ڏهن ڏوڪريون چونئري جي اڳيان ڇيڻي جي ڀور سان لتاڙيل اوٽي تي وڏي عصور جو اٿي ولوڻون ڪنديون هيون. تڏهن مٽي جي ڪني ۾ ڪنڀٽ جي پهاڙ مان ٺهيل جھيرڻي جو ڪني ۾ ڦرڻ جو آواز موسيقي سان اڌ راڄ کي ننڊ مان سجاگ ڪندو هو. انهي ولوڻي جي لئه جيڪا نهري استعمال ٿيندي هئي، اها گگرال جي وڻ جي هوندي هئي. اها نهري گگرال جي وڻ جي هجڻ انهي ڪري به لازمي هوندي هئي جو نهري کان جھيرڻي جي وچ وارو رسو جڏهن ولوڻي ڪرڻ سان گهمندو هو ته انهي رسي جي گهمڻ ڪري گگر جي نهري جي خوشبو ولوڻي واري ڪني تي پوندي هئي. ۽ انهي ئي گگرال جي خوشبو جي ڪري هڪ ته ڪني تي مکيون ڪونه اينديون هيون ۽ ٻيو جھڻ خوشبودار ٿيندي هئي. گگرال جي لڳل ڪاٺي ڪڏهن به سڪندي نه آهي جيڪڏهن زمين ۾ قلم ڪيل هجي ته اها اتي ئي اڱڻ تي گگرال جي وڻ ۾ تبديل ٿي ويندي هئي. ڀاڳياڻيون ڏوڪريون سائي وڻ ۾ ولوڻون ڪرڻ کي سڀاڳ سمجھنديون هيون، چونديون هيون مال ۽ کير ۾ برڪت پوندي. خير هاڻ ته نه اهي ڏوڪريون رهيون آهن ۽ نه ئي وري گهرن جي اوٽن تي ولوڻان ٿين ٿا. ڇو جو هاڻ ڀاڳياڻن عورتن جي مال جو کير ويجھن مارڪيٽن ۾ وڪرو ٿئي ٿو رڳو ولوڻي واري نهري ۾ نه پر گگرال جي گگر جو واس سڄي گهر ۾ ڀوت پريت ۽ ٻي بد نظر کان بچڻ لئه ڪبو هو. بد نظر کان بچڻ لئه ئي اهو گگر جو واس ڀاڳيا پنهنجي وٿاڻن ۾ مال کي به ڪندا هئا، جنهن سال وسڪارو ڀلو ٿيندو هو. انهي سال فصل بيٺل سڄي ٻني کي به واس ڪندا هئا درگاهن ۾ گگر جو واس ڪبو هو ۽ مندر ۾ ديون ۽ ديوتائن کي به واس ڪبو هو مندرن ۾ ٿيندڙ هون ۾ گگر استعمال ٿيندو هو. گگر جي وڻ کي ٿر ۾ فقير وڻ چيو ويندو آهي. گگر جي ستي معصوم ٻار کي پيٽ ۾ سور پوڻ وقت به ڏبي هئي مال ۾ جيڪڏهن ”واءَ“ جي بيماري ٿيندي هئي ته انهي جي لاءِ گگر جو واس هڪ ٽڪ هو. مڪانن ۽ اوليائن کي گگرال جي وڻن جون ٽاريون کوڙي لوڙهو ڏنو ويندو هو جيڪو پوءِ برسات پوڻ تي ٽاريون سائون ٿي پونديون هيون ۽ قبرن جي مٿان اڃان به پٽ ڪونر جو ٻوٽو لڳائبو آهي. ڏاهين ڏوڪرين لئه سائو وڻ به سڀاڳ جي نشاني آهي. ايترن سمورن ڪارڻن ۾ ڪم ايندڙ گگر جي جڳهـه هاڻ ڪن ڪن هندن واس ڏيڻ لئه لوبان ورتي آهي. جڏهن اڃان سيمينٽ جون فيڪٽريون ئي ڪونه ٺهيون هيون تڏهن گگر کي مٽي جي گاري ۾ گڏائي اوساري ۾ استعمال ڪيو ويندو هو. جنهن جو آخري پساهن ۾ بيٺل ڀوڏيسر جو جين مت وارو مندر آهي. جنهن جي اوساري ۾ گگر استعمال ٿيل آهي. شروع شروع ۾ ته رنگ ۾ به گگر کي ملايو ويندو هو. جڳهه وڃي پر رنگ نه وڃي. اهو گگرال جو فقير وڻ پاڻ وٽ هتي ٿر ۽ پارڪر واري ڪارونجھر جبل ۾ گهڻو ٿئي ٿو. پر ڏهن ٻارنهن سالن کان ڪيميڪل ذريعي ٽڪ ڪري گهڻي گگر کي حاصل ڪرڻ واري هٻڇين جي هٻڇ گگرال جي وڻ جي تباهي ڪري ڇڏي آهي. ٿر ۽ پارڪر جا اڪثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اهي ٻيلي کاتي جي عملدارن جون ئي مهربانيون آهن جنهن ڪري گگرال جي هي حالت ٿي آهي. پهريون ماڻهون ٻيلي کاتي جو عملدار ئي هو جنهن ٿر ۾ گگرال جي ٽڪ ۽ انهي ڪيميڪل جي ملاوت جي شروعات ڪئي. نه ته ڪڏهن به باقاعده نه گگرال جي ٽڪ ٿيندي هئي ۽ نه ئي ڪيميڪل جو استعمال ٿيندو هو. جڏهن سائين ڀائو ٻيلي کاتي جو آفيسر ٿيو هن شروعات ئي وڻن جي تباهي کان ڪئي اڃان تائين انهي ڌنڌي ۾ رڌل آهي. هڪڙي ننگر جي کوسي ٻڌايو ته اسانجي ته برادري مان جنهن به ٽڪ ڪئي اهي سڀ جا سڀ سورن جا آهن. پر ٻيلي کاتي وارو هي آفيسر سائين ڀايو ته گگرال مان ئي هاڻ ڪروڙ پتي ٿيو آهي. سال جي ٻارنهن مهينن ۾ چار ، وڌ ۾ وڌ پنج مهينا ڊسمبر کان مارچ ، اپريل تائين گگرال جي ٽڪ هلندي آهي. ماڪ پوڻ سان ئي ٺيڪيدار سنڀرڻ شروع ڪندا آهن. باقي مينهوڳي جي مند وسڪاري ۽ اونهاري جي ڪاڙهن ۾ هن جي ٽڪ فائدي مند ناهي ڇو جو وسڪاري جي مينهن پوڻ سان ئي ٽڪ مان سمورو ڪيميڪل نڪري ويندو آهي. ۽ شديد گرمي ۾ به گگر ناهي ڄمندو گگر صرف واهوندي ۽ ماڪ تي ڄمندو آهي. شروعاتي ڏينهن ۾ ٽيهه کان چاليهه ڏينهن ۽ پڇاڙي ۾ ويهـ کان ٻاويهه ڏينهن ۾ گگر تيار ٿيندو آهي. پارڪر جو سمورو جبل گگرال جي ڪري ئي مختلف سرياند ماڻهن وٽ ورهايل آهي. هن ورهاست ۾ سياسي اثر رسوخ به ڀرپوراستعمال ٿئي ٿو. هر ڪنهن سرياند جو جبل ۾ پنهنجو پنهنجو علائقو آهي. هڪڙو ماڻهو ٻي جي علائقي ۾ ٽڪ نٿو ڪري سگهي سڄي علائقي ۾ جھنڊيون لڳل آهن. جيڪي علائقي جي ورهاست جي نشاندهي ڪن ٿيون. ۽ انهن علائقن تي راکا به رکيل آهن جيڪي انهن علائقن جي جاچ ڪن ٿا. متان ڪو چوري گگر نه لاهي وڃي. هتي ٽڪ ڪندڙ هر مزدور کي روزانه جي مزدوري 150 کان 200 رپيا ملي ٿي. اهي ڪولهي آهن. جيڪي جبل جي واٽن ۽ وڻن کان واقف آهن. ٽڪ ڪرڻ لئه استعمال ٿيندڙ مصالحي ۾ گگر پڻ استعمال ٿيندو آهي. جنهن کي ٻج چئبو آهي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ٻج ناهي ته اهو ڊسمبر ۾ ٽڪ ڪري پهرين ٻج حاصل ڪندو پوءِ اهو ٻج ۽ پنساري جي دڪان تان ”هينگ“ پاڻ ۾ ملائي انهي کي ٽڪ ۾ استعمال ڪبو آهي. سائين ڀائي وٽ ته اڇي رنگ جو ڪيميڪل به آهي جنهن جي خبر هر ڪنهن کي ناهي. اهو ڪيميڪل ٽڪ ڪندڙ پاڻ سان گڏ دٻي ۾ کڻندو آهي. پوءِ ننڍڙي ڪهاڙي جو منهن انهي ڏٻي ۾ ٻوڙيندو ويندو آهي ۽ گگرال جي ٽاري کي ائين گڏ گڏ ٻـ چيهڪا ڏيندو آهي اهو چيهڪو ايڏي ته هوشياري سان ڏبو آهي. جو صرف کَلَ تي اچي جيڪڏهن چيهڪو کَلَ کان هيٺ ويو ته انهي چيهڪي مان گگر ڪو نه نڪرندو. جيڪڏهن وڻ اڳ ۾ ٽڪيل نه هوندو ته هر وڻ ۾ هڪ ڪلو گگر ملندو ٽڪيل اڳم هوندو ته اڌ ڪلو پڪو آهي. ۽ هڪڙو ڪولهي مزدور روز پنجاهه 50 وڻ ٽڪي سگهي ٿو. ۽ ڪيميڪل کانسواءِ ٽڪيل وڻ اڌ پاءُ گگر مس ڏيندو جيڪا اصل هوندي. پر جيڪڏهن ڪنهن وڻ ۾ رس وهڻ بند نٿو ڪري ته اهو وڻ ايندڙ وسڪاري ۾ به سائو نه ٿيندو. هونءَ ته ٽڪ سان سڀ وڻ سڪي پون ٿا. پر ڪجهه وسڪاري ۾ وري ساوا ٿين ٿا. ٽڪ ٿيل وڻ گگر حاصل ڪرڻ کان پوءِ ايترو ته ڪمزور هوندو آهي. هن کي جيڪڏهن هڪڙي هٿ سان ڇڪ ڏجي ته پهاڙ مان اکڙي اچي پٽ تي ڪرندوڇو جو هينگ ۽ ڪيميڪل گگر جي صورت ۾ وڻ جي سموري طاقت چوسي ڇڏن ٿا. پارڪر جي جبلن مان ملندڙ گگر گولڊن ڪلر جو، ۽ وارياسي علائقي مان ملندڙ گگر سائي ڪلر جو ٿئي ٿو. پارڪر جو گگر ٿر واري گگر جي ڀيٽ ۾ گهڻو سخت ٿئي ٿو. ۽ گهڻو مهانگو به گگر جو مڻ گهٽ ۾ گهٽ 30 هزار ۾ وڪرو ٿئي ٿو. ايترو مهانگو وڪرو ٿيندڙ گگر ئي سڀني کي هرکايو آهي. سڀ بي رحم ٿي ٻه پئسا ڪمائڻ لئه گگر جھڙِي فقير وڻ جا ويري ٿي پيا آهن. گگر جي انهي ٽڪ واري ڪم ۾ اتان جا مڪامي وڏيرا، سياسي پٽيل، ٻيلو کاتو ۽ عملدار سڌي ريت ملوث آهن. سڀني جو حصو پتي آهي. ٽڪ کي روڪڻ جي جن کي ذميواري مليل آهي، اهي پاڻ ٽڪ لئه ڪيميڪل وٺي ٿيون اچن. ڪجهه سمجههڀريل ماڻهن انهي ٽڪ کي روڪڻ لئه گذريل سال احتجاج به ڪيا ۽ انهن ڪنهن حد تائين ٽڪ کي گذريل سال گهٽ به ڪيو آهي. اڳي جتي هزارين مڻ گگر ويندو هو اتي خود مقامي ماڻهون ٻڌائين ٿا ته گذريل سال سوين مڻ گگرمس ويو هوندو. اهو به مٽي جي گاڏين ۾ ڪٽا لڪائي چوري کڻي. چون ٿا ته انهي ٽڪ کي روڪڻ لئه ننگرپارڪر تي 37 ڄڻن جي خلاف اڳ ۾ ايف آئي آر FIR به داخل ٿيل آهي. جيڪا ننگرپارڪر جي ٿاڻي جي پهرين ايف آئي آر FIR آهي. هڪڙي سماجي تنظيم جي اها دعويٰ آهي ته هنن مڪامي ٻـ سو 200 ماڻهن کي تيار به ڪيو آهي ته اهي ٽڪ روڪڻ ۾ مدد ڪن. پر هنن جو چوڻ آهي ته انهن ڳوٺاڻن کي مڪمل ڄاڻ ڏنل آهي ته انهي عمل تي قلم 144 آهي ۽ هي گيم سينچري ايريا آهي انهي کانسواءِ سيشن جج پڻ جاچ پڙتال ٽيم جوڙي آهي. جنهن ۾ ٻيلو کاتو، رينجرس، صحافي ۽ مقامي تنظيمون ميمبر آهن انهن سڀني جي نتيجي ۾ ٽڪ بند ناهي ٿي پر گذريل سال گهٽ ضرور ٿي هئي. ٻيلي کاتي واري هڪڙي ٻئي به اٽڪل ڪن ٿا جو ٽڪ جي شروعاتي ڏينهن ۾ٻه، ٽِي ماڻهون گرفتار ڪري انهن کان 5 کان 10 هزار وٺي هٿ ڪڍن ۽ پوءِ آساني سان ويٺا ڪم ڪن. پر هيل ته صفا ٻائيتال ٻريل آهي هيل وسڪارو ڀول ٿيئڻ ڪري گگرال جا وڻ وڌيڪ ساوا آهن انهن ۾ هيل وڌيڪ گگر ملڻ جو آسرو آهي انهي ڪري پارڪر جي جبل ۾ هيل باقائده ماڻهو پنهنجو سياسي اثر رسوخ هلائي به گگرال جو ڪجهـ ٽڪرو حاصل ڪرڻ جي هڻ وٺ ۾ آهن ڪنهن ڪنهن جو نالو کڻجي هتي ته صحافين کان وٺي سماجي ڪارڪنن سياسي پٽيلن تائين سڀ گگرال جا ويري آهن. هنن ڪروڙن ۾ ڪمائي ڏٺو آهي هي ٿر ۽ پارڪر ۾ وڏو ڪاروبار آهي. حقيقت ۾ گگرال جي ضرورت اڀرندين ملڪن کي تمام گهڻي آهي ۽ گگرال حڪمت ۾ به استعمال ٿئي ٿو. انهي ڪري بجاءِ گگر تي پابندي هڻڻ هڪ ته گگرال جي ٽڪ ۾ ڪيميڪل يا هينگ جو استعمال بند ڪجي جيئن اهو وڻ مڪمل تباهه نه ٿئي. ائين نه ٿئي ڪو ٻـ چار سالن ۾ گگرال جو وڻ ئي هٿ نه اچي. ٻيو ائين ڪجي جو مينهن پوڻ واري موسم شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ گگرال جا ٽار ڪٽي پاسي ۾ کوڙي ڇڏجن جيئن گگرال جو وڻ اڃان وڌي ۽ اسين وڌيڪ اپت حاصل ڪري سگهون، گگرال جي وڻ کي پوري پارڪر ۽ ٿر ۾ ڦهلائي عام ڪري ڇڏجي ته جيئن اهو ٿر جھڙِي پٺتي پيل ڊزرٽ ايريا جي معيشت جو ذريعو بڻجي سگهي. ذريعو به سگهارو هر ڪنهن کي پنهنجي سيم ۾ گگر جا وڻ لڳائڻ کپن، باقي سماجي تنظيمن ۽ ٻيلو کاتو ائين ڪري جو سرڪاري زمين تي گگر جي وڻ جو مالڪ بجاءِ وڏيري کي ڪرڻ جي اصل ڪولهين جي حوالي ڪري ته جيئن اهو اسان جو پٺتي پيل علائقو ڪجههه اڳتي اچي، بجاءِ احتجاجن جي گگرال جي وڻ بچائڻ سان گڏ گگرال جي وڻ لڳائڻ جي ڪا ٿر ۾ مهم هلائڻ جي ضرورت سڀني کي آهي. جيڪڏهن ٻيلي کاتي جا عملدار اهڙا ٿيا ته پوءِ لک کٽيوسين. Jogee_khalid@yahoo.com