عبرت آرٽيڪل شخص هو به ڇا هيو؟ خالد ڪنڀار اهو سوال صرف مون وٽ ناهي، اهو سوال سنڌ جي هڪڙي وڏي حلقي وٽ هن جي وڇوڙي کانپوءِ موجود رهيو آهي ته آخر هن جي شخصيت ۾ اهڙو ڇا هو اهڙي ڪهڙي مڻيان هئي جو وڏي ۾ وڏي اڪابر ۽ عام ڪارڪن کان وٺي هن جي وڏن سياسي ۽ نظرياتي مخالفن تائين سڀ هن سان هڪ جيترو پيار ڪن ٿا ۽سڀ هن جي درد کي هڪ جيتري شدت سان محسوس ڪن ٿا؟ هن لئه ساري سنڌ جون اکيون آگم ڪري اوهيرا ٿي وٺيون ۽ ها هن جي درد جي ڇيت هرڪنهن پنهنجي دل ۾ چڀندي محسوس ڪئي. جيڪڏهن اوهين اهو ٿا سمجهو ته ڪو سنڌ هن سان انهيءَ جي ڪري محبت ۾ مست آهي جو انهي جو سبب هن جي بي وقتائتي موت سنڌ جا هڏ ۽ سنڌ ساڻا ڪري دل چور چور ڪري ڇڏي ته بي وقتائتو موت ته لمحي لئه اثر ڇڏيندو آهي هي درد ته هر ڪوئي سمجهي ٿو ته جيستائين سنڌ رهندي اوستائين محسوس ٿيندو رهندو يا جيڪڏهن اوهين اهين ٿا سمجهو ته سنڌ هن سان غيرمشروط محبت ڪئي آهي ته ائين ناهي سنڌ سدائين مشروط محبت ڪئي آهي هن ڪڏهن به غير مشروط محبت ناهي ڪئي ها باقي اوهين اهو چئي سگهو ٿا ته هو سيد وانگي سنڌ سان غير مشروط محبت ڪرڻ وارو سنڌ جو سچو عاشق هو ۽ اها غير مشروط محبت ڪرڻ واري ونڊ هن کي سن واري سيد وٽان ئي ملي هئي. بس اهو ئي سبب هو جنهن جي ڪري سنڌ هن سان ۽ هو سنڌ سان محبت واري سڳي ۾ سوگها هئا بس سنڌ جو اهو ئي مزاج آهي. جيڪڏهن اوهان هن سان غير مشروط محبت ڪندا تڏهن ئي هو اوهان سان محبت ڪندي نه ته سنڌ وٽان محبت جي توقع ڪرڻ اجائي آهي سنڌ وٽ مشروط محبت جي ڪا به اهميت ناهي ها جڏهن ڪو ماڻهو غير مشروط محبت ڪندو آهي ته پوءِ انهي محبت ۾ ماڻهو پنهنجي محبوب ۾ ڪميون ڪوتاهيون ڏسي ئي ناهي سگهندو بس پوءِ هو محبت ڪندو ويندو آهي ڪندو ويندو آهي بس غير مشروط محبت واري جذبي ۾ جيڪا به ڪوتاهي هوندي آهي اها ماڻهو کي محبوب بدران پاڻ ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. پوءِ هن کي هر آرو انگل ۽ محبوب جو خواهشون پوريون ڪرڻيون پونديون آهن انهي ڪري محبوب کي انهي محبت جو احساس هن جي هوندي به هوندو آهي پر هن جي وڃڻ کانپوءِ هن جي عدم موجودگي هن کي اڪيلو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ هو هن جي محبت کان محرومي کي شدت سان محسوس ڪندو آهي. انهي ڪري ئي موجوده سنڌ بشير خان جي وڇوڙي تي اڻڀن وارن ۽ پٿرايل اکين سان اڪيلي اڪيلي بيٺي آهي. اوهان بشير خان جي ڪردار کي کڻي ڏسو اوهان هن جي عمل کي کڻو اوهان هن جي مزاج کي کڻو اوهان ڪميٽمينٽ کي کڻو ڪٿي به سواءِ گهڙي لئي اوهان کي ائين نه لڳندو ته ڪٿي هن ڪنهن وک کي مشروط ڪيو هجي سنڌي قوم سان هو سن جي سائين وانگي اوهان کي غير مشروط بيٺل نظر ايندو غير مشروط محبت جي ڪهڙي تشريح ڪجي بس اها محبت جنهن ۾ محبت ڪندڙ جنهن سان محبت ڪري ٿو انهيءَ کان هو موٽ ۾ ڪجهه گهرڻ بدران رڳو محبت ڪرڻ هوندو آهي ۽ محبوب جي هر بي واجبي به هن کي محسوس نه ٿيندي هجي اها هئي اها محبت جنهن ۾ سن وارو سائين سنڌي قوم کي قوم بدران محبوب سڏيندو هو. جڏهن ڪير غير مشروط محبت واري جذبي ۽ احساس ۾ هوندو آهي ته هن جي شخصيت ۾ اهو نکار اچي ويندو آهي جيڪو بشير خان جي شخصيت ۾ اچي ويو هو جيڪي چون ٿا ته بشير خان ڪارڪن ورڪر يا عام سنڌي ماڻهو سان وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ملندو هو هن ۾ رويتي ليڊر واري انا وڏائي ۽ هٺ ڪو نه هو اهي ماڻهو انهن ڪارڪنن سان به ملن جن سائين جي ايم سيد سان گڏ گذاريو اهي ڪارڪن به سائين جون اهي خوبيون ڳڻائيندا سيد اسان لئه پاڻ ماني کڻي ايندو هو، هو اسان تي پاڻ اچي رات جو سوڙون اوڍائيندو هو هو اسان کي ڀاڙا خرچيون ڏيندو هو، هو هر ڪارڪن ۽ ليڊر سان هڪ جيترو پيار ڪندو هو. اهي خوبيون سائين جي ايم سيد ۾ به هيون بس هي سيد ۽ سنڌ جو سچو عاشق هو انهي ڪري اهي هن کي ونڊ ۾ مليون هيون. هڪڙو ته بشير خان ۾ اهو سنڌ ۽ سيد جو عاشق هجڻ ڪري سيد جي نظرئي ۽ سنڌي قوم ۽ سنڌ ڌرتي سان غير مشروط محبت وارو جذبو هو ٻيو ته بشير خان سنڌ جي قومپرست سياست جيڪا نظرياتي بحث مباحثن تائين محدود هئي انهي جا حقيقي وارث اهي دانشور دوست بڻيل هئا جيڪي پنهنجي دماغن ۾ سدائين ڪتابن جون هڙون کڻي هلندا هئا جيڪي هر حڪمت عملي عقلي ۽ ڪتابي دليلن جي بنياد تي رڳو ڳالهين جا ڳوٺ اڏڻ ۾ پورا هئا هن انهي قومپرست سياست کي ڪتابي دليلن ۽ سياسي بحث مباحثن مان ٻاهر ڪڍي حقيقي معنيٰ ۾ عملي ۽ عوامي سطح تائين آندو. هن جا ڪارڪن ڪو ايترا گهڻ پڙهيا ڪو نه هئا يا آهن پر هو عملي ماڻهو هو انهي ڪري هن جي ڪارڪنن ۾ عملي وک وارو سفر ڪرڻ جي ست آهي هنن وٽ عقل ۽ دليل پوءِ آهن پهريون سبق عمل جو آهي هن جي ايم سيد واري نظريئي کي عوامي ۽ عملي جيئدان ڏنو ٻي ڳالهه ته اسان جا اڪابر جيڪي سائين جي ايم سيد واري نظرياتي قومي فڪر جا پيروڪار هوندي به ذهني طرح طبقاتي سوچ ۾ ورتل هئا انهي ڪري هنن قومي جدوجهد کي ڪنهن حد تائين قومي جدوجهد کي قومي طبقاتي جدوجهد بڻائي ڇڏيو هو ۽ هنن قومي تحريڪ کي هيٺين ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس تائين محدود ڪري ڇڏيو هو هنن ايستائين جو مٿئين ڪلاس ۾ قومي تحريڪ سان همدردي رکڻ وارو رشتو به ڪو نه رکيو هو بشير خان قومي تحريڪ کي طبقاتي قومي جدوجهد تائين محدود نه ڪيو بلڪ هن انهي کي طبقات واري خاني مان ڪڍي عوامي بڻايو هن جي انهي حڪمت عملي کي هن جا ئي ڪارڪن چون ٿا ته اهو هن جا سماجي واسطا هئا حقيقت ۾اهو سماجي واسطا نه پر سياسي حڪمت عملي هئي جو ڪيترائي سنڌ جا وڏيرا جاگيردار مير ۽ پير ٻين سياسي پارٽين ۾ هوندي به قومي تحريڪ جي هر حوالي سان مدد ڪندا هئا هو اڻ سڌي طرح قومي تحريڪ جو حصو هئا اها بشير خان جي سياسي دانش هئي جو هن قوم کي قوم ٿي سمجهيو هن قوم کي مذهبن ۽ طبقن ۾ ڪو نه ورهايو. بشير خان انهن قومي ڪارڪنن جي سڀني کان گهڻي عزت ڪندو هو جيڪي سائين جي ايم سيد کي ويجها هئا توڙي جو انهي مان گهڻا تڻان قومي تحريڪ ڇڏي چڪا آهن يا ته خاموشي جي زندگي پيا گذارين يا ٻين قومي ڌڙن ۾ آهن پر انهي هوندي به بشير خان انهن کي گهڻي عزت سان ملندو هو ۽ هنن کي چوندو هو اوهين اسان جا وڏا آهيو اچو اسانجي رهنمائي ڪريو هو انهن جي دل سان عزت ڪندو هو. بشير خان نج سنڌي روايتن وارو ماڻهو هو ملڻ جلڻ ۽ منهن مهانڊي مان نج سنڌي لڳندو ۽ محسوس ٿيندو هو ڪلين شيو سوٽ بوٽ ٺٺ ٺانگر هن کي جچندا ئي ڪونه هئا هو سنڌ جي مٽي مان ڳوهيل ماڻهو هو هو توڙي جو مڊل ڪلاس جو ماڻهو پر هن ۾ روئتي مڊل ڪلاس واري ماڻهو واريون محروميون ڪو نه هيون نه وري سنڌ جي روايتي ليڊرن وارو مزاج هو هو انهن سڀني کان گهڻو مختلف ۽ الڳ الڳ هو. هو ليڊر بدران ڪارڪن نه رڳو سڏرائيندو هو پر هو ڪارڪن وانگر سوچيندو به هو انهي ڪري هن کي ڪارڪن جي مزاج جي خبر هئي ۽ ڪامياب ليڊر آهي ئي اهو جيڪو ڪارڪن وانگر سوچڻ وارو آرٽ ڄاڻيندو هجي اهو ئي ڪارڪن کي سٺي نموني هلائي سگهي ٿو اهو ئي ڪامياب ليڊر ٿي سگهي ٿو انهي ڪري ئي هن ۽ ڪارڪنن جي وچ ۾ ليڊر ۽ ڪارڪن بدران عاشق ۽ محبوب وارو رشتو هو. هن تي تنقيد ڪرڻ وارا هن جي حياتي ۾ هن تي وڏي ۾ وڏو الزام اهو هڻندا هئا ته هو گهڻو پڙهيل ناهي پر اسان وارا اڪابر نظريي کان اڳتي وک کڻڻ لئه تيار ناهن قومن جون حالتون ۽ قسمتون ته وري به عملن ئي تبديل ڪيو آهن ۽ هو سراپا عمل هو هن جي وڇوڙي کانپوءِ گهڻن اڪابرن جو عقل اوجاڳي واري ننڊ مان جاڳي پيو ۽ اچي مرثيا لکيائون بس وٺ وٺان ٿي وئي اسانجي سنڌ جي سرت کي الاهي ته ڇا ٿي ويو آهي اهي اڪابر جن ڪڏهن سائين جي ايم سيد جي ورسي ۽ سالگرهه تي ٻه اکر ڪو نه لکيا پر پر پوءِ اخبارن جا ايڊيٽوريل پيج بشير خان جي ڏک ۾ سڏڪا ڀري رهيا هئا انهن اڪابرن جو اهو ڏک ته ٺيڪ هو پر انهن جي قلم جي مس 23 مارچ واري ڏينهن تي ڪيل آزادي مارچ مهل ڇو سڪي وئي هئي؟ انهي ڏينهن انهن جي عقل ڪهڙيون ننڊ جون گوريون ريڙهيون هيون جو سجاڳ نه ٿي سگهيا؟ اسان جدوجهد بدران موت تي ڇو ٿا اوساريون اسان جو عقل جدوجهد ۾ رهنمائي ۽ همت افزائي ڇو نٿو ڪري هي اسان جي اڪابرن جو ڪهڙو رويو آهي؟ هجڻ ته ائين گهرجي جو اسان جدوجهد ۾ پنهنجو عقل ۽ سرت استعمال ڪريو پر اسان هميشه مرڻ کانپوءِ مرثيا لکيا آهن انهن اڪابرن جو جدوجهد تي هڪ اکر ته ڏيکاريو.”مون سين هلي سا جا جي مٺو نه ڪري“ بشير خان سنڌ جو حلالي پٽ ۽ سچو عاشق ۽ سن واري سائين جو سچو پيروڪار هو انهي سرٽيفڪيٽ اسان کي هنن کان وٺڻ جي ضرورت ناهي اهي پنهنجو سرٽيفڪيٽ پاڻ وٽ رکن ته بهتر ٿيندو؟ ٻي ڳالهه ته بشير خان جي وڇوڙي کانپوءِ سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۾ وڏي مايوسي ۽ بي چئيني آهي ته هاڻ قومي تحريڪ جو ڇا ٿيندو؟ بشير خان جو بي وقتائتو موت يقينن قومي تحريڪ لئه ڪنهن وڏي نقصان کان گهٽ ناهي قومي تحريڪ ۽ سنڏي قوم لئه وڏو سانحو آهي پر دنيا جي سڀني قومي تحريڪن تي اهي ڏينهن ايندا آهن قومي تحريڪو انهن مرحلن مان گذرنديون آهن پر موجوده سنڌ کي انهي ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪري نئين سگهه سان اٿي بيهڻ گهرجي هي وقت مايوس ٿيڻ بدران مڙي مٺ ٿيڻ جو آهي جيستائين سنڌي قوم۽ سنڌ ڌرتي جي وجود جي بقا جو سوال هوندو اوستائين قومي جدوجهد رهڻي آهي. Jogee_khalid@yahoo.com