• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آسَا سِڪَ سِڪَائَي سِڪُ، سِڪَ نَه آهَي سُٿِرِي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10305433_10205014681384945_8944486691917419448_n.jpg


سِڪَ سِڪَائَي سِڪُ، سِڪَ نَه آهَي سُٿِرِي
لِڪَ لِڪَوٽِيءَ لِڪُ، تَه کَرَنِ خَبَرَ نَه ٿِئَي


سُرُ آسَا

لڪَوٽيءَ = ڳجهيءَ طرح، مخفي انداز ۾، ڳجهه ۾
کَرَن = پيار جا ويري، دشمن، رقيب، ساڙ سڙيا

بيت جو پس منظر

~ محبوب جي سڪَ کي پنهنجي سيني اندر سانڍي رک ڇو ته اها ماڻهن جي نظر ۾ گناهه ۽ پاپ سمجهي وڃي ٿي.

~ تنهنڪري جيترو به ٿي سگهي ته ان کي عام جي آڏو ظاهر نه ڪر متان پيار جي ويرين کي نه خبر پئجي وڃي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي بيت محبوب ۽ منزلن جي ڳولائن لاءِ هڪ وڏوchallenge ۽ security بابت وڏي حڪمت عملي آهي. اڄوڪو سنڌي سماج وڏيرڪي, قبيلائي, جرڳائي ۽ مدي خارج سوچ جو حامل آهي.هتي پيار ڪرڻ ۽ آزادي ۽ آجپو گهرڻ گناهه ۽ پاپ تصور ڪيو وڃي ٿو.وڏيرا پاڻ ته عياشين ۾ آهن سندن ڪوٽن ۽ حويلين ۾ الائي ڇا پيو ٿئي, پر جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ماڻهونءَ پنهنجي پسند جي زندگي گذارڻ لاءِ ڪنهن سان پيار ڪيو ته وڏيرا ڪارو ڪاريءَ جي فتوا جاري ڪري کين قتل ڪرائي ڇڏيندا. جيڪڏهن ڪنهن صدين جي غلاميءَ کان انڪار ڪيو ۽ آزاديءَ ۽ آجپي جي ڳالهه ڪئي ته اهو به ماريو ويندو.

سو اچو ته ڀٽائيءَ جي هن فڪر تي عمل ڪندي هر قدم نهايت خبرداريءَ ۽ رازداريءَ سان کڻون ته جيئن محبوب ۽ منزلون ماڻي سگهون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top