• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عجيب بادشاھ: رهائش جرمني ۾ حڪومت آفريقه تي.

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
توهان هميشه صرف اهڙا بادشاھ ڏٺا يا ٻُڌا هوندا جيڪي پنهنجي رعيت وچ ۾ رهندا آهن پر دنيا ۾ هڪ اهڙو به بادشاھ آهي جيڪو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجي ماڻهن تي حڪومت به ڪري ٿو. ۽ هي اها حڪومت اڄڪلهه جي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان هلائي پيو.

54684_02.gif

Kosi Banash آفريڪا جي علائقي Hohoe جو اصلي بادشاھ آهي پر اهو حڪومت ڪرڻ لاءِ پراڻن طريقن تي يقين نٿو رکي.

ان لاءِ Banash گھڻا سال اڳ جرمني ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي ۽ اهو اڄ تائين اسڪائپ ذريعي پنهنجي حڪومت جون واڳون سنڀاليندو اچي.

Banash جرمني ۾ هڪ طالبعلم طور ويو هو جتي هُو هڪ عورت جي عشق ۾ گرفتار ٿي پيو هو ۽ هميشه لاءِ اتي رهڻ جو فيصلو ڪيائين.

بناش جي بادشاھ ٿيڻ پويان هڪ دلچسپ داستان آهي. 1987ع ۾ بناش جي ڏاڏي جي وفات کان پوءِ Banash کي جانشين مقرر ڪيو ويو ۽ ان نامزدگي جو سبب صرف اهو هو ته هُو ساڄي هٿ سان سڀ ڪم ڪري ٿو.

54684_04.gif

بادشاھت جي لاءِ ان چونڊ ۾ سندس پيءُ ۽ وڏي ڀاءُ کي ان ڪري نظر انداز ڪيو ويو ڇوته هُو کاٻي هٿ سان سڀ ڪم ڪندا هئا. ان امتيازي سلوڪ کي اُن علاقي ۾ بظاهر بي_ايماني ۽ بدديانتي جو مظهر سمجھيو وڃي ٿو.

Banash جي تاجپوشي تقريب 1992ع ۾ ٿي هئي پر هي بادشاھ فيصلو ڪري ويٺو هو ته هُو هاڻي آفريقه واپس نه ويندو.

Banash اڃا تائين جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ويجھو Laudwigshafen علائقي ۾ پنهنجي جرمن زال سان رهي ٿو ۽ اُتي هڪ گيراج پيو هلائي.

پر پنهنجي مصروف ترين زندگيءَ هئڻ باوجود پنهنجي علائقي جي 2 لک ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ وقت به ڪڍي ٿو ۽ هُو اِهو سڀ ڪجهه اسڪائپ ۽ ٽيليفون ذريعي ڪري ٿو.

54684_06.gif

Banash قبيلائي جهيڙن کي نبيرڻ لاءِ رات جو دير تائين جاڳي ٿو ۽ هر سال 6 ڀيرا پنهنجي علائقي جي ماڻهن سان ملڻ ضرور وڃي ٿو.

جيتوڻيڪ Banash جي رهائش ۾ آهي پر پوءِ به هُو ايتري وڏي سفر کي پنهنجي فرضن تي اثرانداز ٿيڻ نٿو ڏئي. Banash هڪ تمام وڏي مهم هلائي پيو جنهن تحت هُو پنهنجي ماڻهن کي طبي امداد مهيا ڪري ٿو.

54684_08.gif

تازو ئي Banash ان وقت خبرن جي زينت ٿيو جڏهن سندس گھر ۾ چوري ٿي هئي ۽ چور Banash جا 4 سونا تاج چوري ڪري ويا هئا.
54684_10.gif

Banash مطابق “چور ڪجهه اهڙيون شيون به چوري ڪري ويا جن جي تاريخ ڪئين صديون پُراڻي آهي ۽ ان جي قيمت 25 هزار ڊالر ٿئي ٿي.”
 
مٿيون ليک پڙهي توهان جي نظر ۾ هڪ تصوير ٽيليفون ڀائي جي به اڀري هوندي . پر هي همراھ ته ٽيليفون ڀائي کان لک ڀيرا ڀلو آهي جيڪو وقت ڪڍي سال ۾ 6 ڀيرا پنهنجي ملڪ اچي ٿو :)
 
Back
Top