سنڌ ۾ آيل دهشتگرديءَ جي لهر ۽ پاڪستان جو مستقبل !!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    سنڌ ۾ آيل دهشتگرديءَ جي لهر ۽ پاڪستان جو مستقبل !!!!
    اعجاز ممنائي

    پوري دنيا ۾دهشتگرديء جي حوالي سان عالمي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ ٽيون نمبر وڏو دهشتگرد ملڪ آهي گلوبل ٽيرارزم انڊيڪس _(جي ٽي آئي) 2014 ع جي مطابق 2013ع ۾ 162 ملڪن ۾ 10 هزار شدت پسند حملا ٿيا جڏهن ته 60 ملڪن ۾ دهشتگرديءَ سبب انساني جانين جو رت وهيو 2013 ع ۾ 61 سيڪڙو اضافو ٿيو ان کان سواءِ نسلي ، مذهبي ۽ لساني گروپن وچ ۾ خوني جھيڙا ۽ حڪومت پاران انساني حقن جي پئمالي ۾ به اضافو ڏسڻ ۾ آيو .رپورٽ موجب 2013ع ۾ 1933 سخت تشدد جا واقعا نمودار ٿيا جن ۾ 2345 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 5035 ماڻهو شديد زخمي ٿيا.اها ته هئي عالمي رپورٽ جنهن پاڪستاني حڪومت جون امن و امان جي بهتريءَ واريون سڀ دعوائون ظاهر ڪري ڇڏيون پر ان دهشتگرديءَ جي واقعن پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي اهي دهشتگرد بي نقاب ڇو نه ٿا ڪيا وڃن انهن جا پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن انهن جي بد امنيءَ ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ ان سڄي صورتحال کي پرکڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت کان سواءِ سڄي دنيا پريشان آهي تازو سنڌ ۾ جيڪا دهشتگرديءَ جي لهر آئي آهي تنهن سوين سوال پيدا ڪيا آهن ڇوته سنڌ ته امن جو گھوارو سڏبي آئي آهي تنهن ۾ به اها دهشتگرديءَ جي بدبوءِ روزبروز وڌندي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون جنهن ۾ ڪڏهن شيعه ۽ سني ، ڪڏهن ۽ پنجابي سنڌي ۽ ڪڏهن پٺاڻ ۽ مهاجر جو بهانو ٺاهي قتل عام ڪيو ٿو وڃي ڪجھه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ علامه ديدار علي جلباڻي کي قتل ڪري سندس مڙهه ٺري ميرواهه ضلع خيرپور ۾ موڪليو ويو ائين ئي شڪارپور ۾ علامه شفقت حسين سولنگي جو جنازو راڻيپور ضلع خيرپور موڪليو ويو ساڳي ريت ڪالهه جميعت علماءَ اسلام جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سابقه سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي بيدرديءَ سان قتل ڪري سندس لاش لاڙڪاڻي ڏانهن روانو ڪيو ويو ان کان سواءِ بشير خان قريشي ، سلمان وڌو ۽ ٻين ڪيترن ئي قومپرست ڪارڪنن جا لاش موڪلي سنڌ سان ننڌڻڪي ٻار وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي آخر انهن سڀني واقعن ۾ ملوث دهشتگرد حڪومت جي نظر کان ڇو وانجھيل آهن حڪومت پاران سڄي سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال تسلي بخش هجڻ جون دعوائون ته ٿي رهيون آهن پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي ڇوته هڪ طرف شهرن ۾ روز بروز دهشتگردن جو وڌندڙ ڪارروايون جاري آهن ته ٻئي طرف ٻهراڙين ۾ اغوا ، ڦر لُٽ ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي چڪو آهي جنهن ڪري عوام جو تحفظ ڪندڙادارن جي ڪارڪردگيءَ ۽ حڪومت ڪندڙن تي آڱريون رهيون آهن جڏهن ته عوام کانئن سوال ٿو ڪري ته قانون واري وزارت تي خرچ ٿيندڙ اربين روپيا ڪهڙو نتيجو ڏئي رهيا آهن . بدامني جي اها باهه آخر ڪٿي ۽ ڪڏهن دنگ ڪندي ان بابت ڪجھه چوڻ ۽ سوچڻ اسان جي سوچ کان مٿي آهي ڇوته جتي جھنگ جو قانون هجي اتي انسان ٿي سوچڻ پاڻ کي برباد ڪرڻ برابر آهي جڏهن عوام کان ملڪ سميت پنهنجي سنڌ جي امن و امان جي بدترين صورتحال بابت پڇا ڪجي ٿي ته هن ۾ آخر ڪهڙا عنصر ملوث ٿي سگھن ٿا ته حڪومت کي ڏوهه ڏيڻ سان گڏ ڪنهن نه ڪنهن ايجنسيءَ جي ملوث هجڻ جو پڻ دليل ڏين ٿا جڏهن ته عوامي حڪومت جو ڪم عوام جي حقن جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي باقي خبر نه ٿي پوي ته آخر اها ڪهڙي ايجنسي آهي جيڪا شريف ۽ امن پسند شهرين مٿان گولي هلائي پنهنجي ملڪ جي بدناميءَ سان گڏ ان جو خاتمو چاهي ٿي ۽ اها ايجنسي ڪنهن جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ انجا مقصد ڪيترا ۽ ڪنهن جي لاءِ پائيدار ۽ فائديمند آهن ڇوته ٽارگٽ ڪلنگ ۾ اڪثر اهي ماڻهو شڪار بڻجندا رهيا آهن جيڪي ملڪ ۽ قوم جو سرمايو هوندا آهن.پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي سرمائي کي جيڪا به ايجنسي يا قوت ختم ڪرڻ چاهي ٿي سا حقيقت ۾ پنهنجي ملڪ يعني پنهنجي گھر جي سڀ کان وڏي دشمن آهي ۽ اسان جي حڪومت عوام کي دهشتگردن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي اسان جا وزير ۽ مشير پنهنجي سيڪيورٽي لاءِ ته ٻه ٽي پوليس موبائلز ساڻ کڻن ٿا پر ذهبي اسڪالرن ۽ سياسي رهنمائن سميت عام ماڻهن جي سيڪيورٽي لاءِ ڪابه پلاننگ نظر نه ٿي اچي جنهن ڪري ڏوهاري ماڻهو موقعي جو فائدو وٺي واردات ڪري ڪنهن نه ڪنهنجو جيءُ جھوري ٿا وڃن ڪٿي ڪنهن ماءُ کان جگر جو ٽڪرو کسيو ٿو وڃي ته ڪٿي ڪنهن ڀيڻ کان پيارو ڀاءُ کسيو ٿو وڃي ڪٿي ڪنهن وني کان ور کسي بيواهه ڪيو ٿو وڃي ته وري ڪنهن کان گھر جو گاڏو هلائيندڙ اڪيلو پيءُ کسي قوم جي ٻارن کي يتيم ڪري گھر گھر جون ٺوڪرون کارايون ٿيون وڃن ۽ اسان جي سيڪيورٽي جا ادارا اگھور ننڊ ۾ ستل نظر اچن ٿا ۽ واردات کان پوءِ ڪاغذي ڪارروائي ڪرڻ ۾ پورا هجن ٿا جنهن جو هڪ مثال ڪراچيءَ ۾ هلندڙ آپريشن به آهي .خبر نه آهي ته گذريل هڪ عرصي کان رينجرز ڪنهن جي خلاف آپريشن پئي ڪري هر روز خبرون اچن پيون ته اڄ فلاڻي علائقي مان فلاڻي قومپرست تنظيم جي اڳواڻ جو چچريل لاش هٿ آيو آهي جنهن کي ڪجهه وقت اڳ پوليس هٿان گرفتار ڪيو ويو هو يا ڪجھه وقت اڳ اغوا ڪيو ويو هو آخر اهو سڀ ڪجھه ڇا آهي ۽ ڇو آهي؟ جڏهن سنڌ جي وڏو وزير سيد قائم علي شاهه کي اها خبر پوي ٿي ته وزيرستان جا دهشتگرد ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ اچي رهيا آهن ته پوءِ انهن کي روڪڻ يا انهن جي خلاف آپريشن نه ڪرڻ پٺيان ڪهڙيون رڪاوٽون آهن .ڪٿي ائين ته نه آهي ته انهن دهشتگردن جا پيرا وزير اعليٰ هائوس يا گورنر هائوس جي طرف وڃي رهيا هجن ڇوته کين اڳواٽ دهشتگرد اچڻ جي خبر پئجي وڃي ٿي پر کين واردات ڪرڻ جي ڪابه خبر نه ٿي پوي .جنهن علائقي ۾ واردات ٿئي ٿي ته اتان جي ايس ايڇ او يا ايس ايس پيءَ کي ته هٽايو ٿو وڃي پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان تڪ جي ايم پي اي ياايم اين اي جي به ڪا ذميواري آهي يا نه _ ڇا پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ ۽ امن و امان جو خيال رکڻ سندس زميوارين ۾ نه آهي جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوءِ ڪو ايم پي اي يا ايم اين اي ٻڌائي سگھي ٿو ته پنهنجي علائقي ۾ امن وامان بابت ڪيتريون گڏجاڻيون ڪيون آهن جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوءِ قاتل ،غنڊا ۽ بدمعاش دهشتگرد سندن نظرن کان غائب ڇو آهن .ڇا هر ماڻهو پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻ لاءِ بندوق هٿ ۾ کڻي جيڪڏهن هر ماڻهو ائين ڪري ته پوءِ باقي حڪومت جو ڪهڙو ڪم هوندو.

    هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن وڏن دهشتگرد حڪمرانن جي خلاف عوامي طاقت کي گڏ ڪجي جن شهيدن جي نالي ووٽ وٺي عوام کي سُورن جو سامان ڏنو آهي اڄ اچو سڀ گڏجي انهن لُٽيرن ۽ قاتلن کي گھر ڀيڙو ڪري پنهنجي امن ڀري ڌرتيءَ کي دهشتگردن جي چنبي مان آزاد ڪرايون ڇوته انهيءَ دهشتگرديءَ اسان جو عظيم سرمايو تباهه ڪري اسان کي کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي اسانجي ڌرتي امن محبت ۽ پيار واري آهي ان ۾ دهشتگردن جي ڪابه گنجائش نه آهي، ڌانڌلين ذريعي اقتدار ماڻيندڙن مان چڱائيءَ جي ڪا اميد نه ٿي ڪري سگھجي جيڪي حڪومت ۾ هوندي ڪرسيءَ جي نشي ۾ پنهنجي پارٽيءَ جي اڳواڻن ذوالفقار علي ڀٽو ، بينظير ڀٽو ، مير مرتضيٰ ۽ شاهنواز ڀٽو سميت سوين بيگناهه شهيد ٿيندڙن جي قاتلن تائين نه پهچي سگھيا سي عام ماڻهن جي ڦٽن تي ڪهڙو مرهم رکندا. هيءُ حڪمران دهشتگردن کي فري هينڊ ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ۾ آهن پر بيگناهه امن پسند علمائن ۽ سياسي و سماجي شخصيتن کي گولين جو کاڄ بڻائي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. انهن مفادپرست ۽ اقتدار جي لالچي حڪمرانن پاڪستان جي پاڙن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي هن وقت اسانکي اهڙن حڪمرانن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ مستقل ۽ سنجيده جدوجهدڪرڻي پوندي ڇوته اڄ اسان جون نه مسجدون محفوظ آهن نه امامبارگاهه ،نه مدرسه محفوظ آهن نه ئي مندر ، ته پوءِ هاڻي کان ئي پنهنجي لاٽ ڪا ٻارڻي پوندي ٻي صورت ۾ سنڌ سميت پاڪستان جو مستقبل ڏينهون ڏينهن اونداهو ئي ٿيندو رهندو ۽ اسان سڀ بي موت ٿي مرندا رهنداسين.



    مليا سوکــڙيءَ ۾ وري اڄ به لاشــا

    ڪياغير ڪيڏا اسان سان تماشا

    اڃاهُن جي هٿ تان نه مهندي لٿي هئي

    اڃان لال جوڙو نه بدلايو هُن هو

    ونيءَ جو وري رات وَر ڪو ڪُهي ويو

    امڙ جي اميدن جو گهر ڄڻ ڊهي پيو

    مليا سوکــڙيءَ ۾ وري اڄ به لاشــا

    ڪياغير ڪيڏا اسان سان تماشا

    وري رات غيرن جي گولين سان گهايل

    چڙراٽ ، چيخون ۽ آهون پڪاريون

    پڳيون پاڻ وٽ پڻ کڻي رت جي خوشبو

    جهنجهوڙي جهنجهوڙي چيائون اُٿو ڙي

    مليا سوکــڙيءَ ۾ وري اڄ به لاشــا

    ڪياغير ڪيڏا اسان سان تماشا

    جنهين ٽهڪ ڏيئي ، جنهين چهڪ ڏيئي

    چيري ڇڏيو ماءُ تنهنجي جو چولو

    ابهم ٻار کي جن ڪُٺو ٿڃ پيئندي

    انهن سان امُن جون ڀلا ڪهڙيون ڳالهيون

    مليا سوکــڙيءَ ۾ وري اڄ به لاشــا

    ڪياغير ڪيڏا اسان سان تماشا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو