سائيڪلن جي لاءِ ماحول دوست رستو ٺاهڻ جي سلسلي ۾ حيران ڪندڙ ايجادون سامهون اچن پيون. رات جو چمڪندڙ ، سيري ۾ گرم رهندڙ، بجلي پيدا ڪندڙ رستا ڪاربن جي اخراج ۾ گھٽتائي جو سبب به آهن.
ڊوئچي ويلي جي هڪ دلچسپ رپورٽ مطابق هائلينڊ ۾ هن وقت سائيڪلن جو تعداد اتي جي شهرين جي تعداد کان به وڌيڪ آهي ۽ ان جي مقبوليت ۾ ڏينهو ڏينهن واڌارو پيو اچي . حڪومت جي به ڪوشش آهي ته ماڻهون گاڏين بجاءِ سائيڪلن تي سفر ڪن تاڪه ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ جي اخراج ۾ گھٽتائي ٿئي. هائلينڊ ۾ سائيڪلسٽ يونين سان تعلق رکندڙ مارٽن فان ايس جو چوڻ آهي ته سائيڪلنگ جي وڌندڙ رجحان، پاليسي سازن ۽ انجنيئرن جي ڪري ملڪ ۾ ماحول دوست ۽ ونٽر پروف سائيڪل ٽريڪ ٺاهيا پيا وڃن. ان مطابق سائيڪلنگ جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ايجادون ان جي ملڪ ۾ ئي ٿين پيون.
چمڪندڙ رستا
اهڙي طرح هڪ نئين ايجاد “فان گوفي روسگارڊا” نالي سائيڪل ٽريڪ آهي، جيڪو رات جو چمڪي ٿو. اهڙي هڪ رستي جو افتتاح گذريل مهيني ڪيو ويو آهي. هن رستي تي اهڙا پٿر لڳايا ويا آهن، جيڪي سج جي روشني سان چارج ٿين ٿا ۽ رات جو روشن ٿين ٿا. هن رستي جو نالو مشهور مصور “فان گوفي روسگارڊا” جي نالي سان رکيو ويو آهي. ان جي هڪ پينٽنگ سٽيري نائٽ (تارن ڀري رات) ۾ اهڙي قسم جي هڪ رستي جي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي. “فان گوفي روسگارڊا” هڪ سئو پنجويهه سال پهرين وفات ڪري ويو پر ان جون يادون هن چمڪندڙ رستي سان زنده ڪيون ويون آهن.
سڄي رات چمڪڻ لاءِ انهن پٿرن کي ٿوري بجلي جي به ضرورت پوي ٿي پر انجنيئرن جون چوڻ آهي ته اهي جلد ئي اهڙا پٿر به ٿيار ڪندا جيڪي سڄي رات بغير بجلي جي ٻرندا رهندا.
سولر انرجي سائيڪل روڊ
هائلينڊ جي حڪومت 2050ع تائين پنهنجي ملڪ ۾ ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ جي اخراج 80 کان 95 سيڪڙو گھٽ ڪرڻ جو هدف قائم ڪري رکيو آهي. هائلينڊ ۾ ماحولياتي جانچ جونچ جي ايجنسي پي.بي.ايل مطابق ان ڪري وڌ کان وڌ ايجادون سامهون اچن پيون. هن ايجنسي جي سربراهه مارٽن حاجر جو چوڻ آهي ته هر بلديه ٻئي کان بهتر ڪارگردگي جو مظاهرو ڪرڻ گھري ٿي.
اهڙي طرح هائلينڊ جي ڏکڻ ۾ دنيا جو پهريون انرجي سائيڪل روڊ ٺاهيو ويو آهي. هي روڊ ڪرسٽل سيليڪان سولر سيلز سان تعمير ڪيل آهي، جنهن جي مٿيان شيشي نما ڪوٽنگ ڪئي وئي آهي. هي رستو گرين بجلي پيدا ڪري ٿو. ذريعن مطابق ان کان پوءِ اهڙا ئي روڊ بسن ۽ ڪارن جي لاءِ ٺاهي سگھجن ٿا. مارٽن حاجر چوي ٿو ته هن رستي مان گھڻي بجلي ته پيدا نٿي ٿئي پر هي بهتري طرف هڪ قدم ضرور آهي.
سياري ۾ گرم رستا
اهڙي طرح حيران ڪندڙ اهو سائيڪلنگ رستو آهي، جيڪو هائلينڊ جي صوبي گيلڊر لينڊ ۾ ٺهيل آهي. هي رستو سياري جي موسم ۾ برف پگھارڻ جي صلاحيت رکي ٿو. “هيٽيڊ بائيڪ لائين” نالي هن رستي جي ڊيزائنر “جاب فان روئيڪل” جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن رستي جو گرمي پد چار کان پنج سينٽي گريڊ تائين رکيو وڃي ته ان تي برف نه بيهندي. هو چوي ٿو ته هي رستي کي گرم رکڻ وارو نظام هڪ ننڍي سولر پينل سان هلايو وڃي ٿو.