راءِ گهراڻي جي اقتدار وارن ڏينهن ۾ سنڌ جو سرڪاري مذهب ٻُڌ هو. جڏهن راءِ گهراڻي جو آخري اقتدار ڌڻي سهاسي ثاني گادي تي ويٺو ته هن سندس وزير رام چچ بن سالائج نالي هڪڙي برهمڻ نوجوان کي پاڻ وٽ محرر ڪري رکيو. سيلائج ته وڏو پنڊت هو، پر سندس پٽ چچ کي به چارئي ويد برزبان ياد هئا. چچ ويدن جو حافظ هجڻ سا گڏ بي انتها سهڻو هو، هن جي حسن ۽ عقل سهاسي جي راڻي کي بي انتها متاثر ڪيو. سهاسي جو موت خفيا بڻجي ويو ۽ راڻي چچ سان پرڻو ڪري اقتدار جون واڳون چچ جي حوالي ڪيون. ايئن سهاسي گهراڻي جي اقتدار جو سج راڻي جي رومانس سان لهي ويو. چچ برهمڻ هو، برهمڻن لاءِ ويدن ۾ آيل آهي ته اهي برهمان جي دماغ مان آيل آهن، انهي ڪري منو شاستر جي قانون مطابق هو سڀني کان اتم آهن. مهراجا چچ جنهن کي سنڌ جو سڪندر اعظم چيو وڃي ته به غلط نه ٿيندو. جنهن سنڌ جون سرحدون قنڌار کان ڪشمير تائين وڌايون. پر هن جي انهي ڪاهن پٺيان جتي مقصد وسيع اقتدار جي حاصلات هئي اتي هڪڙو مقصد اهو به هو ته ڪنهن طريقي ٻُڌن کي هيسائي هيٺ ڪجي، جيڪي هن کان اڳ ۾ اقتدار جا ڌڻي هئا. هن ملتان تي به ڪاهه انهيءَ مقصد سان ڪئي، ڇو جو انهي وقت اتي راءِ گهراڻي جي ئي ٻُڌن جو راڄ هو. چچ پنهنجي حڪومت ۾ انهن ٻُڌن تي سختي ڪئي جيڪي اقتدار جا وارث هئا ۽ هن ٻُڌن لاءِ سخت قانون پاس ڪيو. انهيءَ قانون مطابق ٻُڌن لاءِ هيٺيون سزائون مقرر ٿيون. مصنوعي ترار کانسواءِ اصلي ترار نه کڻن، شال، ريشم يا بخمل جا ڪپڙا بلڪل نه پائين، جيڪڏهن ڍڪين ته صرف ڳاڙهو يا ڪارو ڍڪين. گهوڙي تي سنج نه رکن اگهاڙي پٺي سواري ڪن، جُتي ٽوپي يا پڳ نه پائين، ٻاهر نڪرن ته ڪتو ساڻ هجي، ملڪ جي سردار لاءِ بورچيخاني جو ٻارڻ مهيا ڪن، جاسوسي ۽ قاصدائي جو ڪم بجا آڻين، جنهن ڪم تي مقرر ڪجي اهو ڪم سچائي سان ڪن، ملڪ تي ڪو حملو ڪري ته ملڪ جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي لڙائي ڪن. انهن قانونن جي پاسداري ڪندڙ اقتدار جا اصلي وارث ٻُڌ جا ڀڪشو برهمڻن جي اقتدار مان بيزار هئا ۽ هو عربن جي آجيان لاءِ سنڌو ندي جي ڪناري تي گلن جا جهول ڀري بيٺا ۽ آخرڪار برهمڻ گهراڻي جو اقتدار ڏاهر جي ڏينهن ۾ پورو ٿيو. برهمڻن جي دؤر ۾ ڀلوڙ حڪمران صرف چچ جو ڀاءُ چندر هو. عربن جي ڪاهه به اندروني ڪمزورين جو نتيجو هئي. اها ٻُڌن ۽ برهمڻن جي گهرو اڻبڻت ئي هئي، جنهن سنڌ کي عربن وٽ غلام ڪيو، نه ته اهي جاٽ ڀڪشو ئي هئا جيڪي عربن سان وڙهندا رهيا. سومرن سردارن جي ته ڳالهه ئي نرالي آهي. ڪتابن ۾ ته اها ڳالهه ٿي اچي ته چنيسر جو حق هوندي به اقتدار انهيءَ ڪري کيس نه ڏنو ويو جو هو ماءُ کان صلاح پڇڻ ويو هو. ڪيڏي نه ٻاراڻي ڳالهه آهي؟ ڇا انهيءَ دؤر ۾ ماءُ کان پڇڻ سٺو ڪو نه سمجهيو ويندو هو؟ اصل ۾ سومرن پٽيلن دودي کي پڳ رڳو انهيءَ ڪري ٻڌائي جو هو ڏاڏي پوٽي مان هو، انهيءَ کي ئي پڳ ٻڌائڻي هئي ۽ نتيجو اهو نڪتو جو چنيسر علاؤالدين کي وٺي آيو. انهيءَ ڪري نه ته چنيسر چڱو مڙس هو، نه وري دودي اقتدار حاصل ڪري عقلمندي ڪئي. بي گناهه ماڻهو ماريا ويا، اهي به جکرو ۽ ابڙو سمون!! انهيءَ ڪري مرشد لطيف دودي کي ڳائڻ بدران ابڙي کي وڏوڙو چوي ٿو ۽ جکري جهڙو جوان ڏيهه ۾ نٿو ڏسي. اها جنگ به گهرو ويڙهه جو نتيجو هئي. ۽ سمن سردارن جي اقتدار جو ڏيئو ايئن اجهاڻو جو ڄام نظام سمي بکر وٽ ٻروچن کي سزائون ڏنيون، جو اهي سنڌ ملڪ ۾ ڌاڙا ۽ ڦرون ڪري ملڪ جو امن تباهه ڪري رهيا هئا، پر انهن ئي ڏينهن ۾ لکدير جو غلام قبوليو هن سمي سردار جي محبت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ پوءِ هي لکدير جو قبوليو غلام کان ڦري نواب ۽ دولهه جي لقبن سان نوازيو ويو ۽ ايستائين جو وزيراعظم به ٿيو، پر انهيءَ ئي دريا خان ڄام فيروز جي تخت تي ويهندي ئي ٻروچن کي اڳتي آندو. هن فوج ۾ ٻروچن کي ترقيون ڏنيون ايستائين جو سنڌ ۾ ٻروچن کي جاگيرون به ڏنيون، جنهن ۾ غيبي خان وارا چانڊيا به آهن. ارغونن ۽ ٻروچن واري جنگ کي سنڌ ۾ وٺي اچڻ وارو پهريون ماڻهو دريا خان هو، جيڪو مير چاڪر خان رند سان گڏجي ارغونن سا ن وڙهيو ۽ دريا خان ٻروچن جي ڌر هو. ڄام سنجر جي پٽ سمون حاڪم ڄام فيروز کان تخت حاصل ڪيو ويو ته دريا خان ٻروچن جي فوج وٺي ڄام سنجر جي پٽ سان وڙهيو ۽ جنگ هارائي ويو. تڏهن هن ڄام سنجر جي پٽ صلاح الدين سمي سان دوکو ڪيو ۽ قاصد کي ڪوڙو خط ڏيئي روانو ڪيو. ڄام فيروز دريا خان جي هوندي به رڳو نالي جو حاڪم هو، پر جيڪو ڄام فيروز ڪيو انهي کي به ساراهي نٿو سگهجي. هو پنهنجي ماءُ مرينا ماڇياڻي کي وٺي شاهه بيگ ارغون وٽ مدد لاءِ ويو ۽ هي به اقتدار کان محروم ٿيو. پوءِ سمان سندرا ٻڌي وڙهيا ته به وريو ڪجهه ڪونه. ارغونن کي وري پنهنجا ئي آندل ترخان ڀتا. ارغونن سان ٻروچن جو جهيڙو پراڻو هلندڙ هو. دريا خان جي اڃان پڪي خبر ناهي ته ڪير هو، پر هڪڙو خيال اهو به آهي ته هو ٻروچ هو. پر جڏهن ڪلهوڙا سنڌ ۾ داخل ٿيا ته هنن سان رڍن جا ولر هئا ۽ هٿن ۾ ڏاس جا ڍيرا هئن، هنن پنهنجي مدد لاءِ ٽالپرن کي گهرايو ۽ ٽالپرن ئي هنن کان اقتدار حاصل ڪيو ۽ اهو ڪلهوڙن جو ئي دؤر هو جنهن ۾ سنڌ انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. ڏکڻ سنڌ ۾ مغل گورنر ويهندو هو ۽ اتر سنڌ ۾ ڪلهوڙا. انهي ئي دؤر ۾ اتر سنڌ ۽ ڏکڻ سنڌ جي خيال جنم ورتو، اترادي ۽ ٿري جو تصور پيدا ٿيو، جيڪو اڃان تائين هلندو اچي. ڪلهوڙا ته ايران ۽ مغل گورنر ٻنهي کي محصول ڏيندا هئا. اهو خدا يار خان ڪلهوڙو ئي هو جنهن مير شهداد خان جي سپهه سالاري ۾ ٺٽي جي مغل گورنر سان گڏجي صدو لانگاهه جي پڙ پوٽي صوفي شاهه عنايت کي شهيد ڪرايو. انهيءَ شهادت جا ڇنڊا ٻين ڪيترن ئي سنڌي پيرن ۽ وڏيرن تي به آهن. ڪلهوڙن کي مير ڀتا ۽ ميرن کي وري مغل امپائير ڪمزور پوڻ ڪري انگريز ڀتا. انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي هندو ۽ مسلمان ۾ ڪجهه به کڻي چئون پر اختلاف هئا ۽ نتيجو اهو نڪتو جو مسجد منزل گاهه جو واقعو انهيءَ جو مثال آهي. نتيجي ۾ سائين جي ايم سيد جهڙو ڏاهو ماڻهو به مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ مسلمانن لاءِ الڳ وطن جي گهُر ۾ گڏجي بيٺو ۽ نتيجي ۾ هندو مسلمان جي گهرو جهيڙي جي ڪري هتان سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ٿي. انهيءَ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ يو پي سي پي ۽ بِهار مان مسلمان ڀائر هتي اچي ريل گاڏين مان لٿا ۽ راتو رات سنڌ جي دل ڪراچي جا ڌڻي ٿي ارب کرب پتي بڻجي ويا. ڪلهوڪا ڏتڙيل اڄوڪي سنڌ کي پنهنجي ڌرتي ماءُ سمجهڻ بجاءِ هن جي نڙي تي نُهن ڏيئي ويهي رهيا آهن. هڪڙا ڌن ۽ ڌرم جي ڪري ڌرتي ڇڏي ويا، ٻيا ڌرم جي ڪري آيا ۽ ڌن حاصل ڪري ڌرتي جا ڌڻي ٿيڻ بجاءِ ڌرتي کي به ڌن سمجهي پنهنجي حصي جي ڌرتي گهرڻ جي هٺ تي اڙجي بيهي رهيا آهن. جيڪي پاڻ تاريخ جا ابتا پيرا کنيا آهن، انهن مان هڪڙي ڳالهه ته اڇي چٽي ٿي سامهون آئي آهي ته سنڌ سدائين تڏهن ئي غلام ٿي آهي، سنڌي ماڻهو تڏهن ئي حق حاڪميت کان محروم ٿيو آهي، ڌارين کي قابض ٿيڻ جو موقعو تڏهن ئي مليو آهي، جڏهن سنڌ ۾ خانا جنگي ٿي آهي. سنڌي ماڻهو پاڻ ۾ وڙهيو آهي ۽ اهي ابتا پيرا انهيءَ ڪري کنيا آهن جو اڄ جي سنڌ ۾ به گهرو ڇڪتاڻ جي صورتحال سامهون آهي. هن وقت سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ جي وچ ۾ اختلاف وڌي رهيا آهن. ايئن ناهي ته ڪو انهيءَ جي ذميوار ڪا هڪڙي ڌر آهي، پوءِ ٿوري يا گهڻي جيئن علاؤالدين خلجي جو ذميوار ته چنيسر ئي آهي پر دودي وارن به چنيسر جو حق نه ڏنو، جيئن عربن جي آجيان ٻُڌ ڀڪشوئن ڪئي، پر انهيءَ جو ذميوار برهمڻ گهراڻو به آهي. ايئن ئي پٺاڻن سان گڏ ويهڻ تي سنڌي ماڻهن کي مجبور ڪرڻ وارا به اردو ڳالهائيندڙ ئي آهن ۽ اها سنڌي ماڻهن جي پاڻ ۾ ويڙهه ڪنهن به حوالي سان ڪنهن به سنڌي ڳالهائيندڙ يا اردو ڳالهائيندڙ سنڌي جي حق ۾ ناهي. پر هڪڙي ڳالهه اها به آهي ته اهي دانشور دوست ۽ سياسي ڏاها جيڪي اهو چوندي فخر ٿا محسوس ڪن ته هو شاهي سيد سان ان ڪري فوٽو ڪڍرائن ٿا جو هو بادشاهه خان جو پوٽو آهي. پر انهن کان اهو ڪير پڇي ته سهي هي همراهه احمد شاهه ابدالي جو ڇا ٿو ٿئي؟ جنهن نور محمد ڪلهوڙي کي عمرڪوٽ کان به اڳتي ڊوڙايو هو. اها ڪهڙي قسم جي سياسي دانشمندي آهي جو هڪڙي گهر جي دشمن کي هيسائي هيٺ ڪرڻ لاءِ ٻاهرئين دشمن کي دعوت ڏيئي گهرائجي؟ هي ته اها ئي غلطي ٿي جيڪا چنيسر ڪئي ۽ ٻُڌن ڪئي. اهي اسان جا پيارا پٺاڻ همدرد جيڪي جبلن مان بک مري افغان جنگ جي نتيجي ۾ آيا هئا ۽ هتي جُتي پالش ڪندي، پيتين ۾ مڻيان ۽ اڳٺ کپائيندي سائيڪلن تي ڪپڙو وڪڻندا هئا، اهي ئي پيارا پٺاڻ اڄ بٺن ۽ بسن جا مالڪ آهن، اسان جي گهر جا فيصلا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار جا ڌڻي ٿي پيا آهن. اهي جيڪي پنهنجا سڀ کان وڏا همدرد آهن سي ايترا به سادا ناهن، اهي ايترا به پنهنجا سڄڻ ناهن، هي اهي آهن جن کانپوءِ هتي مذهبي انتهاپسندي، هيروئن ۽ هٿيار آيا، اهي ڪي پاڻ سان گڏ گل کڻي ڪو نه آيا آهن. باقي اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ وارا اهي ئي آهن، جيڪي اڄ اقتدار جي بقا لاءِ اردو ڳالهائيندڙن کي منٿون ڪرڻ ۾ پورا آهن ۽ اردو ڳالهائيندڙ اهو ٿا سمجهن ته اهي منٿون ڪندڙ ئي سنڌي آهن. پر جيئن هڪڙي اردو ڳالهائيندڙ سياسي تنظيم سڀني اردو ڳالهائيندڙن جي نمائندگي نٿي ڪري، ايئن ئي منٿون ڪندڙ سياسي پارٽي به سڀني سنڌي ڳالهائيندڙن جي نمائندگي نٿي ڪري. ٻي طرف جيڪڏهن اردو ڳالهائيندڙن جو هڪڙو گروهه سنڌ ورهائڻ جو خواب پيو ڏسي ته اهو دهشتگردن جو گروهه آهي، جيڪو پنهنجي هر ڳالهه مڃائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. اهو گروهه ته اردو ڳالهائيندڙن سان به سچو ناهي، جي هو انهن سان سچو هجي ها ته پنهنجي اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کان ڀتو ڇو وٺي ها، هو انهن جا ٻچا ڇو چند پئسن عيوض اغوا ڪري ها ۽ پنهنجي ئي شهر کي مقتل گاهه نه بڻائي ها. انهيءَ ڪري سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ اهي پارٽيون هاڻ وائکيون ٿي چڪيون آهن. هڪڙي ڪنهن جي پيداوار آهي ته ٻي هن وقت ڪنهن وٽ پابند آهي. اهي ئي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ اختلاف وڌائيندڙ آهن. انهيءَ ڪري هاڻ اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن کي انهيءَ تي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ۽ ڪنهن به سياسي اٽڪل بازي جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، ان ۾ ئي سڀني جو ڀلو آهي. jogee_khalid@yahoo.com