مرد عورتن کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن: سروي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    برطانيا ۾ ٿيل سروي موجب عورتن جي مقابلي ۾ مرد نه رڳو وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن بلڪ مردن کي ڪوڙ ڳالهائيندي مهل ندامت جو احساب ڪونه ٿيندو آهي. اِهو سروي لنڊن جي سائنس ميوزيم ڪيو ويو جنهن ۾ 300 ماڻهن شامل آهن.
    سروي موجب ريسرچ ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿيو آهي ته هڪ عام برطانوي مرد روزانو 3 ڀيرا ڪوڙ ڳالهائيندو آهي يعني سال ۾ هڪ هزار ٻانوي ڀيرا ڪوڙ ڳالهائيندو آهي.
    مردن جي مقابلي ۾ برطانوي عورتون روزانو ٻه ڀيرا ڪوڙ ڳالهائي ايمانداري جو اظهار ڪنديون آهن. هڪ عورت سال ۾ 128 ڀيرا ڪوڙ ڳالهائيندي آهي. سروي موجب وڌيڪ ماڻهون پنهنجي ماءُ سان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن جن ۾ 25 سيڪڙو مرد ۽ 20 سيڪڙو عورتون شامل آهن.
    ماءُ جي مقابلي ۾ صرف 10 سيڪڙو ماڻهون پنهنجي جيون ساٿي سان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. 82 عورتن کي ڪوڙ ڳالهائڻ کانپوءِ ندامت جو احساس ٿيندو آهي جڏهن ته مردن ۾ اِهو تناسب 70 سيڪڙو ٿيندو آهي.
    ان سروي سان اِها ڳالهه واضح ٿي آهي ته 44 سيڪڙو ماڻهون اهڙو ڪوڙ قبول ڪندا آهن جنهن سان ٻين کي نقصان نه ٿيندو هجي. 52 سيڪڙو برطانوي مرد سمجهدا آهن ته عورتون گهٽ ڪوڙ ڳالهائينديون آهن پر مردن کان بهترين انداز ۾ ڪوڙ ڳالهائينديون آهن.
    ماهرن موجب ڪوڙ ڳالهائڻ انساني فطرت جو اهڙو عمل آهي جنهن کان بچي سگهجي ٿو پر معاشرتي تعلقن ۾ ان جي اهميت آهي.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا اصل ۾ ڪوڙ گهڻو عورتون ئي ڳالهائينديون آهن پر انهن ڪير ڪوڙي چئي ناهي سگهندو ان ڪري شرح مردن جي گهڻي بيان ٿي آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو