• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سَسُئِي حُسَينِي ٻَڌَو ڪَنهِن ٻَنڌَاڻِ، هِنئَڙَو هَوتَاڻِيءَ سِين

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10806438_10205002063909516_2363979722057739097_n.jpg


ٻَڌَو ڪَنهِن ٻَنڌَاڻِ، هِنئَڙَو هَوتَاڻِيءَ سِين
ڪَا جَا پِيَسِ ڪَاڻِ، نِبَيرِيَانسِ نَه نِبِرَي


سُرُ حُسيني (سسئي)

ٻَنڌَاڻ = ٻنڌڻ, وَرُ، ڳنڍ، commitment
هنئَڙَو = دل، مَنُ
هَوتَاڻيءَ = پنهونءَ سان - هوت بلوچ قوم جي سردار جو لقب آهي. ڀٽائيءَ ڄام پنهونءَ کي رسالي ۾ ڪٿي "آري" ڪٿي " هوت" سڏيو آهي.
ڪَاڻ = پيچ، لَنئُون
نبَيريَانس = ڇنڻ جي ڪيانس

بيت جو پس منظر

~ سسئي ٿي چئي ته منهنجو مَنُ پنهونءَ سان ايئين اٽڪيل, ڳنڍيل ۽ جڙيل آهي جيئن ڪنهن ٻنڌڻ ۾ ٻڌي ڇڏيو هجي.

~ ان ٻنڌڻ ۾ ڪو اهڙو پيچ ۽ وَرُ ڏنل آهي جَو جَي ڇنڻ جي به ڪيان ٿي ته ڇڄي ئي نٿو.

سمجهاڻي

محبوب سان محبت جون ميخون ۽ پريت جا پيچ هيڪر جڏهن جڙجي ۽ اڙجي ٿا وڃن ته پوءِ ڇنڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ڀلي دنيا دشمن ٿي بيهي پر ڪابه ڌمڪي، دڙڪو، دهمان ۽ داٻو دل تي اثر ناهي ڪندو. محبوب نه رڳو دل ۽ اکين ۾ جايون جوڙي ٿو ويهي پر جسم جي انگ انگ، وار وار، نس نس ۽ ساهه ساهه ۾ سمايل هجي ٿو.محبوب سوا رهڻ نه رڳو مشڪل آهي پر ناممڪن به آهي.

محبوب وطن به ٿي سگهي ٿو، وطن جا ماڻهون به ٿي سگهن ٿا. وطن جي ٻولي، ثقافت، تهذيب، تاريخ، تمدن ۽ غلاميءَ کان آزادي ۽ آجپو به محبوب ٿيسگهي ٿو. اها commitment حاصل ڪرڻ لاءِ سر گهورڻا به پون ٿا.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top