هرڻين لاءِ مقتل گاهه بڻيل پارڪر جا پوٺا خالد ڪنڀار

'مختلف موضوع' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    پاڻ واري ٿر جي واريءَ جي ڀٽن ۾ گهٽ، پر انهيءَ سان لڳو لڳ پارڪر جي پهاڙن ۽ پوٺن ۾ آئي ڏينهن جهنگ جي دنيا مان ڪا نه ڪا اڻ وڻندي خبر پئي ايندي آهي. پاڻ وٽ شڪارين جي دن به پارڪر آهي. شڪاري ڪٿان جو به ٽُٽو.. شڪار وڃي پارڪر ۾ ڪندو. سو اتي ڪڏهن هرڻ، ڪڏهن روجهه، ڪڏهن ڪونج ته ڪڏهن تلور جي شڪار واريون خبرون رپورٽ ٿينديون رهن ٿيون. پاڻ اڄ انهيءَ ڳالهه جا پيرا ٿا اهاڙيون ته نيٺ پارڪر ڏانهن شڪاري ايترو ڇو ٿو ٽُٽو وڃي ۽ انهيءَ جا ڪهڙا بنيادي سبب آهن؟ نيٺ پارڪر ۾ اهڙو آهي ڇا؟ ٻي ڳالهه ته گهڻو تڻو پکي پکڻ به لهي پارڪر ۾ ته جانور جي جوءِ به پارڪر.. اتان اُڙيو ٿُڙيو ڪو جانور وري ٿر ۾ به لهي ٿو، پر اهو ايترو گهڻو ڪونهي. هرڻ ۽ روجهه گهڻو ڪري اچن ئي تند ٽپي ٿا. روجهه جا ته هوندا ئي ڪي ٻه چار داڻا مس، باقي هرڻ ته چيلهار کان الهندي.. ’ڀارو جي تڙ‘ واري سيم ۾ ڳچ جهڙا ڏسائن ٿا. سڄي ٿر ۾ ڳچ جهڙا هرڻن جا داڻا ڀارو جي تڙ ۾ به رڳو انهي ڪري ٿا ڏسائن، جو انهن جي ڳوٺاڻا پاڻ لٺ کڻي مالڪي ڪن ٿا ۽ ڪنهن نوَلي ماڻهو کي سيم ۾ لهڻ ئي ڪونه ٿا ڏين. هرڻ جو ٻيو هنڌ پارڪر آهي، اتي هڪ ته ’تند‘ ويجهي هجڻ ڪري هرڻيون تند ٽپي اچن ٿيون، ڇو جو هُن پار هرڻين جي شڪار جي ائين ڇوٽ ڪانهي. هرڻن جي شڪار جي ڏوه ۾ انڊين فلم انڊسٽري جا وڏا نالا سلمان خان جهڙا به سزا کائي چڪا آهن. انهيءَ ڪري اتي ڦرندڙ هرڻين جا ولر سرحد ٽپي اچن ٿا، ٻيو سڄي ٿر ۾ ميداني علائقو آهي ئي پارڪر.. هنن ڏينهن ۾ ٿر ۾ هرڻن جو سفر ڪرڻ ڏکيو آهي، انهيءَ ڪري سرحد ٽپي اهي اتي پارڪر جي پوٺن ۾ رهيون پيون آهن. ٽيون سبب پارڪر ۾ قدرتي چشمان سانگا ڍنڍ ۽ ٻيو به پاڻي پيئڻ لئه ميسر آهي، جيڪو ٿر ۾ ائين ڪونهي. انهي ڪري توڙي جو هرڻي پاڻي پيئندي ناهي، صفا اڃ مرندي ٿورو گهڻو اوسي زبان پسائڻ لئه چٽيندي آهي، اهو هن کي اوسي زبان پُسائڻ لئه پارڪر ۾ پاڻي آساني سان ملي ٿو. اهي سڀ ڳالهيون هوندي به پارڪر ۽ ’ڀارو جي تڙ‘ کان سواءِ عمرڪوٽ کان مٿي کاهوڙ واري پاسي ۽ کپري کان مٿي اڇڙي ٿر واري پاسي هرڻن جا ڏس ملن ٿا. اهي هڪ ته بئراج ايريا کي ويجها علائقا آهن، ٻيو ٿر ۾ ائين هرڻ انهي ڪري آهي، جو هن کي پاڻي جي اوتري ضرورت ناهي. هرڻ پاڻي جي جڳهه تي وڻ، ٻوٽي ۽ گاه تي ڪرندڙ ماڪ چٽيندي آهي. ماڪ جا ڏينهن هوندا ته هرڻ زبان پسائڻ لئه به پاڻي کي ويجهي ڪونه ويندي، سو ٿر ۾ ڪٿي به هرڻ جو ملي وڃڻ تعجب خيز ناهي.

    هاڻ اچو انهي ڳالهه تي ته ٿر ۾ ڪٿي به هرڻ جو ملي وڃڻ ممڪن آهي ته پوءِ شڪاري هرڙائي پارڪر مان وڃي ڇو ٿا نڪرن؟ منهنجا راڻا! جئين پارڪر هرڻن، روجهن ۽ پکين جي پسنديده جوءِ آهي، ائين ٿر ۾ پارڪر شڪار ڪرڻ ۾ سڀني کان سولو علائقو آهي. اهو وري انهي ڪري جو پارڪر جو ڪارونجهر جبل کي ڇڏي ڪري ٻيو ڪو اهڙو وڏو ۽ ڏکيو جبل به ڪونهي. باقي سمورو ميداني علائقو آهي. انهي ميداني علائقي ۾ پيريءَ کي ٿر جي واري وارين ڀٽن جي ڀيٽ ۾ پير کڻڻ ايترو سولو ڪونهي، ڇو جو ڪاٺي زمين ۾ پير کڻڻ ڏکيو ۽ واريءَ تي پير کڻڻ سولو آهي. پر پيري ته پاڻي مان به پير کڻيو وڃن، سو انهي ڏکئي ڪم کي آسان، پيرين جو تجربو ڪري ٿو. پير کڻڻ کان سواءِ هرڻ ڳولڻ ڏکيو آهي. اڳي شڪاري ته هڪڙي هرڻ جا ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن پير کڻندا هئا. پارڪر ۾ پوٺا هجڻ جي ڪري وڏيرن ۽ ڪامورن جون جيپون ٿر جي ڀيٽ ۾ آساني سان ڊوڙي سگهن ٿيون. پوٺا هجڻ جي ڪري ڪوهن تائين شڪاري ۽ پيريءَ جي نگاه هرڻ کي ڏسي سگهي ٿي. ڀِٽون هرڻن جي پناه گاهه آهن. رستا نه هجڻ جي ڪري اُڀي ڀِٽ هرڻ ۽ ٿريو ته چڙهي سگهن ٿا، پر وڏيري ۽ جيپ جو چڙهڻ ممڪن ناهي. توڙي جو هرڻن جي شڪار جون ڪيتريون خبرون رپورٽ نٿيون ٿين، وري به ميڊيا کي جيڪا خبر ملي ٿي، اها رپورٽ ٿئي ٿي. اهي خبرون رپورٽ ٿيڻ جي باوجود به هرڻ جي شڪار ۾ ڪابه گهٽتائي نٿي اچي. اهو هرڻ جو شڪار جئين جو تئين هلندو رهي ٿو.

    هرڻن جي شڪار کي روڪڻ ۾ ميڊيا پنهنجو ڪردار ته نڀائي رهي آهي، پر باقي ڌرين جو ڪردار نظر نٿو اچي. هڪ ته ٿر ۽ پارڪر جا ماڻهو ٿر ۽ پارڪر ۾ هرڻ جو ائين قتل وارو ڏک سهي هر ڀيري ماٺ ڪري ويهي ٿا رهن، ٻيو ته پارڪر سڄو بارڊر ايريا آهي، جتي بڙ تلا کان وٺي ويراه پارڪر ۽ وک وک تي رينجرس جي چيڪ پوسٽ آهي. اهي چيڪ پوسٽون لابارا ڪري ورندڙ لولهڻين کي ته ڇڪڙي مان لاهي چيڪ ڪن ٿا، پر بارڊر ايريا ۾ ۾ ٿيندڙ بندوق جي ٺڪاءُ جو نوٽيس نٿا وٺن، جيڪو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي. جيڪڏهن ڪنهن هڪڙي شڪاري کي به جهلي رينجرس بارڊر ايريا ۾ فائر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزا ڏجي ته ٻئي ڀيري ڪو شڪاري ويراواهه ٽپندو ئي ڪونه شڪار ڪرڻ لئه. هونئن ته اسان جي ادارن جا هر ڳوٺ ۾ ماڻهو ڇڏيل آهن، پوءِ اهي هنن کي اها رپورٽ به ڏيندا هوندا، پر انهي تي ٿئي ڪجهه نٿو. جيڪڏهن رڳو قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سچا ٿين ته به اهو شڪار رڪي سگهجي ٿو. پر اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خود شڪارين کي سپورٽ ڪن ٿا، ڪجهــ مهينا اڳ۾ بڙ تلا وٽ جتي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي چوڪي آهي، هرڻ مارجي ويو هو. انهي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهي ڳوٺ جي ڪولهين جي گاڏي ڀري کڻي ويا هئا. ڪولهين رڳو