فحش فلمن سبب انساني جسم ۽ ذهن تي ناڪاري اثرن جون ڳالهيون ته اڪثر ٻڌيون هونديون پر ڪنهن کي به اهو اندازو نه هيو ته هي ناسور هڪ نئين ذهني بيماري کي جنم ڏئي سگهي ٿو. هي هڪ اڻ وڻندڙ حقيقت آهي ته تازو ئي سائنسدانن ۽ نفسيات جي ماهرن ذهني بيمارين جي فهرست ۾ هڪ نئين نالي جو واڌارو ڪيو آهي، جنهن جو سبب فحش فلمن ۽ ٻئي اهڙي مواد کي قرار ڏنو آهي. ان بيماري جو نالو ”پورن ٽراميٽڪ اسٽريس ڊس آرڊر“ رکيو ويو آهي ۽ هي خاص طور تي انهن ماڻهن ۾ هوندي آهي جيڪي ننڍي عمر ۾ ئي فحش مواد ڏسڻ شروع ڪندا آهن. دماغي مرض جو انڪشاف ان وقت ڪيو ويو جڏهن چين جي هڪ اسپتال ۾ هڪ 16 سالن جي ڇوڪري کي آندو ويو جيڪو خودڪشي ڪرڻ وارو هو. هن ڊاڪٽرن کي ٻڌايو ته سڄي حياتي هن جي ذهن مان خراب منظر نڪري نه سگهيا ۽ ان سبب سندس پڙهائي تمام گهڻي متاثر ٿي، جنهن جي ڪري هن کي اسڪول مان به ڪڍيو ويو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هي دماغي مرض ڪهڙي به عمر واري مرد تي لاڳو ٿي سگهي ٿو پر خاص طور تي ٻار ان مان گهڻا متاثر ٿيندا آهن.
ڏاڍو سٺو، ان لاءِ وڏڙا ويچارا چوندا آهن تہ چڱن ماڻهن جي صحبت ۾ ويهجي تہ جيئن چڱيون ڳالھيون سکجن ۽ اهڙي طرح پنهنجي سوچ ۽ ڪردار کي پڻ سٺو ۽ سهڻو بڻائي سگهجي ٿو.