جنهن ڪتاب تي آئون ناچاڪي جي حالت ۾ ڪجهه لکي رهيو آهيان سو سنڌ جي نوجوان اديب خالد ڪنڀار جو آهي. ان ڪتاب کي جيترو آئون ڏسي سگهيو آهيان، ان ۾ فڪر جي گهرائي، فلسفي جي ڳوڙهائي ۽ دل جي درد جون فلسفيانه ڳالهيون سمايل آهن، هن ڪتاب کي مڪمل ڪتاب ته نه، پر خوبصورت خيالن جو مجموعو چئي سگهجي ٿو، جنهن جي وڏي ۾ وڏي خوبي، ٻولي جي چاشني ۽ وطن جي ولهارن جي منظر نگاري آهي. حقيقت ۾ خالد کي نج ۽ نبار سنڌي ٻولي لکڻ تي وڏو عبور حاصل آهي. اڄ جي دور ۾ جڏهن اسان جي شاعري ۽ ڪالم زلفن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ بي شعور حاڪمن جي واکاڻ ۽ مدح سرائي ۾ مصروف آهن ان وقت خالد جا هي ڪالم نه رڳو دلين کي شڪار ڪن ٿا پر دماغن کي به متحرڪ ڪرڻ ۽ نيون واٽون ڳولڻ تي مجبور ڪن ٿا. حقيقت ۾ ٽي شيون اهڙيون آهن جيڪي انساني ذهن کي مختلف رستن تي ڀٽڪائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، مثال طور فلسفو جنهن جو هن ڪتاب ۾ ڪافي ذڪر ٿيل آهي سو شڪ جا دروازا کولي ٿو، پر انهن کي بند نٿو ڪري ۽ اهي کليل دروازا ئي اڳتي هلي سائنس کي جنم ڏين ٿا. سائنس انساني ذهن جي انڪشاري کي ثبوت ڏي ٿي پر ان جي اندر ۾ اها رومانيت پيدا نٿي ڪري سگهي جنهن جي ڪشش ۾ ماڻهو سانوڻ جي ڪڪرن کي ڀاڪر پائڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿو ۽ دل جي اڱڻ ۾ اهڙا رابيل ڦٽن جيڪي من ۽ تن ٻئي واسي ڇڏين اها شيءَ صرف عقيدو ئي ڏئي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ خالد ان عقيدي کي گودڙي ۾ درد دل سڏيو آهي پر ان درد دل وٽ ثبوت نه هوندو آهي پر ذهني اطمينان لاءِ ڪئين رنگن واري نهرو جي واسڪوٽي ۾ لڳل گلاب جي تازگي ضرور هوندي آهي. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته خالد گهڻي مصروفيتن پوءِ اهي نصابي هجن يا غير نصابي جي موجودگي ۾ اهڙا ڪالم لکي سگهيو آهي. مونکي هن ڪتاب گودڙي ۾ صرف هڪڙو راز نظر اچي ٿو ته هن جتي ڪٿي پنهنجي ذات ڪنڀر لکي آهي جڏهن ته ڀٽائي ڪنڀر لفظ جي بدران ڪنڀار لفظ ڪتب آندو آهي جنهنجو اهو عنوان مون مٿي رکيو آهي. پڪا رڇ ڪنڀار جا، پڪي نهائين، مونکي تهائين، ڀيلو ڀاڱي آئيو. خالد جيتوڻيڪ اڄڪلهه علم ۽ ادب جي دنيا کان گهڻي ڀاڱي ڪٽجي چڪو آهي پر منهنجي خواهش آهي ته هو وري اهڙا ڪالم لکڻ شروع ڪري ته جيئن سنڌي ادب ۾ سنجيدگي، فڪر جي گهرائي، فلسفي جي اونائي ۽ عقيدي جي رومانيت برقرار رکي. عبدالواحد آريسر انڙ آباد 2010/01/06