استاد محمد ملوڪ عباسي سنڌ جو سگهڙ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    غلام محمد ڀٽي

    جڏهن به سنڌ جي تاريخي ورقن کي اٿلائينداسيون ته سگهڙ لوڪ ادب شاعري جي تاريخ به ايتري قديم آهي جيتري انسانن جي تاريخ پراڻي آهي. ان دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هزارين سگهڙ پنهنجي دورن ۾ اوطاقن تي ٿيندڙ محبت جا ميلا مچائي سگهڙ ڪچهريون رچائي ويران ٿيل اوطاقن کي آباد رکندا آيا آهن جڏهن ته ان قديم ۽ جديد دور ۾ سگهر لوڪ ادب شاعري کي زنده رکڻ توڙي ٻولي جي واڌاري لاءِ پاڻ ملهائيندي اڄ به زوال بدران عروج تي پهتل آهن جنهن ۾ سگهڙن لوڪ ادب شاعري کي هٿي ڏيارڻ مختلف صفون مداحوان، مولود، حمد، ٽيهه اکري ڪافيون قصندو، ڳجهارتون، پروليون ڏور، هنر بيت، سنيار، پهاڪن سميت ٻيون صنفون لکي اڄ ڏينهن تائين پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀائيندي نظر اچن ٿا، انهن عظيم جاکوڙي محنتي باشعور سگهڙن ۾ موهن جي دڙي ڀرسان ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي ۾ محمد صالح عباسي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ استاد محمد ملوڪ عباسي 13 ڊسمبر 1944ع ۾ پيدا ٿيو، جنهن سگهڙ لوڪ ادب شاعري لکي سڄي سنڌ توڙي هند ۾ نالو روشن ڪري نانءُ ڪمائڻ سان گڏ سوين سنڌ ۾ شاگرد پيدا ڪيا جيڪي بهترين لوڪ ادب جون صفون لکي فن ذريعي ڏات جا ڏيئا ٻاري استاد محمد ملوڪ عباسي تمام ٿورڙي وقت اندر ادبي پورهئي لوڪ ادب تي 1 منهن مٿاهه جن جا گلشن، 2 گلشن ڏور، موتي مور ملوڪ جا، 4 مٺ ملوڪ جي 5 موتي ماڻڪ ملوڪ جا سميت ڪتاب لکيا جيڪي شايع ٿيل آهن جڏهن ته استاد محمد ملوڪ عباسي جي مسلسل ادبي پورهئي سان سڄي سنڌ ۾ بهترين ڪردار طور سڃاتو ويندو هو ۽ ان جو ڪافي اڻ ڇپيل مواد به وارثن سگهڙن پٽن فقير ممتاز علي عباسي وٽ موجود آهي جڏهن ته استاد محمد ملوڪ عباسي پنهنجي دور ۾ پنج درجا پڙهيل هجڻ باوجود بهترين ڪارڪردگي سبب عالمي ليول توڙي لطيف رح، سچل سرمست، قلندر لعل شهباز، توڙي سنڌ جي ٻين اعليٰ بزرگن هستين شاعرن جي عرس وارن موقعن تي ٿيل ڪانفرنس دوران ڪيترائي ايوارڊ مڃتا سرٽيفڪيٽ توڙي شيلڊون ماڻيون ۽ سڄي عمر لوڪ ادب جي واڌري جي واري لاءِ خدمتون پيش ڪيون ۽ استاد محمد ملوڪ عباسي سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم جوڙي حقن جو پاڻ خود ٿيو پر سندس زندگي ساٿ نه ڏنو تنهنڪري استاد محمد ملوڪ عباسي بيماري ڪراچي اسپتال ۾ يارن دوستن کان هميشه لاءِ 2 جون 1998ع بمطابق 7 صفر 1436 هجري تي لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جو اڄ ڏينهن تائين خال ڀرجي نه سگهيو آهي. جڏهن ته استاد محمد ملوڪ عباسي باڊهه ۾ جسقپ جي سربراهه قمر ڀٽي جي سالرهه تي بهترين سگهڙ وارا شعر پڙهي داد ماڻيندو ۽ اتي استاد استاد محمد ملوڪ عباسي سان منهنجي به ملاقاتون ڪافي چڪر ٿيون هيون، جيڪو جواني وٺي آخري منزل تائين لوڪ ادب شاعري جي واڌاري بهترين خدموتن ڪيون توڙي سڄي زندگي لوڪ ادب کي ارپي ويو پر استاد محمد ملوڪ عباسي وڇڙيو آهي پر وسريو نه آهي ڇو ته تاريخي ورقن ۾ ادبي پورهئي سبب توڙي چاهيندڙن جي دلين ۾ زنده آهي ۽ جڏهن ته

    استاد محمد ملوڪ عباسي سگهڙ سان گڏ لوڪ ادب جو ڄڻ ادارو رهيو جيئن ته استاد بخاري چو ٿو ته

    جو قوم جيئاري اهو جيئندو رهندو،

    جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو،

    مون کي تاريخي تقدير ڏني پڪ آهي،

    جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.

    جڏهن ته سنڌ جي لوڪ ادب واري ڪتابن کي سيهڙڻ ۾ سنڌي لوڪ ادب ۾ تاريخدان محققن، لکيڪ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 15 ڪتاب سيهڙي ترتيب ڏنا آهن جيڪي سرڪاري اداري شايع ڪرايا آهن جڏهن ته استاد محمد ملوڪ عباسي پنهنجي شاعري ۾ چو ٿو ته :

    انهي سرزمين تي پنهنجا پير هوندا،

    اگر مان نه هوندس منهنجا شعر هوندا.

    جڏهن ته استاد محمد ملوڪ عباسي جا شاگرد قدردان بيڻل آهن جيڪي خاندان گڏجي سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران ڀرپور نموني پهرين کان سترهين ورسي ملهائي رهيا آهن اها استاد محمد ملوڪ عباسي جي پوک اڃا تائين پاڻي ڏئي ان جو ڳاٽ اوچو رکندا ۽ پنهنجو اخلاقي ڪردار نڀائيندا رهن ٿا

    ۽ جڏهن ته اڳ مختلف ورسين تي سنڌ جا ناميارا ليکڪ شاعر چونڊيل نمائندا آرڪيالاجسٽ توڙي ثقافت کاتي جا وزير سسئي پليجو، قمر ڀٽي، تاجل بيوس، حاجي منور عباسي، سيد حاڪم شاهه، محمد يوسف شيخ، الطاف حسين انڙ، شمس ڪلهوڙو، عباسي ڪلهوڙا تنظيم جو سرواڻ سابقه صوبائي وزير حاجي عباسي توڙي ثقافت کاتو ورسي ملهائڻ ۾ ڀرپور نموني تعاون ڪندو اچي جڏهن ته هاڻي به سنڌ جي نامياري ۽ هند توڙي سنڌ ۾ مڃيل سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي جي 1 ڊسمبر تي 17 هين ورسي تنظيم پاران ملهائي پئي وڃي ٿي جنهن ۾ سدائين 2 نشستون ٿيندون آهن پهرين نشست ۾ ناميارو ليکڪ محقق پروفيسر محمد لائق زرداري ۽ مهمان خاص اعجاز ميمڻ، سيڪريٽري ثقافت کاتو معزز مهمانن ۾ گهنور خان لغاري، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو، ۽ ٻي نشست ۾ صدارت سابقه صوبائي وزير حاجي منور علي عباسي ۽ مهمان خاص سابقه سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، سردار ظفر علي سانگي ۽ ٻيا اڳواڻ شامل آهن جڏهن ته استاد محمد ملوڪ عباسي جي 17 هين ورسي تي سنڌ جي مختلف ماڳن کان پانڌيئڙا ايندا آهن ۽ جڏهن ته پروگرام جي آخر ۾ وري عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاران استاد محمد ملوڪ عباسي عباسي ادبي ايوارڊ 2014 مڃتا طور مهمانن ۽ صحافين کي ڏنا ويندا آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي سگهڙن ۽ ڪچهري جو مور هو ...

    سندس ذڪر ۽ شاعري ڪچهريءَ جا مور ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو سنڌ سلامت جي
    هن لنڪ تي موجود آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ان کان اڳ زاهد سومرو پڻ هن مهان سگهڙ بابت هڪ مضمون ونڊ ڪيو هو... جيڪو پڻ معلوماتي ملندو... ها البته سندس لکيل ٻول جيڪڏهن ونڊ ڪيا وڃن ته هوندر سندس شخصيت جو خاڪو وڌيڪ واضح ٿي وڃي..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ساراهه سونهن سائين جي جنهن ڏيهه جوڙيا ڏاتر،
    احمد محمد مدني مرسل ٿيو اسان اڙين جي آڌر،
    آدم جي اولاد جا ٻڌو ذاتين جا ته ذڪر.
    اوٺا، انڙ، اڄڻ، ابڙا، انصاري، ابڻ، پنهور،
    اباچي، اتيرا، اڳڙا، اعواڻ، ايراني، الکاڻي، اجگر،
    اُڍا، ايري، اڱڻ، اگهم، اوٺوال، اسلامي ، ايسر،
    اوڏ، اهير، انوس، اوٺار، انڊڙ، اوڳا ۽ احمر.

    مڪمل پڙهڻ لاء مٿين ڪتاب جي صفحي 79 ۽ 80 کان اڳتي پڙهندا وڃو.
     
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو