مور جي دل رکندڙ فقير منش ماڻهو مُقيم ڪنڀار جي موڪلاڻي دولت رام کتري

'مختلف موضوع' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    نيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن، جيڪي جنوني حد تائين پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي ٻولي سان پيار ڪن ٿا، دنيا جا ماڻهو انهيءَ کي حب الوطني جو عظيم ڪردار يا ”ديش ڀڳت“ سڏين ٿا. هونءَ ته دنيا ۾ ديش ڀڳت ۽ حب الوطني جا ڪيترائي ڪردار اسان وٽ موجود آهن، پر حب الوطني جي حوالي سان ٿر ڄائي مارئي جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي. اسان دنيا جا خوش نصيب ماڻهو آهيون جو اسان وٽ فطرت جو هڪ شاهڪار علائقو ”ٿر“ پڻ آهي ۽ انهي ٿر ۾ حب الوطني جو عظيم ڪردار مارئي پڻ هئي، جنهن جو ڪردار سڄي دنيا ۾ اڄ به ڳائجي ٿو. مارئي کان پوءِ ٿر سان جيڪي ماڻهو بي انتها محبت ڪندا هئا/ آهن، انهن ۾ هڪڙو نالو مسڪين جهان خان کوسو هوندو هو، ٻيو نالو چاچي علي نواز کوسي جو پڻ آهي ۽ ٽيون نالو نهٽي جي اُنهي فقير منش ماڻهو جو هو، جيڪو 17 مئي 2012ع تي اسان کان هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو. ها هُن شخص جو تعلق سنڌ جي انهيءَ تاريخي ڳوٺ ”نُهٽي“ سان آهي، جنهن جي پيٽ ۾ هاڪڙو درياهه وهندو هو. ٿر سان بي انتها محبت ڪندڙ هُن شخص جي ڇٺي جو نالو ته فقير محمد هو، پر ڳوٺ وارا کيس ”مقيم“ فقير سڏيندا هئا ۽ اُهو مقيم فقير جڏهن 1980ع ۽ 1990ع جي وچ ڌاري پنهنجي ٻارن جي بهتر تعليم لاءِ مٺيءَ آيو ته مٺي جي ماڻهن اُنهي مُقيي فقير کي ”مُقيم ڪنڀار“ بڻايو. 1988ع ڌاري انهيءَ شخص جي مُلاقات جڏهن ٿر جي صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ڪرشن شرما سان ٿي ته هن شخص جو ڪرشن شرما سان روحاني رشتو جُڙي پيو ۽ هُو ڪرشن شرما کي پنهنجي پٽن کان وڌيڪ ڀانئڻ لڳو. هرک جو اڇو پٽڪو، سفيد ڪپڙن جو جوڙو، ڪلهن ۾ ٿر جي لوئي يا کٿي پائي جڏهن هو مٺيءَ جي گهٽين ۾ نڪرندو هو، تڏهن هُن شخص جي لوڏ ۾ ٿر جي ثقافت نکري ايندي هئي ۽ مٺي واسين سان محبت پئي بکندي هئي. هن فقير منش ماڻهو جي ڪردار کي انهن دوستن ئي وڌيڪ سمجهيو هوندو، جيڪي هُن جي تمام گهڻو ويجها رهيا هوندا. سبحان نگراسي، چاچو ملوڪ نهڙيو، ڀورو مل ڪولهي، الهرکيو کوسو، کاٽائو جاني، پريم شيواڻي، ڪرشن شرما، عباس کوسو ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا نالا آهن، جن فقير مقيم کي ويجهي کان ڏٺو ۽ پرکيو.

    مٺيءَ جي بازار ۾ دلا وڪڻي ۽ بعد ۾ اسٽامپ وينڊري جو دڪان کولي پنهنجي ٻارن کي بهترين تعليم ڏياريندڙ هن شخص پنهنجي زندگي ڀرپور نموني گذاري. هو سنڌ جي هڪ قومپرست پارٽي سان ته وابسته هو، پر هن اُصولن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ هو هميشه پنهنجي انهيءَ مؤقف تي قائم رهندو هو، جيڪو مؤقف ٿر جي ڀلي لاءِ هجي، جيڪو مؤقف سنڌ جي ڀلي لاءِ هجي، مون هن کي هميشه فقيري رنگ ۾ ڏٺو، ڪچهري جو ڪوڏيو، سگهڙ ماڻهو جڏهن ٿر جي ڪنهن موضوع تي ڳالهائڻ ويهندو هو ته اکيون پاڻي ۾ ڀرجي اينديون هيون ۽ وري وڏا ٽهڪ ڏئي هو اسان کي چوندو هو ته ”يار ٿر سان عشق اهڙو آهي جو الائي ڇو ٿر جي ڏکن، ڏولاون تي اکيون ڀرجي ٿيون اچن.“ هو جڏهن اسان سان نجي ڪچهرين ۾ سوڊن جي سورهيائي جو ذڪر ڪندو هو يا روپلي ڪولهي ۽ مسڪين جهان خان جو ذڪر ڪندو هو ته اسان کي چوندو هو ته يار اوهان به اهڙا ”جهونجهار شخص“ ٿيڻ جي ڪوشش ڪجو.

    مقيم ڪنڀار ٿر جي ثقافت جو اُهڃاڻ هو ۽ ٿر جي شاندار روايتن جو امين هو. مون کي هڪڙو قصو ياد ٿو اچي ته 1998ع ۾ اسان ٿر جي سڄاڻ دوستن پنهنجي مدد پاڻ تحت مارئي جو ميلو ڀالوا ۾ ملهايو هو. مارئي ادبي ڪانفرنس ۾ جڏهن مقيم کي ڳالهائڻ جو سڏ ڏنو ويو، جڏهن هو شخص اسٽيج تي آيو ته هن پنهنجي جُتي اسٽيج کان هيٺ لاهي پوءِ تقرير جي شروعات ڪيائين، پنهنجي تقرير ۾ هُن چيو ته مارئي ٿر جي ستي ساوتري هئي، اُنهيءَ ڪري ٿر جي هن عظيم ڪردار تي جُتي پائي ڳالهائڻ مناسب نٿو سمجهان هو پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ انتهائي حساس طبيعت ماڻهو هوندو هو. هن جي دل ۾ نه صرف سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو درد هو پر جهنگلي جيوت سان به هن جي بي انتها محبت هوندي هئي. 1998ع ۾ جڏهن نامعلوم شڪارين ڀوڏيسر جي مسجد جي ڀرسان مور کي ڪُهي ماري ڇڏيو ته هو هڪ مقامي اخبار ۾ خبر ڏسي انهي تي زاروزار روئڻ لڳو. مون پُڇيو چاچا روئو پيا ڇا ڳالهه آهي، چيائين ظالمن وڏو ظلم ڪري ڇڏيو آهي، منهنجي ٿر جي سڃاڻپ مُور کي ماري ڇڏيو اٿئون، ڇا مون کي روئڻ نه ايندو؟“

    مقيم ڪنڀار جي دل سچ پچ مور جي دل وانگي تمام گهڻي حساس هوندي هئي. هو ڪارونجهر جي قتل عام تي روئي پوندو هو. ڪارونجهر جبل ۾ ٿيندڙ هٿرادو ڌماڪن تي هن جو روح رڙي پوندو هو. هو چوندو هو ته ڪارونجهر هر روز سوا سير سون ڏئي ٿو، پر ڪارونجهر جا دشمن هن جبل ۾ هٿرادو ڌماڪا ڪرائي هن جي فطري حسن کي تباهه ڪري رهيا آهن. ٿر ۾ جڏهن ڪوئلو نڪتو ته ٿر جي ڪوئلي تي لڳندڙ مختلف پروجيڪٽن ۽ بجلي پاور پلانٽ تي هن جو مؤقف هميشه چٽو ۽ وزنائتو هوندو هو. هو چوندو هو ته ٿر ۾ ڪوئلي تي جيڪي پروجيڪٽ شروع ٿيندا ته پوءِ انهن مسڪين ٿرين جو ڇا ٿيندو، جيڪي سالن کان پنهنجي ڌرتي تي رهندا پيا اچن. انهن ٿرين جا گئوچر، مال متاع، سيمون ۽ ترايون سڀ تباهه ٿي وينديون. هن ٿر جي ڪوئلي جي اشو ۽ ٿر جي فطري حسن تي اخبارن ۾ ڪيترائي مضمون پڻ لکيا، ٿر ۾ ڪو مسئلو ٿي ويندو هو ته سڀ کان اڳ ۾ هن جو قلم جُنبش ۾ اچي ويندو هو. اسان پارن نوجوانن لاءِ هو اُتساهه جو سبب هوندو هو. هو ٿر جي نئين ٽهي جي نوجوان ليکڪن کي لکڻ لاءِ اُتساهيندو هو ۽ لکڻ وارن دوستن کي شابسون ڏيندو هو. هُن ٿر جي نوجوانن ۾ شعور جو هڪ ڏيئو ٻاريو، جيڪو ڪڏهن به وسامي نٿو سگهي. هو ٿر جي ڪيترن نوجوانن کي پنهنجن پٽن وانگر ڀائيندو هو. پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جي تعليم جو هن کي وڏو اونو هوندو هو. فقيري واري حالت ۾ هن پنهنجي اولاد کي پڙهايو ۽ انهن کي وڏن عهدن تي پهچايو. مٺيءَ ۾ سُبحان سنگراسي، چاچو ملوڪ نهڙيو، ماما وشن ٿري ۽ ڪرشن شرما هن جا ويجها دوست هوندا هئا، جن سان هو اڪثر ڪچهريون ڪندي نظر ايندو هو. هڪ سياسي ليڊر هئڻ جي باوجود هن پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن به ليڊر تسليم نه ڪرايو. آخري گهڙي تائين هو پنهنجي سياسي پارٽي سان وفادار ۽ سچو رهيو. سياسي جلسن ۾ اڪثر هو ٿر جي ڪوئلي جي مالڪي ڪرڻ ۽ ٿر ۾ ڪارونجهر ڊيم ٺاهڻ جا مطالبا ڪندو هو. هو سنڌي جي قومي اشوز تي ٿيندڙ جلسن ۾ هميشه پيش پيش هوندو هو. ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ شايد ٿر جو ڪو اهڙو ڳوٺ هجي، جيڪو مُقيم کي نه سڃاڻيندو هجي. هو پنهنجي طبيعت ۾ ملنسار ۽ محبتون وکيريندڙ ماڻهو هوندو هو. سنڌ جا ڪيترائي سڄاڻ ماڻهو مقيم ڪنڀار سان ٿر جي تاريخ، ثقافت، لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هئا. مٺي کان وٺي نُهٽي تائين، ڪارونجهر کان وٺي ڪاسبي تائين، عمرڪوٽ کان وٺي ساڙ دڙي تائين، چيلهار کان وٺي ڇاڇري تائين مقيم ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ ادب تي دسترس رکندو هو. هو ٿر جي لوڪ داستانن، تاريخ، ادب جو وڏو ڄاڻو هو. هو صوفي منش ماڻهو هو ۽ حُسينيت جي قافلي جو پانڌيئڙو هو. محرم جي ڏينهن ۾ جتي هو ڪارا ڪپڙا پائي امام بارگاهن تي ويندو هو ته ساڳي وقت هو هر سال ساڙ دڙي جي ميلي تي وڃي ڀڳتي ۽ صوفين جا ڀڄن ٻڌندو هو. هو صوفي ازم جو قائل هو ۽ انسان دوستي جو حامي هو. هڪ فقير منش ۽ سنڌ سان حقيقي عشق ڪندڙ هن شخص جي وڇوڙي تي سڄو ٿر سوڳوار آهي. هن فقير منش ماڻهو جي محبتن کي ٿر جا ماڻهو ڪڏهن به وساري نٿا سگهن. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ وڏو ادارو هو ۽ ٿرواسين لاءِ رول ماڊل هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو