ڪارونجهر جا دلڪش نظارا ۽ فطرت جو اوپن ميوزيم خالد ڪنڀار

'مختلف موضوع' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ننگر شهر تائين روڊ ٺهي کي هاڻ اچي ڏهاڪو سال ٿيا هوندا. انهي روڊ ٺهڻ کانپوءِ وسڪاري جا چار مهينا وڏن وڏن شهرن جا ڪامورا ۽ ميڊمون وڏين گاڏين ۾ چڙهي اڪثر ڪري موڪل واري ڏينهن يا وسندي مينهن واري ڏينهن ۾ پارڪر ۾ پيا ڏسائيندا آهن.. وڏو پنڌ جهاڳي پارڪر پهچندڙ اهي لکن جي تعداد ۾ ماڻهو وري ڏينهنڪ واپس ورڻ جي ڪندا آهن.اهي پارڪر ۾ گهڙي ساعت هوندا آهن ۽ وري واپس. انهي جو هڪڙو بنيادي سبب کڻي روڊ ۽ پنهنجي گاڏي هجي جنهن جي ڪري واپس ورن ٿا. پر انهي ڏينهنڪ واپس ورڻ جو وڏو سبب اهو بــ آهي تــ انهن ماڻهن وٽ ڪارونجهر جبل کي سواءِ پري کان ڏسڻ جي ٻيو ڪو بــ گهمڻ جهڙو ماڳ فلحال ڪونهي .هاڻ جيڪڏهن انهن شهري ڪامورن ۽ ميڊمن کي اهو پورو پارڪر گهمڻ جي سهوليت موهيا هجي تــ اهي ماڻهو انهي پارڪر ۾ وسڪاري جا چار ئي مهينا کڻي نــ بــ رهن تڏهن بــ اهي هفتو پنڌرنهن ڏينهن پيا گاڏين ۾ گهمن تڏهن پورو پارڪر مس گهمي سگهندا. پر ڪجي ڇا جو انهن گهمڻ جهڙين جڳهن تائين هڪ تــ نــ روڊ جي سهوليت آهي ۽ نــ ئي وري اتي انهن ماڻهن لئــ ڪو لک ساعت ويهي ساهي پٽڻ جي جڳهــ آهي. ڪا پارڪ يا ننڍڙو ريسٽورينٽ بــ انهن جڳهن تي ڪونهي. اهي جڳهيون ويران ڀڙڀانگ آهن. هن وقت پاڻ واري سنڌ ۾ ٿر ۽ پارڪر کان سواءِ ٻي اهڙي جڳهــ ڪٿي آهي. جتي شهري ماڻهو ساهي پٽن. ۽ وسڪاري ۾ تمام گهڻو ماڻهو اچي ٿو پر انهي گهمڻ لئــ ايندڙ ماڻهو کي ڪابــ سهوليت سواءِ روڊ جي اهو بــ ننگر شهر تائين ٻي ناهي. جيڪڏهن حڪومت سڳوري چاهي تــ ٿر ۽ پارڪر کي گهمڻ وارن لئــ زبردست ماڳ بڻائي سگهي ٿي. هڪ تــ ٿر ۽ پارڪر جي جابلو ۽ واري جي دڙن جي سگم سان زميني بيهڪ ۽ انهن ڀٽن تان وسڪاري ۾ ٿر جا نظارا ڏاڍا خوبصورت هجن ٿا. ڀٽن تي چونرن جو قطارون، ٿر۽ پارڪر جو ڪلچر جيڪو باقي سموري سنڌ کان مختلف آهي. اهين سمجهو تــ ٿر ۽ پارڪر وسڪاري وارا چار مهينا گهمڻ وارن کي فطرت ۽ ڪلچر جو اوپن ميوزيم هجي ٿو. جيڪڏهن حڪومت چاهي تــ رڳو پارڪر ئي گهمڻ وارن لئــ زبردست جڳهــ ٿي سگهي ٿي. پر ٻاهران کان ايندڙ ماڻهن کي هڪ تــ گهمڻ وارين جڳهن جي خبر بــ ناهي تــ پارڪر ۾ ڪهڙيون جڳهيون گهمڻ جهڙيون آهن.سو اهي بس جبل ڏسي ورن ٿا . انهن لئــ اهو جبل ئي پارڪر آهي. حقيقت ۾ ويرا واه ٽپندي ئي پارڪر جو زرو زرو گهمڻ جهڙو آهي. ويراه واري چيڪ پوسٽ سان لڳو لڳ پاريننگر شهر جا نشان آهن. جيڪو ڪنهن وقت ۾ جين مت جو وڏو شهر هو. انهي شهر فٽندي ويرا واه جو شهر ٺهيو چون ٿا انهي شهر ۾ جيڪي سرون استعمال ٿيل آهن. اهي بــ پاري ننگر جون آهن جيڪو وڏو بندر گاه هو. اتي ئي زبون حال ۾جين جو وڏو مندر آهي ۽ ويراواه سان لڳ ڪجلا سر جو تلاءءِ آهي .چون ٿا جڏهن پاري ننگر جون ڪامڻيون صبوح سوير انهي تلاءِ تي وهجڻ وينديون هيون تــ انهن جي ڪجل جا ڪس انهي تلاءِ جي ڪنارن تي ٿيندا هئا . اهو تلاءِ اڄ بــ وسڪاري جي مينهن سان ڀرجي ٿو . جيڪڏهن حڪومت سڳوري انهي تلاءِ کي رڳو صاف ڪرائي ۽ انهي تلاءِ تي رڳو ويهڻ جي سٺي لئــ ڪارونجهر جي پٿر مان رڳو بئنچون ٺهرائي ۽ انهن بئنچن تي ڇانءِ ڪرائي تــ بــ گهمڻ لئــ ايندڙ ماڻهو اتي ويهندا ضرور ۽ اتي ئي ويرا واه وارو موڙ ٽپندي ننگر شهر ڏانهن ويندي بس لڳو لڳ اوهان کي وسڪاري وارن ڏينهن ۾ پاڻي جي دور تائين اڇ ئي اڇ نظر ايندي . اهو آهي سانگا ڍنڍ اهو پارڪر جي زبردست گهمڻ جي جڳهــ ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن انهي ڍنڍ جا پاسا صاف ڪرائي انهي ۾ ڪو ملاح ٻيڙي تي گهمائي تـ شهري ماڻهو سانگا تي لهندڙ پکين سان گڏ سانگا گهمندا انهي ڍنڍ جي ڪناري تي بــ جيڪڏهن سٺو ريسٽو رينٽ کلي وڃي ۽اتي ويهڻ جي جڳهــ هجي تــ انهن گهمڻ وار جو پهريون ڏينهن تــ ويرا واه ۾ ئي پورو ٿيندو انهي سان پراڻي پاريننگر ۽ هئروڪي ويراه واه جا چار مهينا ئي سهي اوج موٽندا انهن جي معيشت تي زبردست اثر ٿيندو بندر بازاريون وري آباد ٿيندون. اتان نڪرندي ڀوڏيسر آهي. جتي بيگڙي جي ٺهرايل مسجد بـــ آهي تــ ڀوڏيسر جو تلاءِ بــ اتي جين جو وڏو مندر آهي . هاڻ تــ اهو زبون حال آهي . انهي مان جين جو مجسمون بــ ٻاهر اڇلايو ويو آهي. جيڪڏهن انهي مندر جي سهي سنڀال ڪئي وڃي تــ اها بــ زبردست پوانٽ آهي. اتان اڳتي پارڪر جو شهر آهي. جتان ٿي انهي شهر جي ٻنهي پاسن کان گوڙدرو ۽ ڀٽياڻي اهين وهنديون آهن. ڄڻ ڪنهن ريٻارڻ پنهنجون ڪيل ٻئي چوٽيون ڪلهن کان اڳتي ڪري ڇڏيون هجن .انهي ئي ننگر جي شهر ۾ جين جو مندر بــ آهي. ننگر جي بازارجنهن جا دڪان مٽي جي ٺڪرين وارن نرين سان ڍڪيل آهن ۽ پارڪر جا اڪثر گهر بــ انهي سان ڍڪيل آهن. اتان شهر مان ئي انچلا سر جو آشرم وارو چشمون ڪجهــ ڪلومينٽر جي مفاصلي تي آهي پر اوستائين روڊ جي سهوليت ناهي جيڪڏهن انچلاسر تائين شهر مان چار ڪلومينٽر روڊ وڃي تــ اتي وچ جبل ۾ سئو سيڙهي جا ڏاڪا چڙهي انهي وڏي وڻ هيٺان ويهجي تــ روح تان دنيانداري جا سمورا ڪٽ لهي سگهن ٿا. اتي ئي ڪاروجهر جبل ۾ ساڙدري جو آَشرم آهي جتي هر سال ساڙدري جو ميلو ڪاروجهر جبل ۾ لڳندو آهي پر ٺيٺ ساڙدري تائين بــ روڊ نٿو وڃي اتي وڏو چشمون آهي . جنهن کي هندو مت ۾ گنگا جيتري اهميت آهي . جيڪڏهن اتي ڪو ترقياتي ڪم ڪرايو وڃي تــ اها بــ پارڪر ۾ گهمڻ جهڙي جڳهـ آهي ۽ انهي جڳهــ سان هندو مت وارن جو وڏو عقيدو آهي . بئراج مان پيرين پنڌ بــ هندو مت جا ماڻهو ساڙدري جي ميلي تي ويندا آهن. ڪاروجهر جبل جي وچ ۾ جهنگل ۾ ميلي وارن ڏينهن ۾ منگل هوندو آهي. هڪڙي بي ڳالهــ بــ ڪندا هلون جيڪڏهن ڪاروجهر جبل ۾ سرڪار سڳوري تروٽ جي ٿلهي کان وٺي ساڙدري ۽ گاڏرڙا تائين چئير لفٽ لڳائي تــ جهنگ ۽ جبل جا ماڻهو هڪ تــ چئير لفٽ تي چڙهندا ٻيو تــ شهري ماڻهو چئير لفٽ تي چڙهي تروٽ جي ٿلهي تي بيهــ چهوٽڻ ڏوگر جون ٽڪريون بــ ڏسندا تــ ڪڇ جو رڻ وارو منظر بــ ڏسندا ۽ انهن چئير لفٽ سان پورو ڪاروجهر جبل گهمي وٺندا انهن ۾ رهندڙ جانورن جو بــ ديدار ڪندا. ڪاروجهر جبل ۾ چئير لفٽ لڳڻ کپن. ۽ اتان واندا ٿي جيڪڏهن اديگام ڏينهن وڃڻ جي ڪندا تــ اتان اوڻ جي وانڍئي وٽان جبل اهڙو ڏيک ڏيندو جهڙو مصر جا احرام هجن. ننگر شهر مان جن جبل ڏٺو هوندو اهو جيڪڏهن آديگام وٽان ڏسندا تــ چوندا هي اهو ڪاروجهر ناهي . آديگام وارن جي ننگر شهر لئــ اتان ئي واٽ جبل منجهان سڌي ويندي هئي جڏهن اڃان روڊ ڪونــ ٺهيو هو. هون چوندا آهن اڌ ۾ آدي گام اڌ ۾ ننگر اهو هاڻ تـ اديگام وڃي ڳوٺ بچيو آهي پر جڏهن آديگام جو واسطو ڪڇ سان هوجيڪو تند لڳڻ کان پوءِ ٽٽي ويو تــ اديگام بــ ويران ٿي ويو. اتان بــ ڪاسٻي واٽ وڃي ٿي پر روڊ ڪونهي انهي ڪري گهمڻ وارن کي وري ننگر مان ڦري وڃڻو پوندو اتي ٻــ وڏا مندر آهن. اتي يوسف فقير نابين جو آواز گهمڻ وارن جي ڪنن تائين لوڪ گيتن جي گونجار ڪندو. اتان وري ننگر شهر مان چوڙئي جبل تائين ڪچو رستو آهي انهي رستي کي جيڪڏهن پڪو ڪرايو وڃي تــ چوڙئي جهڙي ٻي ڪائي پوائنٽ پارڪر ۾ ڪونهي پر اهو سڃو رستو بڙ تلا چيڪ پوسٽ کان وٺي بارڊر سان لڳو لڳ گذري ٿو. انهي چوڙئي جي چوٽي تي مندر آهي ۽ انهي چوٽي تي ويهڻ کانپوءِ اوهان کي جبل جي هن پاسي کان پاڙيسري ملڪ جي سرحد لڳي ٿي اتان هن ملڪ جا ڳوٺ نظر ايندا اتان جا فوجي ڀائر گهمندي نظر ايندا جڏهن تند ڪونــ لڳي هئي تــ هن مندر تي لڳندڙ ميلي ۾ اتان جا ماڻهو ايندا هئا. هن ٽڪري جي چوٽي جو نظارو ڏاڍو خوبصورت آهي سامهون ڪڇ جو رڻ آهي.رات جو هنن جي بارڊر لائين تي لڳل بتين جو ساهو انهي ڏونگر جي چوٽي تي ٿيندو آهي.انهي ئي چوڙئي واري رستي تي راڻ پور ڊيم بــ گهڻ جهڙي ماڳ آهي. ۽ جي شڪار تي جهل پئجي وڃي تــ روجهن ۽ هرڻين جا ولر پيا پارڪر جي پوٺن تي ڊوڙندا ۽ اهو کليل زو هوندو. برحال ڪاسٻي مان جينجهو ندي گهمڻ ضرور وڃڻ کپجي جنهن جي پيٽ رڳو چشمان آهن.


    اڃان ٻيون بــ ڪيتريو ئي جڳهيون آهن. جيڪي گهمجن پر اهو تڏهن ممڪن آهي . جو ننگر شهر ۾ ڪي ريسورينٽ هجن هوٽلون هجن جن ۾ گهمڻ لئــ ايندڙ ماڻهن کي رهڻ جي سهوليت هجي. ننگر پارڪر شهر ۾ ڪا وڏي پارڪ ٺهي جنهن ۾ شام جو اتي گهمندڙ ماڻهن کي ويهي شام جي ڪارونجهر تان منظر کي ڏسي سگهجي. گوڙدرو ۾ پير پسائجن.. پر پوءِرات جو ڪاڪي الهرکي کوسي ۽ نواز کوسي سان ڪارونجهر ۽ پارڪر تي ڪچهري بــ ڪجي ۽ اوڻ جي وانڍئي ۾ ويٺل مهراج کان مارواڙي ۽ پارڪري دوها ٻڌجن . جيڪڏهن سرڪار پارڪر کي پڪنڪ پوائنٽ بنائڻ لئــ ڪو پروجيڪٽ شروع ڪري انهي سان هڪ تــ شهري ماڻهن کي سهوليت ٿيندي ۽ اهي ساهي پٽيندا ٻيو تـ پارڪر تند لڳڻ سان ڪڇ کان الڳ ٿيڻ جي ڪري جيڪو ويران ٿيو آهي اهو ٻيهر آباد ٿيندو.علائقائي معيشت ۾ ڦيرو ايندو مقامي ماڻهو روزگار لڳندا. تــ لاباري لئــ بئراج ڏانهن ٿيندڙ لڏپلاڻ رڪجي ويندي.اهو فقير تــ ويو مٽي جو پور ٿي جيڪو چوندو هو تــ ڪارونجهر جبل جا پيرن ۾ ٿڏجندڙ پٿر تراشي جيڪڏهن شهري ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ شوپيس ڪن ۽ آفيسن ۾ ٽيبل سيٽ ٺاهن گهمڻ وارن لئــ انهي جو دڪان ننگر ۾ هجي تــ بــ جام ڪمائي . ننگر مان ملندڙ ماکي جو دڪان هجي تــ بــ جام ڪمائي جي مور جي پرن مان ٺهندڙ وينجهڻن جو دڪان هجي تــ بــ جام ڪمائي. بس رڳو اسان واري حڪومت سنجيده ٿئي تــ ،


    Khalid_jogee@ yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو