲. وڏا ماڻهو هي پنهنجن ٻارن کي تمام مهانگن ادارن ۾ ڳريون فيون ڀري پڙهائين ٿا. هي گورنمينٽ ادارن ۾ پنهنجن ٻارن کي پڙهائڻ ۾ عيب سمجهندا آهن. ۳. وچولي طبقي وارا ماڻهو هي پنهنجن ٻارن کي پرائيويٽ ادارن ۾ ميٽرڪ تائين پڙهائي، پوءِ ڪنهن به ڪاليج ۾ داخلا وٺي، سٺن استادن کان ٽيوشنون ڏيارين ٿا. هي به پنهنجن ٻارن کي گورنمينٽ ادارن ۾ پڙهائڻ برو محسوس ڪن ٿا. ۴. غريب طبقي جا ماڻهو هي غريب ۽ لاشعور رهڻ ڪري، ٻارن کي گورنمينٽ ادارن ۾ ڇڏي، پوءِ لاپرواهه ٿي ويندا آهن. هنن ۾ اڪثر عجيب عادتون هجن ٿيون، جن کان هنن کي فرصت ئي ناهي هوندي، جيئن هوٽلن تي فضول ويهڻ، ڍڳن جي ڊوڙ ۽ ڪڪڙن جي ميلن تي وقت جو زيان ڪرڻ، مال چارائڻ ۽ ٻني جو ڪم به ٻارن کان وٺندا آهن. انهي هوندي به هنن جا 10 سيڪڙو ٻار ذهين هجن ٿا، جيڪي خداداد صلاحتن جا مالڪ هئڻ ڪري، تعليم سٺن نمبرن ۾ مڪمل ڪن ٿا. هنن غريب ماڻهن جي اڪثريت جي اِها مرضي هوندي آهي ته هنن جي ٻارن کي رڳو سرٽيفڪيٽ ملي وڃي. ڇا هي معاشري کان سوال نه آهي. وقت جي تقاضائن مطابق هنن ۾ تبديلي اچڻ ضروري آهي. ۵. اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽي ايس ايم سي هي ڪاميٽي تعليم جي لاءِ جوڙي وئي آهي. هن کان اڳ تعليم جي بهتريءَ جي لاءِ پي ٽي اي يعني پئرنٽس، ٽيچر ايسوسيئيشن ٺاهي وئي هئي، پر هاڻي ان ڪاميٽي کي ايس ايم سي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ايس ايم سي جي لاءِ جيڪي قاعدا ۽ قانون ٺاهيا ويا هئا، هينئر انهن جي تمام وڏي پئماني تي لتاڙ ڪئي پئي وڃي. ايم سي جي فنڊن ۾ وڏيون گهوٻيون لڳايون پيون وڃن. هيٺين کان وٺي بالا عملدار، انهن گهوٻين ۾ ملوث آهن. تعليم جي بهتري ته پنهنجي جاءِ تي، اهي سڀئي عناصر تعليم جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ رڌل آهن. انهيءَ عمل ۾ سياستدانن جي تمام گهڻي مداخلت رهي آهي، انهن جي آشيرواد تي آفيسر، استاد ڳوٺاڻو چيئرمين مليل آهن. اسڪول نه ايندڙ استادن ۽ ٻارن کان پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي. ڪوبه فرد پنهنجي ڊيوٽي ايماندارانه طور تي نڀائڻ لاءِ تيار نه آهي. ڇو؟ هي به هڪ سوال آهي. اگر هن ڪاميٽي جي سياسي سليڪشن نه پر ايماندارنه طور تي اليڪشن ڪئي وڃي ته تعليم جو معيار بهتر ٿي سگهي ٿو. ۶. محڪمي جا آفيسر تعليم جي هيڏي وڏي تباهي تي ڪنهن جي به نظر نه آهي. هرڪو اکيون بند ڪري روحاني طور تي تماشو ڏسڻ ۾ پورو آهي. آفيسر صاحبان جا پروموشن ڪيئن ٿيندا پيا اچن. آيا تعليم لحاظ کان هنن جي ڪارڪردگي کي ڏٺو به وڃي ٿو يا نه. ڪيئن 16هين گريڊ جي افيسر کي 18/17 گريڊ جي پوسٽ تي رکيو وڃي ٿو. ڪهڙن ڪهڙن سياسي ماڻهن جو هنن کي آشيرواد مليل هوندو آهي. ڇا سروس دوران اِهي سٺا استاد رهيا آهن، هنن جن ڪارڪردگيءَ جون اي سي آر ڪنهن ڀريون آهن. اهڙن آفيسرن کي صرف ۽ صرف ڪرپشن لاءِ باءِ پاس ڪري اهم عهدن تي مقرر ڪيو وڃي ٿو. اهو به ڪير ڪو نه ٿو ڏسي ته هنن آفيسرن کان ڪوڙا آرڊر ڪير ٿو ڪرائي، جن جن ماڻهن کي هنن تعليم کاتي ۾ آرڊر ڏنا آهن، سي هنن کي الله واٽ ڏنا آهن؟ اهليت جي بنا تي ڏنا آهن؟ يا لکين روپيه وٺي پوءِ ڏنا آهن. ايڏي وڏي ڪرپشن جا سالن کان وٺي هلندي پئي اچي، اڄ تائين ڪنهن کي سزا ڇو نه ملي آهي؟ هيءَ به هڪ سوال آهي، اگر انهيءَ سسٽم کي ٻنجو ڏنو ويو ته تعليم جو معيار بهتر ٿي سگهي ٿو. ۷. تعليمي پاليسيون جوڙيندڙ ڏاها حڪومت، ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ وقتاً بوقتاً پاليسيون جوڙيندي رهندي آهي يا ته وري پاليسيون ٻين ملڪن کان خريد ڪري، اسيمبلين ۾ نماءُ ڪري وري انهيءَ کي ختم ڪيو وڃي ٿو. انهن پاليسين تي لکين بلڪه ڪروڙين جي بجيٽ به رکي ويندي آهي. جڏهن تعليمي پاليسي تي عمل نٿو ٿئي، پوءِ اها بجيٽ ڪيڏانهن وڃي ٿي؟ تعليمي پاليسي جو بوڪ ليٽ ادارن تائين پهچي به ٿو يا نه، ان تي عمل ٿئي ٿو يا نه، اهو به هڪ سوال آهي. تعليم جي تباهي جو هيءَ به هڪ سبب آهي. ۸. اين جي اوز اسان جي سنڌ ۾ کوڙ ساريون اين جي اوز تعليم جي واڌاري جي لاءِ سالن کان ڪم ڪري رهيون آهن، جنهن ۾ استادن کي تعليم جي ميدان ۾ ماهر بنائڻ، نوان طريقا سيکارڻ، نين مهارتن جي ذريعي تعليم کي اثرائتو بنائڻ، وغيره شامل آهي، پر بدقسمتي سان ان جو نتيجو ذرو به ناهي مليو. اربين روپيه کائجي کپائجي ويا، پر استادن ۾ تبديلي نه آئي، ڪيترين اين جي اوز اربين روپيه تعليم جي نانءَ تي اڏاري ڇڏيا، پر تعليم جي تبديلي جي ڪا توقع ئي ناهي. انهيءَ جو قصور وار ڪنهن کي ٺهرائجي. اهو به هڪ سوال آهي. هيترا پئسا ائين کاڄي وڃن ۽ اڃا کائجن پيا. هينئر جيڪو نئون نظام آندو پيو وڃي، اها به هڪ تعليم جي تباهي جي ڪڙي آهي. ۹. استاد تنظيمون حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ڪا به تنظيم جڙندي آهي ته ان جا مول متا، اصول وغيره سماجي ڀلائي جي لاءِ جوڙيا ويندا آهن، پر هتي استاد تنظيمون استادن جي حقن لاءِ جاکوڙڻ جي بجاءِ استادن کي بيجا سهولتون ڏئي، تعليم جي ستياناس ڪئي وئي آهي. اڄ جيڪي قدم تعليم جي بهتري جي لاءِ ڪن ناپسنيده قوتن کنيو آهي، اهو ڪم ان تنظيمن کي کڻڻ گهرجي ها، ڪم نه ڪندڙ استادن کي جوڳيون سزائون ڏيارين ها، نوڪري ڪرڻ لاءِ جيڪي قاعدا قانون ٺاهيل آهن، انهن جي لتاڙ نه ڪن ها، تعليم جي بهتري جي لاءِ ڪم چور ۽ گوسڙو استادن کي عوام جي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهارين ها، پر ٿيو ائين جو استاد جي ناتي انهن جي ڏوهن جي پرده پوشي ڪئي وئي، اهو تنظيمن جو ڏوهه آهي. ۱۰. سول سوسائٽي هن سوسائٽي ۾، مدبر، بي باڪ ڏاها، ماڻهو هوندا آهن. هنن جي ملڪ ۾ ٿيندڙ هر قسم جي ڪرپشن، بدامني، ظلم ۽ زيادتي تي گهري نظر هوندي آهي، پر مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن سوسائٽي به تعليم جي تباهيءَ جي حوالي سان ڪوبه معياري قدم ناهي کنيو، ورنه تعليم جهڙي مقدس اداري سان ههڙو انياءَ نه ٿئي ها. اسان ڏٺو آهي ته حڪومتي معاملا هجن يا سماج ۾ اڻبرابري سبب ڪا واويلا ٿئي، انهيءَ ۾ سول سوسائٽي وڏو پنهنجو رول ادا ڪندي رهي آهي. هي گوسڙو استادن جو ارڏايون، استادن جو اخباري نمائندا ٿيڻ، طبقاتي لحاظ کان تعليم جي تباهي ڪرڻ، حڪومت جي غير ذميوارانه روش، غير اصولي ڀرتيون، تعليم تي توجه نه ڏيڻ، فرسوده، ناپائدار نظام آڻي، تعليم جي تباهي ڪرڻ، انهيءَ لاءِ اگر سول سوسائٽي خاموش آهي ته پوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو ته اسان سمورا سنڌي مرده ضمير آهيون. هنن جي خاموشي به تعليم جي تباهي جو وڏو ڪارڻ آهي. ڇا اها تنظيمن جي عهديدارن کي خبر نه آهي ته اڄ جيڪي اخبارن جا نمائندا ٿيو ويٺا آهن، انهن ۾ اڪثريت استادن جي آهي، جن جن نمائندي ٿيڻ کانپوءِ اسڪول جو منهن ئي ناهي ڏٺو. بليڪ ميلنگ، ڀتاخوري ڪري معاشري ۾ جيڪا استاد جي تذليل ٿئي پئي، انهيءَ جو هنن کي اندازو ئي ڪونهي. حيران آهيون ته هنن کي ڊيوٽي ڏيڻ کانسواءِ پگهارون ڪيئن ٿيون ملن! هيءَ به هڪ سوال آهي. خاص ڪري مائي تعليم وري اهڙن ادارن جي سربراهن جي حوالي ڪئي پئي وڃي، جن پنهنجا محڪما خطرناڪ حد تائين براين جي ور چاڙهيا آهن، انهن کي تعليمي ادارن جو رکوالو بنايو پيو وڃي. ڪاش قانون ٺاهيندڙ انهن جي ڪرتوتن تي هڪ نظر وجهي، پوءِ ضمير جو فيصلو ڪن ها ته بچيل تعليم ڪجهه وقت تائين زنده رهي سگهي ها. ۱۱. سرڪار هونئن ته سرڪار جي هر معاملي تي نظر هوندي آهي. معاشرتي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهندي آهي. لاڀائتن عملن وسيلي، عوام جي سک، چين لاءِ هر وقت پريشان رهندي آهي. سرڪار کانسواءِ ڪو بدنصيب هجي، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن ڪا پنڪي نصيب ٿيندي هجي، باقي عيش عشرت عموماً سرڪار جي ڪارندن جي لاءِ هوندي آهي، چيو ويو دنيا ۾ ”لٽريسي ريٽ“ سڀ کان گهٽ پاڪستان جو آهي. پاڪستان سرڪار جو ڪنڌ جهڪي پيو. ڪامورا شاهي ضمير جي لعنت کان ڪنڌ جهڪائي نعرو هنيو ته اهو اسان جو ڏائي هٿ جو کيل آهي، پوءِ ڪوڙي قسم نامي تي نائين ۽ ڏهين درجي جا گڏ فارم ڀرائي امتحان ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي. لکن جي تعداد ۾ اڻپڙهيلن جا قسم نامي تحت فارم ڀريا ويا. فوٽو هڪڙن جا هنيا ته وري امتحان ٻين کان ڏياريا ويا. اڻ پڙهيل لکن جي تعداد ۾ پاس ٿي ويا. سرٽيفڪيٽن جا مينهن وسي پيا. ”لٽريسي ريٽ“ ذريعي گهٽ دنيا جي ڀيٽ ۾ پورو ٿي ويو، انهن اڻپڙهيل ماڻهن کي تعليم کاتي ۾ کپايو ويو، جيڪي بچيا انهن کي پوليس کاتي ۽ ٻين کاتن ۾ نوڪريون ڏنيون ويون، انهيءَ ڪري جو سڀ جا سڀ وڏيرن ۽ سياسي ڪارندن جا ماڻهو هئا. هن هيڏي وڏي انياءَ سبب هزارين هوشيار تعليم يافته ماڻهن کي بيروزگار بنايو ويو، ائين تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ميرٽ جي اصول جي لتاڙ ڪئي وئي، هيءَ به هڪ سبب آهي.
ادا انهن وٽ تمام گهڻو پيسو آهي ان ڪر گورمينٽ جي ادارن ۾ پنجنجي ٻارن کي پهڙهائڻ کي عار سمجهندا آهن ٻيو ته اُتي تعليم به تباه آهي باقي سنڌ قبل از مسيح تعليم ۾ مشهور هوئي ڪاش جي اسان جا نمائندا ۽ حڪومت ان تي سنجيدگي سان نظر وجهن وري به سنڌ دنيا ۾ روشن ٿي سگهي ٿي