وحدت الوجود معنئ هڪ وجود هو چون ٿا تـ هي ڪائنات هڪڙو وجود آهي هي جيڪو ڪجهـ بـ ڪائنات ۾ آهي اهو سڀ هڪ آهي هن ڪائنات جي هر شئي جيڪا ظاهر ۾ مخلوق آهي پر اها مخلوق آهي ڪونـ اهو اکين جو دوکو آهي اهو سڀ خالق جو جز آهي خالق هن ڪائنات ۾ پنهنجي هزارين صورتن سان جلواگر آهي هر شئي ۾ هو موجود آهي اها ڳالهـ ڳڻجي تـ ابن عربي کان ٿي چون ٿا تـ وحدت الوجودي نظريئي جو خالق ابن عربي آهي جنهن پهرين پهرين اها ڳالهـ ڪئي هئي انهي ئي شيخ ابن عربي چيو هو تـ جيڪو ڪجهـ محسوس ٿئي ٿو اسان جا حواس محسوس ڪن ٿا اهو حق آهي اسين جنهن کي مخلوق سمجهون ٿا اهو اسان جي عقل جو دوکو آهي هن چيو ظاهر با طن خدا سوءِ ڪجهـ بـ ناهي جيڪو خدا کانسوءِ ۽ مادو محسوس ٿئي ٿو اهو مادو ناهي هو خدا پنهنجي لاتعداد شانن سان هن ڪائنات ۾ جلوواگر آهي ابن عربي جي انهي ڳالهـ جي جتي مخالفت ٿي اتي هن جي انهي ڳالهـ جي پٺيان پير کوڙي بـ گهڻان بيٺا رهيا هن جي مخالفت ڪرڻ وارن وري وحدت الشهود جو نظريو ڏنو جنهن ۾ خالق الڳ ۽ مخلوق الڳ آهي .وحدت الوجود واري نطريئي جا پيروڪارن پوءِ اهين ڪيو جو انهي خيال جا ابتا سبتا پيرا کئنيا ۽ مذهبن ۾ انهي خيال کي ڳولي هٿ ڪيو هر مذهب مان اها ڳالهـ ڳولي هٿ ڪئي ۽ انهي کي ئي هنن مذهبن جي مٿ سمجهيو هن نطرئي جئين خدا جي وحدانيت کي پيش ڪيو اهين ڪنهن بـ مذهب يا ٻي اڪابر نـ ڪيو هن خدا جي وحدانيت واري ڳالهـ ايڏي ڀرپور انداز سان ڪئي جو ٻي ڪنهن جي گهنجائش ئي نـ ڇڏي هن خيال واري آشرم ۾گهڻن ئي گودڙين فقيرن فڪر جي فانوس سان پنهنجي اندر ۾ اهاءِ ٿيندي محسوس ڪيائون آپ ۾ آپ سمايا هي اولي اعجاز ڪي آيا هنن پاڻ ڌڻي کي پنهنجي اندر محسوس ڪيو هنن آدم ۽ آقا جي وچ وارو فرق ميٽي ڇڏيو جتي فقيرن آقا ۽ آدم کي هڪ ڪيو اتي وري هڪ ٿيڻ واري سفر تي جيترا تڪيا هئا انهن جون نشانيون بـ ڏنيون اندر وارو اوڇڻ اجرو رکڻ لئـ ترڪ،تياڳ، ماٺ، واند ڪائي ،اڪيلائي ،خاموشي،فنا ۾ بقا وارا سبق سٽ سٽ جي اکر اکر تي عمل ڪرايا.هنن چيو دل مان خواهشون ترڪ ڇڏجن تـ فاني غير فاني بنجي وڃي ٿو “ موتو قبلل انت موتو” واري واٽ ورتي هنن اها ڳالهـ بـ ڪئي تـ جهالت ۽ علم جو ڪو وجود ئي ناهي اسين هنن کي هڪ ٻي جي مقابلي ۾ پيش ڪريون ٿا اصل ۾ اهي ٻئي جهالت سان ظاهر ٿين ٿا .استاد گوتم فقير تـ ايستائين بـ چيو تـ جيڪڏهن اوهان جي ڪپڙن کي باه لڳل هجي يا سر کي باه لڳل هجي انهي کي وسائڻ وقت بـ خواهش جي فنا جي ڪوشش ڪريو برهما ۽ بندو پاڻ ۾ اهين سمائجي ويا جو هڪڙي ڏينهن شبلي وچ چوڪ تي وائز پي ڪيو اتان حلاج گذريو هن شبلي کي چيو تـ هي تـ ڳجهـ جون ڳالهيون آهن تون اهين ڇو ڪري رهيو آهين انهي تي شبلي چيو هتي ٻيو آهي ئي ڪير هتي بس آئون ئي آئون آهيان اوهان جون اکيون بـ دوکو کائي ويون . مجهي هر ڪلي شجر ۾ تيرا نور نظر آيا اهي سڀ وڻ وڻ جي ڪاٺي هوندي بـ پنهنجو پاڻ کي هڪڙي وڻ جون ڪاٺيون سمجهندا هئا ۽ ها نـ صرف سمجهندا هئا پر اهي هڪ وڻ جي ڪاٺي ٿيا هئا يا هڪڙو وڻ ٿيا هئا.انهي وحدت الوجودي فڪر واري واٽ تي جيڪي فقير پنهنجي اندر جي اندر ۾ سفر تي آهن انهن سان ڪهڙي ڳالهـ ڪجي ڇو جو هي جيڪو وحدت مان ڪثرت ۽ ڪثرت مان ڪل ٿيڻ وارو سفر آهي اهو هو بهتر ڄاڻن ٿا تـ هي وحدت الوجود وارو فڪر جنهن ۾ هي سڀ ڪجهـ هڪ آهي دئي آهي ڪونـ اها پنجن حواسن جو پورهيو آهي دانشور ڀلين ڪتابن مان علم حاصل ڪندا هجن پر هڪڙو فقير رڳو ڪتابن جو پاڙهو طوطو ناهي هوندو هن جا پنج ئي حواس هر وقت عبرت جي اک سان هر شئي کي ڏسندا آهن هو تـ پنجن حواسن جا طالب آهن هنن جي اک پڙهي علم حاصل ڪري ٿي ڏسي محسوس ڪري ٿي تعجب کائي ٿي اها ئي اک پورجي ٿي تـ اندر ۾ هلندڙ هل واري ندي جي گوڙ ۾ گوتو کائي ڪو دم اجايوناهي هر دم حادي جي هدايت سان سوچن جو غواصو گوتا پيو کائي جتي اک طالب آهي اتي ڪن جو طالب وارو ڪم آهي اتي ڪن آواز جي اوناهي ۾ لهي ٿو هن جا ڪن ندي جي آواز کي بـ اوپرو نٿا سمجهن اتي بـ هدايت آهي پکين جا آواز بـ توجـ ڇڪائن ٿا هو تـ هوا جي آواز کي بـ محسوس ڪن ٿا هر اواز هنن لئـ بي معنئ ٿي ئي نٿو سگهي هو نڪ سان خوشبو وارو واس پوري وجود ۾ لهندي محسوس ڪن ٿا هنن لئـ تـ بدبو بـ بي معنئ ناهي هوندي ها بس هر حواس سان هنن جي توجـ هوندي آهي . هو اهو سمجهن ٿا تـ جي توجـ هجي تـ ماڪوڙي کي بـ معنئ آهي ۽ جي تو جـ ناهي تـ ستارن ڀريو آسمان بـ بي معنئ آهي ۽ ها اهين ناهي تـ ڪو هو جاندار ۽ بي جان واري فرق ۾ آهن هنن وٽ جاندار ۽ بي جان ۾ ڪو فرق ناهي هن جي توجـ تـ واٽ جي پٿر تي بـ هجي ٿي . انهي ڪري ئي هو وحدت الوجودي آهن جو هو پنجن حواسن سان هڪڙي وقت حاضر آهن ۽ هنن جا پنج حواص هر شئي تي توجـ ڏين ٿا .فقير اهو بهتر سمجهن ٿا .هنن وٽ تـ ڪل ۽ جز وارو جهيڙو ئي ناهي هنن وٽ نـ وحدت آهي نـ ڪثرت هنن وٽ ڪجهـ ناهي اها هڪڙي لمحي کانپوءِ هو ڪجهـ نـ واري تصور کان بـ خالي هوندو آهي هن وٽ ظاهر ۽ باطن بـ ناهي هوندو اها محسوسات فقير سمجهن ٿا جنهن فقير جا پنج حواص سالم هوندا آهن ۽ فنا ۽ بقا جي قيد مان آزاد هوندو آهي اهو ئي فقير هر ڏس هر شئي ۾ پنهنجو پاڻ کي محسوس ڪندو آهي پوءِ هو ئي هو بـ ناهي هوندو هن وٽ پوءِ آئون ئي آئون هوندي آهي جئين سهڻي حادي مرشد پاڻ فرمايو آهي ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو چوڏس چٽاڻون منجهين ڪاڪ ڪڪوري منجهين لڊاڻون راڻو ئي راڻو ري راڻي ناهي ڪو ٻيو اهو آواز مومل جو ناهي اهو آواز راڻي جو آهي جيڪو چوي ٿو راڻو ئي راڻو ري راڻي ناهي ڪو ٻيو اهو آهي فقيرن جو غور فڪر جنهن سان پاڻ حادي ٿبو آهي پاڻ وڻ بـ ٿبو آهي ۽ پاڻ ئي پکي ٿبو آهي پاڻ ڀٽ ٿبو آهي ۽ برپٽ ٿبو آهي، پر اهو ٿيڻ کان پهرين جو وڏو پنڌ آهي جيڪو هرڪنهن کي پاڻ پنهنجي اندر ڪرڻو آهي اندر جي انهن خواهشن کي ترڪ ڪرڻو آهي جيڪي بـ روح کي بيماريون آهن انهن مان ڇوٽڪارو وٺڻو آهي انهي کانسوءِ ڪجهـ ناهي ٿيڻو جيستائين توهان جي اندر ۾ ڪينو ڪپت هٺ غرور جيڪي بـ بيماريون آهن ۽ ها اهي ايتريو طاقتور بـ ناهن انهن تي بس پنهنجو پاڻ کي پاڻ گهڙيو پاڻ تراشيو پنهنجي روح تي پاڻ فتح حاصل ڪريو ڪين جو ڪنو کڻو تـ هٺ۽ انا مري اهو ايترو سولو آهي جو ڪري سگهجي ٿو .فقير کي تـ ڪرڻو ئي پاڻ کي فتح آهي ڪير آهي ڪنهن سان وڙهين ٿو ڪنهن سان جهيڙو ڪنهن سان ڪاوڙ ڪنهن سان ڏک ڪنهن سان دشمني ڪنهن سان دوستي ڪنهن لئـ برو ڪنهن لئـ سٺو ڪهڙي تڪڙ ڪهڙي جلدي ڇا ٿو حاصل ڪرڻ چاهي ڇا وڃايو آهي ٿورو ويهـ ساهي پٽ منهن کي ڇنڊو هڻ واٽر جي ڪپ تي ٻٻر جي هيٺان مٽي تي ويهـ ڇا آهي ڪهڙي تڪڙ آهي .سو اهين ڪر .نـ فنا آهي نـ بقا آهي نـ هو آهي نـ تون آهين بس ڪجهـ بـ نـ جو تصور بـ ناهي هڪڙو سراپ آهي ۽ هڪڙي ڊگهي خاموشي بس قطرا اپنا بهي حقيقت ۾ هي دريا ليڪن هم ڪو تقليد تنڪ ظرفي منصور نهين ها هي جيڪي وحدت الوجودي صوفي هئا انهن ۾ اهي ڳالهيون هيون لا تما هئا فنا ۽ بقا جي تصور کان آجا هئا .وحدت الوجودي صوفن وٽ مذهب جو اهو رنگ نـ هو جيڪو ملان ۽ پنڊت وٽ آهي هو سڀني مذهبن جي قيد کان آجا هئا ڇو جو مذهب تـ رڳو ماڻهو لئـ هو هي تـ ڪائنات واري واٽ تي سوچيندا هئا هي مذهب جي قيد کان آجا هئا پر انهي هوندي بـ هنن جنهن بـ مذهب جي چڱي شئي ڏٺي اها کڻي خيال جي گودڙي ۾ هئين هنن جي فڪر ماڻهن کي مذهبي قيد مان آجو ڪيو .مذهب جي عبادت ۽ انتها پسندي واري رنگ جي رلي هنن جي تن تي ڪونـ هئي هي انهي کان آجا هئا .وحدت الوجودي فڪر هر شئي ۾ پاڻ کي پسڻ واري گس جو ڏس انهي ڪري ڏنو جو هو هنن انهي ڏس سان پوري ڪائنات کي هڪڙي سڳي ۾ سوگهو ڪيو هنن انهي سان هر شئي سان پيار ڪرڻ سيکاريو هنن پوري ڪائنات سان پيار ۽ توجـ ڏيڻ جي ڪري اهين ڪيو اهين ڪرڻ سان آدم جي ٻچڙي جو رشتو پوري ڪائنات سان جڙيو هنن ڪنهن بـ شئي کي بي معنئ نـ ڪيو هنن هر شئي کي معنئ ڏني وحدت الوجودي نظريو ڪائناتي آهي هن جي اندر ۾ ڪا انتها پسندي ناهي هي تـ ڪٽر ملين ۾ بـ پنهنجو جلوو ٿو ڏسي تـ سچي سڌو ۾ بـ پاڻ پسي ٿو هن نفرت سان نفرت ڪرڻ بجاءِ محبت ڪرڻ سيکاريو هن وٽ تـ اها واٽ آهي هن تـ پوري ڪائنات ۾ هر رنگ نسل جاندار بي جان سڃڻ دشمن انتها پسند اعتدال پسند سڀني سان پيار پنهنجائپ ۽ عاجزي واري واٽ ورتي هر شئي ۾ خدا آهي يا ناهي پر هنن اهو چئي پيار ڪيو پاڻ ۾ سمايو . پپر ۾ پرميش ور ٻٻر ۾ ڪئين ٻيو نوڙت ڪرين ٿو نم جي تـ ڪنڊو ڪنهن ڪيو اسلام جي الله ڪيو تـ ڪفر ڪنهن ڪيو مندر ۽ مسيد ۾ روشن هڪ ڏيو روحل ڪئين پيو خلل هن خلق ۾ Jogee_khalid@yahoo.com