زرتشت

'مختلف موضوع' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    خاموشي جو آواز

    زرتشت

    خالد ڪنڀار

    .زرتشت باه جو پوڄاري ڪونـ هو، هو رڳو باه کي قبلي طور استعمال ڪندو هو ڇو جو هن جي خيال ۾ خدا نور آهي ۽ باه نور روشني جي علامت آهي اها ٻي ڳالهـ آهي تـ پوءِ هن جي عبادت گاهن جو نالو ئي آتش ڪدا پئجي ويو،رواقي فلسفي ۾ بـ ڪائنات جي آفاقي قانونکي باه سان ڀيٽيو ويو آهي هو ميڊيا جو رهاڪو هو يا باختر جو پر هن جو پيغام سڀ کان پهرين بلخ ۾ اتان جي بادشاه سان ملڻ کان پوءِ ڦهليو نـ تـ هو مڪمل مايوس ٿي چڪو هو.زرتشت وڏي پروهت يا پوڄاري کي چوندا آهن توڙي جو هو نـ پنڊت هو نـ پروهت پر وري بـ هو هو تـ مجوسين مان اهي مجوسي جيڪي فطرت جا پوڄاري هئا سج ۽ باه جي عبادت ڪندا هئا.زرتشت وڏو رولاڪ ۽ تنهائي پسند هو پيو اڪيلو جبلن ۾ رلندو هو هوا ۽ وڻن سان ڳالهيون ڪندو هو پر هو ڳولا جي پنڌ ۾ پو هڪڙي ڏينهن جبل جي اوچي چوٽي تي اڪيلي اڪيلي مراقبي ۾ ويٺل کي خاموشي اها سرگوشي ڪئي ۽ زندگي جو قانون عطاڪيو جئين گوتم کي خاموشي جي سرگوشي زندگي جو ڳجهـ نرواڻ عطا ڪئي ۽ هو گوتم مان ٻڌ بڻجي ويو اهي ئي زرتشت کي بـ عطا ٿيو زرتشت جو پيءِ بـ سٺي روح جي عبادت ۽ بد روح کان نفرت ڪندو هو پر هن جو پيءِ جادو ۽ نجوم ۾ يقين رکندو هو جنهن جي زرتشت مخالفت ڪئي.زرتشت چوندو هو “زندگي جي مسئلن ۽ ڪائنات جي مظهرن جو مطالعو ڪرڻ لئـ عقل ۽ هوش کان ڪم وٺو” زرتشت جيڪو1100 ق م هو ، هو تـ انهن ڏينهن ۾ بـ چوندو تـ هي ڪائنات اڃان نامڪمل آهي انسان جو ڪم آهي تـ هو انهي کي پنهنجي ذمي کڻي.ڏسو نـ اڄ بـ ڪيترا ئي فڪر فلسفا ۽ عمل رڳو هن ڌرتي کي مڪمل ۽ رهڻ لائق بنائڻ لئـ جدوجهد ۾ آهي ڪائنات تـ اڃان بـ اڳتي ٿي ۽ سڀني جي اها ئي ڪوشش آهي تـ ڪئين بـ ڪري هن ڌرتي کي رهڻ لائق بڻائجي زرتشت جيڪو مال چارڻ ۽ زمين کيڙڻ کي عبادت سمجهندو هو ۽ چوندو هو جنهن وٽ علم آهي انهي تي اهو فرض آهي تـ هو اهو علم ٻين تائين پهچائي جئين هن دنيان ۾ ڀلائي ۽ آخرت ۾ فلاح کان محروم نـ رهي ۽ هڪڙو جواب هن کي پنهنجي پروردگار کان ملي ٿو جڏهن هو انهي کان سوال ڪري ٿوتـ اسين تنهنجي عبادت ڪئين ڪريون تـ ورندي ۾ هن جو پروردگار چئي ٿو تـ جنهن کي منهنجي طلب آهي انهي کي گهرجي تـ هو مخلوق جي ترقي ۽ خوشحالي لئـ ڪوشش ڪري ماڻهن جي تڪليف ۽ مصيبت ۾ مدد ڪري انهن کي برائي ۽ برن ماڻهن جي صحبت کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري زرتشت جون اهي ڳالهيو جيڪي هن هن ڪائنات کي مڪمل ڪرڻ لئـ ڪيون هيون هن جي اخلاقي فلسفي جو جن ٽن شين تي بنياد آهي اهي آهن نيڪ عمل نيڪ ڪردار ۽ نيڪ گفتار اڄوڪي دور جو ڪهڙو ترقي پسند فڪر يا فلسفو آهي جيڪو زرتشت جي تعليمات جي ڪنهن دائري کان ٻاهري آهي هي سموريون ترقي پسند تنظيمون هن ڌرتي تي عالم انسانيت جي ڀلي لاءِ تـ آهن سموري پارٽين جي منشور ۾ تـ اها ئي ڳالهـ آهي تـ ڌرتي جي گولي تي رهندڙ آدم جو ٻچڙو آسودو هجي نيڪو ڪار ۽ صالح هجي اها ئي ڳالهـ تـ زرتشت بـ ڪئي آهي هن فڪر ۾ بـ اها ئي ڦڪي آهي اها ٻي ڳالهـ آهي تـ هن سان بـ اهو ئي ٿيو جيڪو دنيا جي ٻين ڏاهن سان ٿيو هن کي بـ عقيدي جي اڏي تي ڪٺو ويو هن جي فڪر کي مذهبي رنگ ڏنو ويو نـ تـ هن تـ پنهنجي ئي قوم جي رويئي تي مايوس ٿي هنن جي ڌاڙن ڦرن ۽ قتل غارت جي خلاف اهو آواز اٿاريو هو هڪڙن ڏاهن جو اهو چوڻ بـ آهي تـ زرتشت ۾ سڳن رشتن ۾ شادي ڪرڻ وارو عمل سماجي اخلاقيات ۾ ڪمزور آهي جيڪو يقينن ٻين مذهبن جي اخلاقي قدرن کان انتهائي مختلف آهي اهو زرتشت جي مذهب جو ڪمزور پاسو بـ آهي جيڪڏهن اهين ٿيو تـ اهو وڏو سماجي بگاڙ هوندو زرتشت پنجاه سالن تائين پنهنجي تعليمات ڏيندو رهيو پر زرتشت جو فڪر گهڻو جٽاءِ نـ ڪري سگهيو انهي جا ڪيترا ئي سبب ٿي سگهن ٿا هڪڙو اهو تـ اهو فڪر هو تـ عام ماڻهو لئـ پر اهو فڪر بادشاهي آسيرواد هيٺان اڳتي وڌيو انهي ڪري بـ اهو ايترو ڦهلجي ڪونـ سگهيو انهي فڪر جي جڙ عام ۾ نـ هئي ٻي وڏي ڳالهـ اها بـ آهي تـ پاڻ زرتشت تـ انهي فڪر کي هندين ماڳين ڦهلائڻ لئـ ڪا وڏي جدوجهد ڪونـ ڪئي توڙي جو ڪيتريون ئي اهڙيو ڳالهيو آهن جيڪي زرٽشت کان پوءِ ڪيترن ئي مذهبن ۾ اچن ٿيون پر اهي مذهب هن ڌرتي جي گولي تي اڃان تائين پنهنجي ڀرپور فڪري جٽاءُ سان ڀيٺا آهن ۽ هنن جا ڪيترا ئي پولڳ پوري دنيان ۾ موجود آهن جئين حضرت موسئ ديدار جو طالب هو ۽ طور جبل تي پنهنجي آقا سان هم ڪلام ٿيندو هو اهين ئي زردشت بـ ديدار جو طالب هو جئين تـ موسئ آقا جو جلوي جو تاب سهي نـ سگهيو ۽ بي هوش ٿي ويو پر زرتشت کي تـ لکڻ وارا اهين ٿا لکن جو هن جو ديدار چار قدمن جي مفاصلي تان ٿيو هو جئين سهڻي نبي کي شب معراج جي رات ٿيو هو نبي جي ديدار واري اها رات اڄ بـ پوري دنيان ۾ ملهائجي ٿي پر زرتشت جا پولڳ ڳوليا نٿا لڀن نـ ئي وري هن جي ديدار واري رات جو ذڪر ٿو ٿئي موسئ جا پولڳ يهودي اڄ بـ پوري دنيا ۾ موجود آهن ۽ ها نـ رڳو موجود آهن پر سگها بـ آهن پر زرتشت جا پولڳ ڪٿي آهن زرتشت ۽ موسئ ۾ اها هڪجهڙائي آهي جو موسئ ۽ زرتشت ٻئي محبوب آقا جي ديدار جا طالب هئا ٻي ڳالهـ تـ موسي جي قوم جيڪا مصر جي مظلوم هئي موسئ هن کي اتان ڪڍي نڪتو هو پر زرتشت وري اهي ڪيو جو ميڊيا مان پاڻ بلخ هليو ويو موسئ مصري حڪومت جو مخالف ٿي بيٺو اتان بغاوت ڪري نڪتو جڏهن تـ زرتشت پنهنجي قوم جي قبول نـ ڪرڻ تي بلخ جي بادشاه وٽ هليو ويو اها قوم سان بغاوت ٿي موسئ قوم لئـ بغاوت ڪئي زرتشت قوم سان بغاوت ڪئي .موسئ جي اها ئي قوم جنهن کي هن هدايت ڏيئڻ ٿي چاهي اها هن جي پٺيان موسئ جي تعليمات کي وساري گابي جي پوڄا ۾ لڳي ويندي هئي ۽ زرتشت جي قوم وري اهو ڪيو جو هن جن باه ۽ سج جي بتن جي پوڄا جو انڪار ڪيو هو هنن مجوسين وري اهي ئي بت کڻي پوڄيا ٻيو ٺهيو باه جي پوڄا شروع ڪئي پر وري بـ موسئ جو فڪر دين بڻجي ويو زرتشت جو فڪر جٽا ڪري ڪونـ سگهيو . زرتشت ۽ اسلام ۾ وري اهي هڪجهڙايون هيون جئين پياري رسول کي پاڻ ڌڻي سب معراج جو شرف عطا ڪيو اهين ئي زرتشت بـ چوي ٿو تـ پاڻ آقا کيس چئن قدمن جي مفاصلي تان ديدار ڪرايو هو جئين عيسئ جا پولڳ چون ٿا تـ عيسئ زنده آهي ۽ هن دنيان ۾ ٻيهر ايندو يا جئين اسلام ۾ آهي تـ آخري دور ۾ مهدي امام جي آمد ٿيندي اهين وري زرتشت چيو هو تـ هن زندگي جي پڄاڻي وقت هڪ اهڙو دور ضرور ايندو شر جي سڀني قوتن جو خاتمون ٿي ويندو انهي وقت هڪڙو آخري مصلح ظاهر ٿيندو جيڪو هن دنيان ۾ خير ۽ نيڪي کي رائج ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو انهي کان پوءِ قيامت اچي ويندي جڏهن سڀ انسان زنده ڪيا ويندا ۽ زرتشت اهو بـچيو تـلازم ناهي اهو مصلح آخر ۾ اچي پهرين بـ اچي سگهي ٿو ٻڌ ۽ زرتشت جي هڪجهڙائي اڳم بيان ڪئي سونـ اهين جڪڏهن ڏٺو وڃي تـ زرتشت جي ٻين مذهبن سان ڪافي هڪجهڙائي آهي هنن جي تعليمات ۾ بـ ڪافي ويجهڙائي ۽ لڳ ڀڳ ٿوري گهڻي فرق سان ساڳيون نيڪ ۽ بد خير ۽ شر وارا تصور آهن اڻ ڏٺل خدا ڏانهن عبادت وارو رويو هن کان ئي هدايت وارو خيال ساڳي آهي توڙي جو هن جي فڪر ۾ عام انسان ڏانهن رويو بهتر هجڻ ۽ ڪمزور مصيبت ۾ ڦاٿل جي مدد ڪرڻ عبادت ليکيو ٿو وڃي اهي ساڳيون ڳالهيو سڀني مذهبن ۾ ملن ٿيو اهين ناهي تـ ڪو هن جي وقت ۾ حالتون ايڏيون خراب نـ هيون جو هن جو اهي ڳالهيون غير ضروري هجن هن جي وقت ۾ مجوسي جي حالت بـ تمام خراب هئي ڌاڙا ڦرون قتل ايستائين جو خانا بدوش هئا انهي ڪري تـ هن مال پالڻ ۽ زراعت کي عبادت ڪري پيش ڪيو پر وري اها ڳالهـ بيٺي ڪونـ توڙي جو اهين ناهي تـ ڪو هن اهو سڀ علم حاصل ڪرڻ لئـ ڪوششون ڪونـ ورتيون هن تـ اهي بـ ورتيو هيون هن وٽ سوچ ويچار ۽ سوالن جو جهنگ بـ هو جنهن هي پيو ڀٽڪندو هو جئين هي انهي جبل تي چڙهي چوندو هو . اي اهورا مزدا مونکي صحيح ٻڌا سڀ کان پهرين شريعت ڪنهن قائم ڪئي ،ڪنهن جي حڪم تي ڪڏهن چنڊ گهٽندو ۽ ڪڏهن وڌندو رهي ٿو ، اهو ڪير آهي جنهن ڪارائتي روشني ۽ انوڌه پئدا ڪئي ڪنهن ننڊ ۽ جاڳ پئدا ڪئي اهو ڪير آهي جنهن زمين اسانجي پيرن هيٺان بيهاري ۽ آسمان کي ڪنهن سهاري کانسوءِ بنائي بيهاريو ڪنهن پاڻي ٻوٽا پئدا ڪيا ڪير آهي جنهن هواءِ ۽ بادلن کي هلڻ سيکاريو هن وٽ اهي سوال هئا جن سان هن پنهنجي ڳولا جو پنڌ ڪيو هو پر هن پنهنجي فڪر جي عملي طرح ڦهلا لئـ ڪي وڏيون ڪوششون ڪونـ ورتيون هن پنجهاه سال پنهنجي فڪر جي تبليغ ڪئي پر هو انهن پنجاه سالن ۾ دنيان جي ٻين قومن ۾ ڪٿي ويندو نظر نٿو اچي ۽ نـ ئي وري پنهنجي قوم ۾ بـ ڪنهن وڏي پئماني تي آيل تبديلي جو ذڪر اچي ٿو ،هڪڙي ڳالهـ اها تـ زرتشت پنهنجي فڪر جي ڦهلا لئـ عملي طرح ڪوششون ڪونــ ورتيون عمل ۽ جدوجهد بنا فڪر بي معنئ آهي ٻيو تـ زرتشت تي ڪابـ ڏکيائي ڪونـ آئي ڪنهن فڪر جي ڦهلا لئـ ڏکيائي ئي آساني پئدا ڪندي آهي توڙي جو هن جي دين ۾ چڳيون ڳالهيون هيون انهي وقت جي نـ رڳو ايران کي پري عالم انسانيت کي ضرورت هئي پر هن جون ڳالهيون براين تي فتح حاصل ڪري نـ سگهيون انهي ڪري زرتشت جو فڪر اڄ بـ فڪري طور تي ڪتابن جي پنن ۾ دفن آهي عمل جو اوچو پهاڙ سر ڪري ناهي سگهيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو