روجهن ۽ هرڻين لئـ مقتل گاه ٿر خالد ڪنڀار

'مختلف موضوع' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    پارڪر جي پهاڙن ۾ بندوق جي ڪارتوس سان ماريل روجهـ جو رت هاڻ تـ پٿرن تي ٿي سگهي ٿوتـ سڪي بـ ويو هجي پر بندوق جو ٺڪا ۽ روجهـ جون رڙيو ڪارونجهر جي پهاڙن ۽ پارڪرين جي دلين ۾ اڃان بـ گونجنديون هونديون،۽ ها اهين بـ ڪونهين تـ ڪا اها پهرين روجهـ آهي جيڪا پارڪر جي پهاڙن ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي ماري وئي هجي رڳو ڪجهـ مهينا ئي اڳ۾ انهن ئي پارڪر جي پهاڙن ۾ هرڻين کي بـ ڊوڙاائي ڊوڙائي ماريو ويو هو، ٿر جي بي ترتيب ورياسين ڀٽن ۽ پارڪر جي پهاڙين مان وقتن بـ وقتن اهڙيو خبرون رپورٽ ٿينديو رهن ٿيون،هاڻ تـ فيس بڪ جي هن جهان ۾ ڪٿان نـ ڪٿان اها ڳالهـ ڦوٽن سان گهڙي پل ۾ بـ پهچي ٿي، ۽ انهي تي ڪيترا ئي رايا بـ سامهون ايندا رهن ٿا.

    پر اهي خبرو رپوٽ ٿيڻ جي باوجود بـ ٿر ۾ اهو جهنگلي جيوت جي مار ماران ڪنهن طرح بند ٿيڻ تـ پرتي رهيو پر گهٽجي بـ نٿي هڪڙي پاسي شڪاري روجهن ۽ هرڻين جي شڪار سان پنهنجو شوق پورو ڪن ٿا تـ وري ٻي پاسي اهي ئي شڪاري تلور پکي جي تلاش ۾ بـ پيري ساڻ ڪري گاڏيون ڀٽن ۾ڊوڙائيندا رهن ٿا ، ۽ اهي بي ڌڻياتيون ڀٽون جن جا اصلي وارث ڪي ستيتاليهـ ۾ تـ ايڪهتر ۾ سرحد پار ويندا رهيا، جيڪي فطرت جا پوڄاري هئا جن جون نينگريون ڀائرن جي ڪراين ۾ رکڙيون ٻڌڻ سان گڏ وڻن جي ٿڙن ۾ بـ رکڙيون ٻڌنديون وڻن سان سڱ ڳنڌينديون هيون، جن جي اوٽن تي مور ٽلندا هئا ۽ چوءنرن جي چوٽن تي مور ٽهوڪندا هئا، مور تـ اڄ بـ اوٽن تي ٽهوڪن ۽ ٽلن ٿا پر ڍيلن جوڍاڍون تـ ڀٽن کي بـ ڍيڄاري ٿيون ڇڏن، ڍيلن جو بڻ بڻياد تباه ڪندڙ روز وڻن جي پناه مان هنن جا ٻچا چورائي ٿا وڃن.

    ٿر جي ڀٽن ۽ وڻن جي پناه ۾ پلجندڙ جانورن ۽ پکين کي لڳندڙ ملڪي سرحد بـ روڪي ناهي سگهي هو ڪڏهن سرحد کان هن پار تـ ڪڏهن سرحد کان هن پار ڀٽن جي پناه ۾ پيا پلجندا آهن پر هنن کي اهو ڪير ٻڌائي تـ سرحد کان هن پار هنن جا پوڄاري ۽ هن پار ماري ٿا رهن ،انهي روجهن ۽ هرڻين جي قتل کان سواء تترن جا پيرا اوهاڙي جهلي وڪرو ڪرڻ تـ وڏي ڳالهـ ئي نٿي سمجهي وڃي اها ڪرت تـ عام جام آهي هڪڙي مشهور تترن جي پيري جو تـ نالو ئي پارو تتري پئجي ويو آهي هو تتر جو پير ڏسي ئي لکي ويندو تـ هي نر تتر جو پير آهي يا مادي تتري جو ايستائين جو پير ڏسي اهو بـ ٻڌائي سگهي ٿو تـ اهو پير ڪيترو پراڻو آهي، تتر جهلڻ کان سواء ٻاٽيٻڙ رائيلن تي لهندا آهن تـ نوڙئي ڪارتوس جا ڇيرا دير ئي ناهن ڪندا بس رڳو ڪاتي مس رسندي آهي ، هوڏانهن ڍيلن جا بيدا لاهڻ جي موسم شروع ٿيندي آهي تـ شڪاري ڍيلن جا پير اهاڙڻ شروع ڪندا آهن پو جي ملي ويا بيضا تـ واه واه اهي بيضا وڃي ڪنهن آري تي ويٺل ديسي ڪڪڙي هيٺان ڏيندا پاڻهين ڪڪڙي پئي ٽائيم تي اهي پنهنجا بيضا سمجهي ڦوڙيندي جي ٻچا مليا تـ يا بسملا ڇڏڻا تـ آهن ڪونـ پر گهڻي ڀاڳي مور جا جهليل ٻچا مري ويندا آهن اهين شڪارين جو جهان هلي ٿو ، رڳو مور جي ٻچن جي جوڙي سستي ۾ سستي بـ ٽي کان چار هزار ۾ وڪرو ٿئي ٿي جنهن تي ڏنڊ هڪ هزار آهي.

    جڏهن اها ئي ڳالهـ وائيلڊ لائيف کاتي جي عملدارن سان ٿي ڪجي تـ هي ڇا آهي مورن جي اهين چوري هرڻين روجهن ۽ تلور جو اهين قتل مورن جي چوري جو ڏنڊ هڪ هزار ۽ روجهـ جي قتل جي قيمت هڪ عام ڳئون جيتري آهي هو چون ٿا تـ اسين اهو ئي ڪري سگهون ٿا جيڪو قانون ۾ هوندوقانون کان مٿي تـ اسين ڪجهـ بـ نٿا ڪري سگهون نـ هنن جو اهو بـ دعوئ آهي تـ هنن ٻن سالن ۾وڌ ۾ وڌ روينيو اسان جي ڊسٽرڪ جو آهي جنهن هن ٻن سالن ۾ اسي ڪيس رجسٽر ڪيا آهن ۽ اڌائي لک رپيا ٻن هرڻين جو ڏنڊ بـ ورتو آهي، هنن جو بـ چوڻ آهي تـ وائيلڊ لائيف کاتي جا سمورا روينيو پاور حيدرآباد ۾ آهن، هن وقت ڪل 21 ملازم جنهن ۾ صرف 18 ملازم سڄي ضلعي ۾ فيلڊ جا آهن ۽ ڪابـ گاڏي جي سپورٽ آهي ڪونـ هنن جو اهي سڀ ڳا لهيون بـ سون پر اهين تـ ٿي ئي نٿو سگهي تـ ڪو وائيلڊ لائيف کاتي وارن جي رضا مندي کان سوء اهو سڀ ڪجهـ ٿيندو هجي سڌي يا اڻ سڌي طرح وائيلڊلائيف کاتو انهي ۾ ڌر ضرور هوندو چوڻ وارا تـ اهو بـ چون ٿا تـ پارڪر ۾ اهو سمورو ڪم ڪرائي ئي وائيلڊ لائيف جو عملو ٿو ڇو جو هنن جي رضا کان سوء اهو ممڪن ئي ناهي تـ ڪو مورن جي چوري ٿئي ۽روجهـ جي ران ۾ گولي لڳي . انهي ڪري سهڪاري ڪم تـ آهي ئي وائيلڊ لائيف کاتي جو،

    ٻيو تـ اهو شڪار گهڻو ڪري پارڪر جي ايريا ۾ ٿئي ٿو ۽ جيڪو سڃو ايريا ئي بارڊر ايريا آهي ۽ اهي روجهون ۽ هرڻيو اچن ئي بارڊر پار کان ٿيون بارڊر ايريا هجڻ جي ڪري اتي فورس رينجرس رهي ئي رهي ٿي هون تـ ويرا واه واري پوسٽ تي هر گاڏي جي رينجرس تلاشي بـ وٺي ٿي اتان اڳتي ڪيميرا کڻي وڃڻ تي بـ پابندي آهي پوء اتان ڪئين هٿيار اڳتي وڃن ٿا ۽ بارڊر اريا ۾ فائر جي ڪئين اجازت ملي ٿي اهي شيون پيارن فوجي ڀائرن ڏي پڻ اشارو ڪن ٿيون ڳوٺ ومڙي ۽ گونگڙي تائين پهچڻ ۾ بـ ڪير تـ شامل آهي ۽ پارڪر ۾ جيڪي وائيلڊ لئيف جا عملدار آهن اهي بـ اهي ماڻهو آهن جي پاڻ وڏا شڪاري آهن هنن کي ڀرتي ئي انهي ڊگري تحت ڪيو ويو ۽ ڪرائڻ وارن جو اڪيلو مفاد اهو هو تـ هو نـ صرف هنن کي شڪار ڪرائيندا پر هنن جي يارن دوستن لاء پڻ شڪار جو بندو بست ڪندا، اهي جڳن جا گيم واچر اتي ويٺل آهن ،پارڪر کان سواء هرڻن جا 200 داڻا ڀرو جو تڙ ۾ بـ ڏسائن ٿا ۽ انهي کان سواء ڇاڇري واري بارڊر ايريا ۾ بـ هرڻ ۽ روجهـ ايندا رهن ٿا . جيڪي ڇاڇري مان عمرڪوٽ واري رستي چوري کڄن بـ ٿا ۽ مارجن بـ ٿا. پر اهي سستو ڏنڊ ڀري آزاد ٿي ٿا وڃن هاڻ جيڪڏهن ڪير روجهـ ماري ۽ ڏنڊ ڀري عام ڳئون جيترو ۽ آزاد ٿي وڃي تـ هن لئـ اهو سودو مهانگو تـ آهي ڪونـ باقي هي ڪو ڪولهي ڀيل يا عام شڪاري تـ ماري ڪونـ ٿو اهو صرف پيري جي طور تي انهن ماريندڙن جو حصو هجي ٿو باقي ماري تـ وري بـ ڪو شوقين وڏيرو مير پير ٿو ۽ انهي عمل ۾ اتي جو پٽيل ۽ ٻيو اتي انهي جو وقفڪار بـ گڏ هجي ٿو جيڪو اتان جو لوڪال ٿريو آهي .

    هاڻ انهي سڃي عمل کي ڪا هڪڙي ڌر تـ روڪي سگهي ئي ڪونـ ٿي انهي ڪري سڀني کي پنهنجو پنهنجو حصو ملائڻ گهرجي سڀ کان پهرين وڏي ۾ وڏي ذميواري خد وائيلڊلائيف کاتي تي آهي تـ وائيلڊلائيف کاتي جون اهي ڌريو جيڪي اختيار رکن ٿيون جيڪي قانون ۾ ترميم ڪرائي سگهن ٿيو هڪڙو تـ انهن کي سوچڻ گهرجي تـ انگريزن جي دور جو قانون سٺ سالن کان پوء بـ هلندو اچي انهي ۾ ترميم ڪرائن تـ مور روجهـ تلور ۽ هرڻي جي ناياب نسل کي بچائڻ لئـ ڪو اهڙو قانون جوڙين جو هن ناياب ٿيندڙ نسل کي بچائي سگهجي ۽ اها ڪڌي حرڪت ڪرڻ کان اڳ۾ شڪاري سوء دفعا سوچي ٻي ڳالهـ تـ وائيلڊ لائيف کاتي ۽ خد اقدار ڌڻين کي ٿر جي فطري حسن کي بچائڻ لئـ خاص توجـ ڏيئڻ گهرجي ۽ ٿر جي وائيلڊلائيف کاتي کي ري اسٽرڪچر ڪرڻ جي ضرورت بـ آهي هيڏي وڏي ايريا جا رڳو 18 ڃڻا ڪرتا ڌرتا ڪري نـ ويهاري .

    ٻي ڌر اها فورس آهي جيڪا بارڊر ايريا تي رهي ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪري ٿي انهي کي گهرجي تـ اها بـ بارڊر جي حفاظت دوران پنهنجي ايريا ۾ جنهن کي بـ هٿيار کڻي هلندو ڏسي انهي تي ملڪي قانون مطابق قدم کڻي تـ اها بـ ڪنهن حد تائين انهي ۾ پنهنجو قردار نڀائي سگهي ٿي .

    ٻي وڏي ڌر خد ڳوٺاڻا آهن اڳي ٿر جي ڳوٺاڻي نظام ۾ هڪڙو ڳوٺاڻن جو گڏيل ادارو هوندو هو جنهن کي پئچائت چئبو هو ۽ پئچائت جو سرپنچ هوندو هو جيڪو انهي اداري جو ليڊر تسليم ڪيو ويندو هو انهي اداري جا پنهنجا قائدا ۽ قانون هوندا هئا ۽ سڃو ڳوٺ انهي مقرر ٿيل قائدن ۽قانونن تحت هلندو هو انهي قائدي قانون تحت ڪنهن سائي وڻ جي ٽاري وڌڻ تي بـ پابندي هئي جيڪڏهن ڪنهن ڪارڻ لئـ ڪنهن کي اها ٽاري گهربل بـ هوندي هئي تـ انهي لئـ پئچائت جي اجازت ضروري هوندي هئي پکي مارڻ تـ پرتي رهيو اڏائڻ بـ ماه پاپ سمجهيو ويندو هو روجهـ ۽ هرڻ جي مارڻ جو تـ سوال ئي نٿو پئدا ٿئي اهو ئي ٿر هاڻ انهي پسو جهنگلي جيوت لئـ مقتل گاه بڻيل آهي انهي ڪري .ڳوٺاڻن کي پاڻ مڙسي ڪرڻي پوندي، تـ هو وري ٿر کي فظرت جو اجرو آشرم بنائن.

    Jogee_khalid@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو