قلم کڻو هٿن ۾ ڪتاب ٻارو( ٻاراڻو گيت)

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
محمد حنيف گلڙي

قلم کڻو هٿن ۾ ڪتاب ٻارو

لکڻ پڙهڻ ۾ ڇڏيو حجاب ٻارو

معصوم سوچ اوهان جي اعليٰ

پورا ٿيندا حسين خواب ٻارو

راند روند سڀ بي مقصد آ

وقت جو ڪريو آداب ٻارو

پڙهي علم پروڙيو دل سان

زندگي ٿي ويندي شاباد ٻارو

ويران چمن کي روشن ڪري

علم آهي طاقت بي حساب ٻارو

سچ چوڻ ۽ حق وٺڻ سيکاري

کلي ڪريو هر خطاب ٻارو

ڌرتي جي سينڌ سنوايو علم سان

بڻجي ويندؤ تاريخ جو باب ٻارو
 
Back
Top