شڪار تي هاءِ گهوڙا ڪئي هئي. هاڻ اوهين پاڻ سوچيوته بارڊر ايريا ۾ رهڻ ڪيترو ڏکيو آهي. ٽين ڌر آهي شڪار کاتو.. انهي بڙ تلا واري شڪاري جي شڪار کاتي به سپورٽ ڪئي هئي. پارڪر ۾ داخل ٿيندي ئي ويراواهه وٽ جتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي چيڪ پوسٽ آهي، اتي ئي شڪار کاتي جي به چيڪ پوسٽ آهي. انهي ۾ جيڪي به گيم واچر آهن هڪ ته اهي عمر رسيده آهن، ٻيو اهي انهي اهليت جي بنياد تي رکيا ويا آهن، جو انهن کي پير کڻڻ ۽ شڪار ڪرڻ جو فن اچي. اهي گهڻي ڀاڱي رکرايا ئي شڪار ڪرائڻ لئه ويا آهن. ڪجهه مير حاجي حيات رکرايا، جڏهن هو گيم وارڊن هو ۽ گيم وارڊن سدائين اعزازي هوندو آهي ۽ اهو سياسي ماڻهو ئي هوندو آهي، جيڪو شڪار کي وڌائيندو آهي. شڪار ڪرائڻ ۾ پنهنجي سياسي واسطيدارن کي آسانيون ڪري ڏيندو آهي. هڪ ته هن هيڏي سڄي ٿر جي ڏکئي علائقي جي 44 يونين ڪائونسلن ۾ صرف 18 گيم واچر آهن، جيڪي شڪار کاتي طرفان شڪار کي روڪڻ جي ذميواري سنڀالڻ لاءِ رليل آهن، انهن وٽ نه ڪا سواري آهي، نه ڪا آفيس.. بس گهر ويٺا پگهار کڻن. سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته 18 ڄڻا 44 يونين ڪائونسلون، اهي به ٿر جون، انهن ۾ شڪار کي ڪيئن روڪي سگهن ٿا. ٻيو ته قانون ۾ هرڻ يا روجهه جي شڪار جو ڏنڊ عام ڳئون جي اگهه جيترو! هاڻ ٻڌايو ته اهو ڪئين ممڪن آهي ته شڪار رڪجي؟ هڪڙي وڏيري کي ڳئون جي اگهه ۾ هرڻ مهانگو ناهي. ٻيو سمورا پاور حيدرآباد واري آفيس وٽ آهن. سو هڪ ته جهنگلي جيوت کاتي کي قانوني سڌارن ۽ ٻيو ٿر ۾ جهنگلي جيوت کاتي کي ٻيهر تشڪيل ڏيڻ جي ضرورت آهي. ٽيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پاڻ مرادو بارڊر ايريا ۾ فائر جو نوٽيس وٺن، ڳوٺاڻن کي شڪار روڪرائڻ لئه ڌر ٿيڻ گهرجي. سماجي ادارا ۽ سماجي ڪارڪن انهي ڳالهه تي پنهنجو احتجاج ڀرپور نموني رڪارڊ ڪرائن. تڏهن ئي ڪجهه ٿي سگهي ٿو. تازو 21 تاريخ صبوح جو 5 بجي ڪنڀارئي ۾ ٽي هرڻ شڪار ٿيا آهن، جنهن ۾ کاٽائو جي رپورٽ موجب چنگار هرڻ به هو، جيڪو نر هوندو آهي. جڏهن نر هرڻ پنج سالن کان وڏو ٿيندو آهي ته انهي کي ’چنگار‘ چئبو آهي. انهي ۾ ٻه مقامي ڪولهي آهن، هڪڙو مڱريو آهي. عمرڪوٽ واري پاسي جو اهو مڱريو اڳ۾ به اتي ئي ٿر ۾ هرڻن جي شڪار ۾ گهربل آهي ۽ جنهن ٽائيم تي هي هرڻ شڪار ٿيو آهي، صبح جو پنجين وڳي، ان مان لڳي ٿو، اهو ارڙ شڪاري آهي، ڇو جو هرڻ جي شڪار جو ٽائيم ئي صبح هوندوآهي. جيڏي مهل هرڻ چرڻ ويندي آهي، گاه تي ماڪ هوندي آهي، جيئن ماڪ سج نڪرڻ سان وري اچي ويهي رهندي آهي. بس هن شڪار تي هڪڙي دفعا سڀني ڌرين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. سماجي ڪارڪن ادارا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، جهنگلي جيوت کاتو ۽ ڳوٺاڻا.. اچو ته سڀ گڏجي جهنگ جي جيوت کي بچايون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو