مڪي پاڪ ڏانهن سفر دوران منهنجي موبائل اين 95 جي ڪيمرا مان ورتل ڪجه تصويرون __________2.jpg.html[/url]
جواب: مڪي پاڪ جو سفر1 دوست! طاهر اوهانجي مهرباني جو اوهان مڪي پاڪ جي سفر جون سهڻيون تصويرون ونڊ ڪيون آهن؛ پر هڪ عرض رکندس ته جيئن اوهان اڳتي سهي رستي سان اسان سان تصويرون ونڊ ڪري سگهو۔ 1۔ اهي تصويرون هڪ ئي ڌاڳي ۾ ونڊ ڪيو ها ته دوستن کي سڀ تصويرون هڪ ئي ڌاڳي ۾ هجڻ سبب ڏسڻ ۾ سولائي ٿئي ها، هڪ ڌاڳي ۾ لڳ ڀڳ ڏهه تصويرون اينديون ۔۔۔ انکانپو جواب ۾ وجهندا وڃو ها ته هڪ ئي ڌاڳي ۾ سڀ اچي وڃن ها۔ 2۔ اهي تصويرون اميج شيڪ ۾ ڊائونلوڊ ڪري، (جيئن هيٺ مون ڪئي آهي) موڪليو ها ته ڏسڻ ۾ آساني ٿئي ها، جنهن نموني اوهان تصويرون موڪليون آهن ته اهي تصويرون ڏسڻ ۾ پورو ڏينهن لڳي ويندو ۔۔۔ انڪري ممڪن دوست پوريون تصويرون شايد ڏسي نه سگهن۔ image shack, ۾ تصوير پنهنجي سائيز جي ڊائونلوڊ ڪري، انجي Forum code مان URL ڪاپي ڪري پيسٽ ڪيو ته ڪم ٿي ويندو آهي. دعائن ۾ گڏ
جواب: مڪي پاڪ جو سفر1 سائين اميج شيڪ تي ڏاڍي ڪوشش ڪئي اٿم پر ڪاميابي نه ٿي ملي مون پهريون ڪڏهن ان سائيٽ تي اپلوڊ ڪونه ڪيو هو پر سائين سمون صاحب به ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي سمجهائڻ جي پوءِ به ڪوشش ڪامياب نه پئي وڃي هن شاء الله ڪوشش جاري رکبي امتحانن کان پوءِ في الحال اوهان کي ٻڌايان ته ڪاله سومر ڏهاڙي منهنجو ڪمپريٽو رليجن جو پيپر الله جي مهرباني ابي امڙ ۽ اوهان جي دعائن سان تمام سٺو ٿيو آهي باقي پرچن لاءِ به دعا ڪندا
جواب: مڪي پاڪ جو سفر بيشڪ، هاڻ ڪم ڀلو ڪيو اٿوَ جو سڀ فائيل هڪ ئي ڌاڳي ۾ پرويا اٿوَ، پر پو به اهي فائيل کوليندي ڪافي دير لڳي ٿي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته ڦوٽن ۾ مڪو گهٽ آسمان ۽ جهاز کان نظر ايندڙ شيون وڌيڪ آهن ۔۔۔ انڪري ان جو موضوع هجي ها جهاز جو سفر ۔۔۔ رب العالمين اوهانجو هر سفر خوشگوار ڪري ۔۔۔ جيئن آ صبح جو اٿي دعا گهرندو آهيان ۽ ان ۾ هڪ جملو ضرور هوندو آهي ۔۔۔“ جيڏانهن پير تيڏانهن خئير” نيت صاف مراد حاصل ... دعائن ۾ گڏ
جواب: مڪي پاڪ جو سفر سائين اهڙي بهترين ونڊ ڪرڻ تي اوهان کي مبارڪ هجي۔۔۔ الله پاڪ ڀلي پار وڃڻ جو موقعو سڀنيءَ کي عطا فرمائي ۔۔۔ الاهي آمين