ٿر جو ڪوئلو ۽ ٿرين جا خدشا خالد ڪنڀار

'مختلف موضوع' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ٿر جي ڪوئلي ۾ ڌارين جي ڀرتي خلاف مختلف فورمن تان ، اتان جي سياسي سماجي اڳواڻن ڪنهن حد تائين جدوجهد ڪئي آهي . انهن اها جدوجهد ڪڏهن ٿر ڪوئلو ايڪشن ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان تـ ڪڏهن وري ڪوئلو ايڪشن فورم جي پليٽ فارم تان پر اها جدوجهد هيل تائين ڪو وڏو نتيجو نـ ڏئي سگهي آهي . اهي فورم ۽ ڪاميٽيون اندروني اختلاف جو شڪار بـ رهنديون آيون آهن.ڪڏهن انهن فورمن ۽ ڪاميٽين ۾ مختلف سياسي پارٽين جا ليڊر شپ تان اختلاف تـ ڪڏهن ذاتي اڻ بڻت بـ انهي جدوجهد کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو آهي. تازو وري گذريل فيبروري مهيني جي پڇاڙي ۾ اسلام ڪوٽ کان مٺي تائين ٽن ڏينهن جو پيادل مارچ ميگهـ ادبي ثقافتي فورم جي پليٽ فارم تان ڪيو ويو. انهي مارچ ۾ ٿرڪول ايڪشن ڪاميٽي ۽ ڪوئلوايڪشن فورم ۾ شامل سڀئي ڌريون شامل هيون سواءِ هڪ اڌ ڌر کي ڇڏي ڪري اهو 27 فيبر وري کان 29 فيبروري تائين ڪيل لانگ مارچ ٿر جي ڪوئلي بابت ڪيل جدوجهد ۾ سڀ کان وڏو ۽ ڪنهن حد تائين اثر انداز ٿيندڙ قدم هو انهي جا بـ ٻـ ٽي بنيادي سبب آهن هڪڙو تـ هن ۾ ڪوئلي لاءِ جدوجهد ڪندڙ سموريون ڌريون شامل هيون ٻيو تـ هن مارچ ۾ اهي ڌريون بـ شامل هيون جيڪي هيستائين هن مسئلي بابت خاموش رهيون آهن انهي مارچ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين بشيرخان قريشي بـ هو تـ پراڻا ڪامريڊ ماما جمن دربدر کان وٺي حليم باغي ۽ عباس کوسي تائين شامل هئا ۽ ٻي جيڪا ڌر هئي جنهن کي مختلف ڌريون مختلف انداز سان ڏسي رهيون هيون اهو هو اربابن جو هن مارچ ۾ شامل هجڻ جنهن کي ڪن سمجهيو تـ هي اربابن جي سياسي حڪمت عملي آهي ڪن چيو تـ جيڪڏهن ارباب هن مارچ ۾ شامل نـ هجن ها تـ پوءِ هنن کي ٿر جي مالڪي يا ٿر جي وسيلن جي مالڪي نـ ڪرڻ تان تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ها پر هنن جو هن مارچ ۾ شامل هجڻ سٺو عمل آهي جيڪڏهن ارباب ڪوئلي جي مالڪي لئـ سنجيدگي سان بنا ڪنهن سياسي مقصد جي بيهن ٿا تـ اها جدوجهد ڪنهن حد تائين نتيجا ڏيندڙ هوندي هن پيادل مارچ جي اڳواڻي ارباب احسان ڪري رهيو جنهن جو هيستائين ارباب سياست سان ڪو ايترو خاص تعلق نـ رهيو آهي باقي هو انهن جي خاندان مان تـ آهي پر هنن جو ويجهڙايون قومپرست ڌرين سان رهيو آهن ٻي ڳالهـ تـ وقت کان اڳ ۾ ڪابـ ڳالهـ ڪرڻ ٺيڪ ناهي جيڪڏهن ارباب ٿر جي ڪوئلي تي سنجيدگي سان نٿا بيهن تـ اها انهن جي ٿر سان بيواجبي هوندي پر هيئر ئي ڇڙهي هڻي چئجي تـ اها سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لئـ اربابن جي سياسي حڪمت عملي آهي تـ اهو رويو ٺيڪ ناهي .افيئر جي رابطو ڪرڻ تي ارباب آحسان جو چوڻ هو تـ هن ڪوئلي جي مسئلي تي انهي ڪري جدوجهد شروع ڪئي تـ هي نج ٿر جو مسئلو آهي ۽ مو هڪ ٿريو سمجهي هن مسئلي تي سوچيو آهي ۽ هي جدوجهد اسان ڪنهن سياسي پارٽي جي بجاءِ هڪ اد بي تنظيم جي پليٽ شروع ڪئي آهي ۽ هون بـ منهنجي ويجهڙائي اديبن قومپرستن ۽ سول سوسائيٽي سان وڌيڪ رهي آهي هن جو چوڻ هو تـ اسان اپريل ۾ ڪراچي ۾ ڪوئلي تي وڏي ڪانفرنس بـ ڪرائي رهيا آهي جنهن ۾ ٽيڪنيڪل ماهر سول سوسائٽي ۽سياسي ڌريون هونديون انهي کان پوءِ اسان جو اڳيون قدم اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين ڪوئلي جي مالڪي جي حوالي سان مارچ هوندو پوءِ بـ آواز نـ ٻڌو ويو تـ ڪول ايريا جو گهيراءِ ڪيو ويندو.

    ٻي ڳالهـ تـ هيستائين جيڪو بـ ٿر جي ڪوئلي تي جدوجهد ٿيندي رهي آهي انهي جدوجهد ۾ انهي جو سلوگن يا نعارو اهو رهيو آهي تـ ٿر جي ڪوئلي ۾ ڌارين جي ڀرتي بند ڪريو. اهو ٿر جي ڪوئلي جو هڪڙو مسئلو آهي انهي مسئلي سان گڏو گڏ ٿر مان ڪوئلو ڪڏهن بـ نڪري ۽ ڪئين بـ نڪري پر اهو ڪوئلو نڪرڻو ضرور آهي انهي ڪري ٿر جي ڪوئلي تي جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي انهي ڪوئلي نڪرڻ سان جيڪي ٻيا خدشا آهن انهن تي بـ سوچڻ گهرجي . ٿر ۾ موجود زير زمين ڪوئلو9100 چورس ڪلوميٽر ۾ چئين بلاڪن ۾ ورهايل آهن جيڪو 550 کان 600 فٽ زير زمين آهي ايترو هيٺ ڪوئلي تائين پهچڻ کان پهرين پاڻي جا ٻـ ليئر ڪراس ڪرڻا پوندا جيڪڏهن اوپن پٽ ذريعي ڪڌيو ويو تـ اها سموري واري اتان هيڪر تـ هٽائي ويندي اهو سمورو پاڻي اتان نيڪال ڪيو ويندو اهين ڪرڻ سان هڪ تـ ٿر جو سموري ماحوليات خرب ٿيندي زير زمين پاڻي ختم ٿيڻ سان وڻ ٻوٽا مڪمل تباه ٿي ويندا اها هٽايل واري واري زمين آبادي جي لائق نـ رهندي ٿر جي ماڻهن جو ذريعي معاش آهي ئي چوپائي مال ۽ برساتي پاڻي تي جڏهن سڃي ٿر ۾ زير زمين پاڻي جا وهڪرا ختم ٿي ويندا تـ پوءِ وڻ ۽ ٻوٽن جو زنده رهڻ ناممڪن ٿي پوندو ۽ جڏهن وڻ ۽ ٻوٽا ئي نـ رهندا تـ چوپايو مال ڪئين رهي سگهندو ٻي ڳالهـ تـ اها زمين پوءِ برساتي پاڻي تي بـ آبادي جي لائق نـ رهندي ءِ ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٿي سگهي تـ ٿر ۾ پوءِ برساتو بـ نـ پون جيڪڏهن برساتن نـ پوڻ جيترو اثر نٿو پوي تـ بـ زمين جو مٿيون تح هٽي وڃڻ جي ڪري گاه برساتن تي بـ نـ ٿي سگهندو جيڪڏهن انهن ماڻهن کي اتان لڏائي باقي ٿر جي ٻين ايرياز ۾ آباد ڪيو ويو تـ يقينن انهن ايرياز ۾ آبادي جو پريشر وڌندو ۽ ٻي ڳالهـ تـ جيڪڏهن ڪوئلي واري علائقي مان ئي زير زمين پاڻي ڪڌيو ويو تـ انهي جو اثر پوري ٿر تي پوندو ڇو جو زير زمين پاڻي جا وهڪرا هوندا آهن جيڪي وهندا رهندا آهن.باقي ٿر جي ماحوليات تي پڻ اثر ٿيندو اتي بـ چوپايو مال رکڻ ايترو ممڪن نـ هوندو انهي ڪري ڪوئلي تي جدوجهد ڪندڙ ماڻهن کي انهي ڏس ۾ بـ سوچڻ گهرجي انهي کان پوءِ ڪوئلي واري ايريا ۾ جن ماڻهن جون ذاتي سروي زمينو آهن يا هنن جا ذاتي گهر آهن انهن ماڻهن کي اهي گهر ۽ زمينون تـ ڇڏڻيون پونديون پوءِ سوچڻ جي ڳالهـ آهي تـ انهن ماڻهن کي معاوضي ۾ ڇا ٿو ڏنو وڃي حقيقت ۾ انهن کي معاوضي ۾ بئراجي ايريا ۾ آبادي لائق اوتري زمين ڏني وڃي جيتري هن جي ڪول ايريا ۾ آهي. يا تـ پوءِ هن کي انهي جو جائز معاوضو ڏنو وڃي جيڪڏهن سرڪار سڳوري پنجابي رٽائر فوجن کي بدين ۾ زمين ڏئي سگهي ٿي . پر جيڪڏهن اهين ممڪن ناهي ۽ ٿرين کي ڏيئڻ جيتري زمين سرڪار سڳوري جي هٿ وس ناهي تـ ٿر ڪول جي حوالي سان ٿر ۾ اٿندڙ بي چئيني جو هڪڙو ئي حل آهي تـ سرڪار سڳوري کي گهرجي تـ جيڪو ذوالفقار آبادي جي نالي تي جيڪو منصوبو ٺٽي ۾ سوچ ويچار هيٺ آهي انهي منصوبي تي سنڌ کي اعتراض بـ آهن انهي ڪري انهي منصوبي تي خرچ ٿيندڙ رقم مان جيڪڏهن سرڪار سڳوري همٿ ڪري ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ڪو ماڊرن بگ سٽي تعمير ڪرائي . ۽ انهي بگ سٽي ۾ انهي ڪوئلي واري ايريا ۾ آباد ٿيل ٻاهتر ڳوٺن جي ماڻهن کي آباد ڪري، يقينن انهي بگ سٽي ۾ انساني ضرورت جو بنيادي سهوليتون ضرور مهيا ڪندي. جنهن ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج يونيورسٽيون صحت جي بنيادي سهوليتون پيئڻ لاءِ مٺي پاڻي جي سهوليت جنهن لئـ ٿريا نسل در نسل سڪندا رهيا آهن انهي بگ سٽي ۾ ٿرين کي آباد ڪري تـ اهو ٿرين لئـ موزون معاوضو هوندو