ڀاٽي جيسلمير جا آهن، پوءِ اهي پنهنجي پياري وطن ۾ رهندڙ مسلمان ڀاٽي هجن، جيئن مڱريا به اصل ڀاٽي آهن يا سرحد پار رهندڙ راجپوت ڀاٽي هجن، آهن سڀ جا سڀ جيسلمير جا...! اهو جيسلمير، جنهن جو گڍ راجا جيسل ڀاٽي ٺهرايو هو. راجا جيسل اهو گڍ چون ٿا ته موجوده گڍ کان پنڌرنهن ويهه ڪلوميٽر اوڀر طرف ٻاهڙمير روڊ تي ٺهرائڻ چاهيو ٿي، جنهن جي شروعاتي ڪم جا نشان اڃان به اتي آهن. هڪ ڏينهن راجا جيسل شڪار تي ويو، اتي ڇا ٿو ڏسي ته هڪڙي رڍ پنهنجي ٻچي کي سڄي رات گدڙن ۽ ٻين جهنگلي جانورن کان بچائي رکيو. راجا اهو ڏسي چيو ته هاڻ ڀاٽين جو گڍ اتي ٺهندو، جتي موجوده جيسلمير درٻار جو قلعو يعني گڍ آهي، جيڪو سڄو سنهري پٿر مان ٺهيل آهي ۽ انهيءَ ۾ وڏي مهارت ۽ ڪاريگري ڏيکاريل آهي. جيسلمير درٻار کي ويجها راولوت نک جي ڀاٽين جا ڳوٺ آهن. جنهن ۾ پٿلا، ستو، لوراڪي، اوها ۽ راولوت ڀاٽين جو هڪڙو ڳوٺ اويسا وري جوڌپور ۾ به آهي. اهي ڀاٽي پنهنجو پاڻ کي ياڌو ونسي سمجهن ٿا. جيسلمير جي راج گدي تي راجا ٿي، صرف ۽ صرف راولوت نک جو ڀاٽي ئي ويهندو آهي. انهن راولوت ڀاٽين کانپوءِ ٻئي نمبر تي آهن اڌي سنگهه وت ڀاٽي. انهن ڀاٽين کي ڪجهه وري ڳوٺ جيسلمير درٻار طرفان مليل هئا، جيئن ٻئيو، سيڙهار ڏيوڙا ۽ ڪوڌان. اهي به جيسلمير رياست جا ڳوٺ آهن. هاڻ انهن جيسلمير جي ڀاٽين جي گهڻي مائٽي وري پاڻ واري اڇڙي ٿر جي سوڍن سان هئي. اڇڙي ٿر جي سوڍن جي سڱابندي جيسلمير جي ڀاٽين سان هئي. هو ڀاٽين کي ڌيئر ڏيندا آهن، اهي نارڻوت پوءِ رام هجن، ويرسي هجن يا گنگڏاس هجن. ستيتاليهه ۾ ورهاڱو ٿيو، اڃان به کپري جا نارڻوت هتان نياڻيون وٺي وڃي سرحد پار پرڻائي ايندا آهن، پر راولوت ۽ اڌي سنگهه وت ڀاٽي سنڌ جي سوڍن کي پنهنجون نياڻيون ڏئي سڱابندي ڪونه ڪندا هئا. انهن ٻنهي نکن جي سنڌ ۾ هڪ به نياڻي پرڻايل ناهي. باقي ڀاٽين جي ٻين نکن، جيئن مياجڙ، تيجسي، روپسي ۽ رائيڌر نک جي ڀاٽين جون نياڻيون سنڌ ۾ به پرڻايل آهن ۽ ها ڀاٽي نيڻين نڪين بي انتها سهڻو هوندو، اهڙو سهڻو جو بس چئي دنگ ڪر. جهڙا ڏسڻ جا سهڻا، اهڙا وري اٺ جا ڀلا سوار. ڀاٽي پاڻ واري ٿر جي ڀٽن ۾ ڦرون ڪري، ڌاڙا هڻي رات وچ ۾ وڃي سرحد ٽپي جيسلمير مان نڪرندا هئا. اهي ڌاڙا راولوت نک جي ڀاٽين ڪونه هنيا هئا. اهي سڀ ڌاڙا اڌي سنگهه وت ڀاٽين هنيا هئا. اهي به ٻيئي جي اڌي سنگهه وت ڀاٽين ۽ ٻيئي جا نالي چڙهيا ڌاڙيل سروپ سنگهه ۽ نارائڻ سنگهه هئا. انهن ڀاٽي ڌاڙيلن جا ڪيترا ئي قصا ڪهاڻيون ۽ يادگيريون ٿر جي ڀٽن ۾ اڃا محفوظ آهن. چون ٿا تھ سروپ سنگهه قھر جو چٽو نشاني باز هو. هن جي بندوق جو نشانو وار جيترو بھ ڪونه ٿڙندو هو ۽ نارائڻ سنگهه بھ نالي چڙهيو هو. هنن ٿر جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڌاڙا هنيا. هنن جي ڌاڙي جو گهڻو شڪار پاڻ وارو ٿر ٿيو، ڇو جو اڇڙي ٿر ۾ هنن جي مائٽي هئي ۽ لنگهھ به هنن جو اڇڙو ٿر هو. انهيءَ ڪري اڇڙي ٿر ۾ جيڪي به هنن ڌاڙا هنيا، اهي رڳو هٿ ڏس تي ۽ ڀاٽين ونگار ۾ ڌاڙا هنيا. اتي جو ئي اڇڙي ٿر جو ماڻهو، جيڪڏهن ڪنهن سان نه ٺهندو هو ته اهو واسطي واري ڀاٽي کي هٿ ڏَس ڪري ڇڏيندو هو. پوءِ ڀاٽي رات وچ ۾ هڻي انهيءَ جي اڌيڙ ڪري ڇڏيندا هئا. پر پاڻ واري هن ٿر پارڪر ۾ بنا ڪنهن هٿ ڏس جي هلي مَلي اچي ڌاڙا هڻي ڦرون ڪري، اٺن جا وڳ ڪندا هئا اڳ ۾ ۽ اڇڙي ٿر هٿونگي وٽان ٿيندا وڃي، سرحد ٽپي جيسلمير ۾ داخل ٿيندا هئا. انهن ڀاٽين جي اڄوڪي اڇڙي ٿر جي وڏن وڏن خاندانن، راڄڙن ۽ مڱرين سان دوبدو يارانو به رهيو. انهن ڀاٽي ڌاڙيلن جا ڪجهھ اصول به هئا. هو انهن اصولن جي ڀڃڪڙي ڪونه ڪندا هئا. هڪ ته ڌاڙي ۾ ڳئون جو ڌاڙو ڪونه هڻندا هئا. شايد هندو مذهب ۾ گئو ماتا آهي، انهيءَ ڪري. ٻيو هنن ڪڏهن به ڪنهن عورت کي ڪونھ ڦريو. ٽيون هنن جا ڌاڙا سڄا سَوڻن تي هوندا هئا. جي ڀاٽي ڪنهن بھ ڌاڙي تي آيا ۽ ڌاڙي هڻڻ واري جڳهه کان پنڌرنهن ويهه وکون به پرتي هجن ته سَوڻ نه ٿيا ته هليا ويندا هئا، ڌاڙو ڪونه هڻندا هئا. اهڙا ڪيترا ئي مثال آهن. هنن جي ڏينهن جو سَوڻ سگن چڙي هوندي هئي. اها سگن چڙي ساڄي پاسي ٿي ٻولي يا کاٻي پاسي، اهو هو ڌيان ۾ رکندا هئا ۽ رات جو وري چٻرو هنن جو سگن هو. ڀاٽين وٽ ته گڏهھ جي هينگ کي بھ اهميت هئي. پر انهن پکين جي ٻولڻ ۾ هنن وٽ هڪڙي ڳالهه هئي، جيڪڏهن هنن وٽ رات جو چٻرو ڪنهن ڄاتل هنڌ تي ٻوليو ته ڀاٽي چوندا هئا، اها انهيءَ چٻري جي ٿاڪ آهي، انهيءَ تي هو سوڻ ڪونه ٻولائيندا هئا. بس اهو ٿانيڪو آهي. جي سگن چڙي به ڪنهن ٿاڪ، جتي انهيءَ سگن چڙي جي رهائش آهي، ٻولي تھ سگن ڪونه ٻولائيندا هئا. ڪنهن نئين جڳهه تي جتي انهيءَ چڙي يا چٻري جي سيم ناهي، اتي ٻوليو ته پوءِ سگن ٻولائيندا هئا. ان کانسواءِ ڀاٽي پکين جي ٻولي سمجهندا هئا. سمجهندا ائين نھ تھ ڪو هو ٻولي مان سمجهندا هئا، پر ان پکي جي آواز کي سهي ڪندا هئا. کارو پيو ڳالهائي، مٺو پيو ڳالهائي يا مڙئي خير آهي، وچولو پيو ڳالهائي، اهو هو ذهن ۾ رکندا هئا. بهرحال ڀاٽي وڏا سگني هئا. هي ٿر ۾ جيڪو ٿورو گهڻو فطرت جو علم آهي، اهو ڀاٽين وٽان ئي آيو آهي. هو فطرت جا وڏا پارکو هئا. چون ٿا ته هڪڙو ڀاٽي هڪڙي مڱرئي سان کپري مان گڏجي ميرپور دعوت تي ٿي ويو، ڀاٽي جو گاڏي ۾ ويهندي پٽڪو ڪري پيو، پٽڪي ڪِرڻ سان ئي ڀاٽي چيو، پاڻ ڪونه هلنداسين، اوهين به نه وڃو. سنگت گهڻو زور ڀريو، پر ڀاٽي گاڏيءَ ۾ ڪونه ويٺو. سنگت دعوت تي وئي ۽ اهو مڱريو انهيءَ دعوت ۾ قتل ٿي ويو. ٻيو ته هنن جي جِتي مائٽي هوندي هئي، جي ڪٿي هلڪي نک جي ڀاٽين جي نياڻي به پرڻايل هوندي هئي، ته انهيءَ ڌياري جي ويجهي سيم ۾ به ڌاڙو ڪونه هڻندا هئا. ڀاٽين جي نياڻي ته ٺهيو، پر جي ٻيئي جي ڳوٺ جي آس پاس جي ست راڄيءَ جي ڪنهن مسلمان يا اڇوت جي نياڻي به ڪٿي پرڻايل هوندي هئي ته انهيءَ سيم ۾ به ڀاٽي ڌاڙو ڪونه هڻندا هئا. هو پنهنجي ست راڄيءَ ۾ هر ڪنهن جي نياڻيءَ جو حياءُ ڪندا هئا. ڀاٽين ٿرپارڪر ۾ ٻيا ڪيترائي ڌاڙا هنيا، پر هنن وڏو ڌاڙو ڪانٽئي شهر ۾ هنيو، اتي هڪڙو ڀاٽي مارجي به ويو. هڪڙو اهو به ڀاٽين جو اصول هو ته جيڪڏهن ڪٿي ڪو ڀاٽي مارجي ويو، اتي هو وري بدلو وٺڻ لاءِ ڌاڙو ڪونه هڻندا هئا. هنن وري ڪڏهن ڪانٽئي ۾ ڌاڙو ڪونه هنيو. ٻيو وڏو ڌاڙو هنن عمرڪوٽ کان اڀرندي ڇور لڪ تي چار ڇڪڙا گڏ ڦريا. انهيءَ ڌاڙي ۾، چون ٿا ته، ڀاٽين سان گڏ هڪڙو ڀيل به هو، جنهن عورتن جي زيورن ۾ هٿ وڌو، جنهن تي ڀاٽين انهن عورتن کان معافي ورتي ۽ پنجاهه پنجاهه رپيا خرچي پڻ ڏني. ڀاٽين ٻيا ڪئين ڌاڙا هنيا، اٺن جا وڳن جا وڳ وڃي سرحد ٽپيا. انهن گجرات ۾ هڪڙي بئنڪ ۾ به ڌاڙو هنيو. انهن ڀاٽي ڌاڙيلن جي ڪري اڇڙي ٿر جي سوڍن جو رعب هوندو هو. ٻيو ڀاٽي هتان جو مال هوڏانهن ۽ هوڏانهن جو مال هيڏانهن کڻي ايندا هئا. جيئن ڀاٽي ڀارتي پَن کڻي ايندا هئا، جنهن مان پَن جي ٻيڙي ٺهندي هئي. هتان وري انهن ڏينهن ۾ بخت بري ڪپڙو کڻي ويندا هئا. پوءِ جڏهن جنرل ضياءَ جو دور آيو ته ڀاٽين هيروئن ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ شروع ڪئي. هڪڙي دفعي اسي اٺ ايف سي بارڊر تي جهلي ورتا، جنهن ۾ ماڻهو ته هٿ ڪونه آيا، پوءِ انڊيا بارڊر تي تند لڳائي ۽ ڀاٽين جو اچڻ بند ٿيو. هي اوهين اڇڙي ٿر کان ويندي بارڊر جي پٽي تي جيڪي سکيا ستابا ماڻهو ڏسو ٿا، اهي بارڊر جون مهربانيون آهن. هتان جو مال هوڏانهن ۽ هوڏانهن جو مال هيڏانهن ٿيندو رهيو. بهرحال تند لڳي، ڀاٽين جو اچڻ بند ٿيو، انهن ڏينهن ۾ راجسٿان جو سي ايم ڀيرو سنگهه سيخاوت هو. انهيءَ عام اعلان ڪيو ته جيڪو به راجپوت پيش پوندو، انهيءَ کي عام معافي ڏني ويندي. پوءِ نارائڻ سنگهه ڀاٽي ۽ سروپ سنگهه پيش پيا ۽ ان بعد سڀ ڀاٽي پيش پيا، کين عام معافي ملي. چون ٿا ته هاڻ سروپ سنگهه اتي ئي ٻيئي ۾ وڏو پٽيل آهي. Khalid_jogee@yahoo.com The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@gmail.com