• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ديس جا او واسي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
سنڌ ديس جا او واسي

sindh.jpg
 
ادا پنهنجي خوبصورت شاعري کي هن روپ ۾ ڏسي سائين نثار جن به ضرور خوش ٿيندا
 
مهرباني ادا مگسي

مُنهنجي شاعري سنڌ ديس جا او واسي جي تصويري شڪل ڏسي تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي، توهان دوستن جون مهربانيون آهن جو مونکي همٿايو ٿا، ادا عبدالوهاب لکيو آهي شاعري بهترين آهي پر مُنجهيل آهي، ادا سُٽ مُنجهيل آهن ٻڌو اٿئون ، پر اڄ توهان مُنهنجي شاعريءَ کي مُنجهيل چئي هڪ نئين ۽ نڪور معنى ڏني آهي، انهيءَ مُنجهيل واري حوالي سان ٿوري وضاحت ڪئي وڃي ته مون واري شاعريءَ ڪهڙي هنڌ کان وٽ کائي مُنجهي پئي آهي ته ڪوشش ڪري اها وٽ سڌي ڪري ڇڏيان، ان کان علاوه ادا منتظم اعلى چيو آهي ته سائين نثار ناز پنهنجي هن شاعريءَ جي تصويري شڪل ڏسي خوش ٿيندو، يقينن مونکي خوشي ته ضرور ٿيندي جو مان ٽي درجي وارو شاعر جنهن کي ادا رشيد سمون، ادا علي علي، ادا نثار ابڙو، ادا وحيد ڦلپوٽو ۽ ادا سُلطان کان سواءِ ڪير سُڃاڻي ئي ڪونه ٻي معنى ۾ ائين سمجهيو وڃي ته جنهن جو نالو پاٽ تي ئي نه هُجي ان جي ڪچي ڦِڪي شاعري جا ڀاڳ جاڳائي ان شاعريءَ جا ٽيمپليٽ بنائي دنيا جي سمورن سنڌين سان شيئر ڪيو وڃي ته مون وٽ خوشيءَ کان سواءِ ٻي ڪا واٽ ئي ڪانه ٿي بچي. ادا مگسي توهان جا لک لائق ۽ وڏا وڙ جو توهان محنت ڪري مُنهنجو ۽ مُنهنجي شاعريءَ جو مان مٿاهون ڪيو. اهي ٿورا لاهي ته ڪونه سگهبا پر ڳائبا ضرور پيا.
 
لاجواب شاعري سائن نثار ناز صاحب جي ۽ وري مٿان ادا مگسي جي ڊزائين ڪيل پو۽ سائين ڇا ڳالهه ڪجي
بس ايترو چئي سگهجي ٿو ته سبحان الله
 
Back
Top