انهي سان اهو ٿيندو تـ ڪوئلي نڪرڻ سان ماحولياتي جي خرابي جي ڪري ڪي بيماريون پئدا ٿين ٿيون تـ انهن جو اتي جو اتي آساني سان علاج ڪري سگهبو . اڄ جي ٿرين تي جيڪو هن وقت ڪم ڪندڙ ڪمپنيون اڻ پڙهي هجڻ جي ڳالهـ ٿيون ڪن جيڪڏهن انهي بگ سٽي ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج۽ يونيورسٽيون هونديون تـ ٻن ڏهاڪن اندر ٿر جو موجوده نسل ٽيڪنيڪل تعليم حاصل ڪري انهي لائق بنجي ويندو جو هو انهي ٿر ڪول پروجيڪٽ ۾ ڪنهن سٺي پوزيشن تي نوڪري ڪري سگهندو . ٿر جيڪوئلي وارن ڳوٺن کي سٺي نموني سان آباد ڪري سگهبو انهي سان نسلن کان ڀوڳيندڙ ٿر جي ماڻهن جي تقدير تبديل ٿي ويندي جيڪڏهن هيئير اهين نڪيو ويو تـ ڪوئلو نڪرندو ۽ ڪوئلي جي نڪرڻ سان اسلام ڪوٽ جي موجوده شڪل تبديل ٿيئڻي آهي ۽ اها ٿيندي پر پوءِ اهين ٿيندو جو انهي اسلام ڪوٽ ۾ اهي ماڻهون اچي آباد ٿيندا جيڪي ڪوئلي ۾ ڪم ڪرڻ لئـ ايندا ۽ اهو بـ ياد رکڻ گهرجي تـ پوءِ اهي رڳو ٽڪنيڪل ماڻهو ڪونـ هوندا انهي ۾ نان ٽڪنيڪل ماڻهو بـ اهي ٽيڪنيڪل ماڻهو پنهنجي واسطي پٺيان اتان ئي وٺي ايندا ۽ انهن کي هتي آباد ڪندا جئين هيئنر بـ ڪم ڪندڙ ماڻهون بورچي ۽ ڊرائيور پاڻ سان گڏ وٺي آيا آهن پوءِ اتي ڍاٽڪي يا سنڌي ڳالهائڻ وارو ڳوليو ڪونـ لڀندو انهي ڪري اربابن سرڪار ۽ ڪوئلو لئـ جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي انهي ڏس ۾ سوچڻ ضرور گهرجي ٿر جو مسقبل جو وڏو شهر اسلام ڪوٽ آهي مٺي نـ سوءِ ڪوئلي لئـ جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي ڌارين جي ڀرتي خلاف نعارا بـ ٺيڪ آهن پر هنن جي گهر اها هجي تـ جن ڳوٺن ۾ ڪوئلو آهي انهن کي اسلام ڪوٽ ۾ آباد ڪري هنن کي بنيادي سهوليتن سان گڏ ٽڪنيڪل تعليم جي وڌ کان وڌ سهوليت مهيا ڪئي وڃي جيئين ايندڙ ٻن ڏاهاڪن ۾ هتان جو انساني وسيلو استعمال ڪري ڪوئلو ڪڍي سگهجي ٻاڀڻئين ڀيل جو ڀيل سڀاڻي انجنيئر ٿي ڪوئلي ۾ ڪم ڪري باقي جدوجهد واريون حاصلاتون وقتي ۽ بي فائدا هونديون جيڪڏهن ٿريا چوڪيدار پٽيوالا ۽ ڊرائيور لڳا تـ بـ ڪيترا لڳندا نـ تـ ٿر ڪول ٿي سگهي ملڪ ۽ قوم کي ڪو فائدو ڏي تـ ڏي پر ٿر کي نقصان ڏيندو ٿريا خانا بدوش ٿيا پيا بئراجي علائقن ۾ ڦرندا انهي ڪري جدوجهد ڪندڙ ڌريون هيئنر ئي مسقل حل لئـ جدو جهد ڪن .

    Jogee_khalid@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو