سماجي انتشار ۽ صوفي مت رئوف نظاماڻي ”پيار جا چاليهه اصول“ Forty rules of love ترڪ ليکڪا ايلف شفق جو لکيل ناول آهي. ناول جو بنيادي موضوع جيتوڻيڪ تيرنهين صدي جي حالتن جي پس منظر ۾ مولانا رومي ۽ شمس تبريز جي تعلق تي بحث ڪيو ويو آهي پر ساڳي وقت ليکڪا ان کي اولهه جي ٻن ڪردارن وسيلي موجوده حالتن سان ڳنڍڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي. پيار ۽ دوستي اها ئي موثر هوندي آهي جيڪا ماڻهوءَ جي شخصيت کي بدلائي ڇڏي. تيرنهين صديءَ جي حالتن کي موجوده حالتن سان ڀيٽڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ان وقت به دنيا ڏڦيڙ، انتشار ۽ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار هئي. منگولن جا حملا، صليبي جنگون، سلجوقين جون ڪاهون، شهرن جي تباهي ۽ عام ماڻهن جو قتل عام وغيره اهڙا عنصر هئا جن ماڻهن لاءِ ڪنهن گڏيل اجهي جي ڳولا کي ضروري ڪري ڇڏيو هو. انهن حالتن ۾ ڏٺو وڃي ته مذهب رڳو هڪ عنصر هو جڏهن ته ٻيا گهڻا عنصر وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. ساڳي ريت هاڻي به مذهب کي مختلف مخالف قوتن پاران ماڻهن کي ورهائڻ ۽ ويڙهائڻ لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو پر ان جي پويان اصل مقصد سياسي مٿڀرائپ ۽ مختلف ملڪن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ هوندو آهي. ناول ۾ شمس تبريز جي حاوي شخصيت آهي. هڪ اهڙو درويش جيڪو هڪ جاءِ تي سڪون سان ويهڻ بجاءِ مُلڪان ملڪ گهمندو هجي. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته کيس ننڍي هوندي کان ئي غيب جي حالتن جي خبر پوندي هئي ۽هو جڏهن پنهنجن گهر وارن ۽ ٻين ماڻهن سان ان جو ذڪر ڪندو هو ته اهي مٿس کلندا هئا ۽ چوندا هئا ته هن ضرور ڪو خواب ڏٺو هوندو. ان ڪري هن الله سائين کان اها دعا گهري هئي ته کيس خواب نه ڏنا وڃن. اهڙي ريت کيس خواب نظر نه ايندا هئا ۽ غيب جو علم ۽ غيب سان رابطو سندس لاءِ هڪ حقيقي شئي هوندي هئي. اهو چيو وڃي ٿو ته هن اها دعا گهري ته کيس اهڙو دوست ۽ سنگتي ڏنو وڃي جيڪو سندس مرڻ کانپوءِ سندس پيغام کي ماڻهن تائين پهچائي سگهي. ان دعا جي قبوليت جي صورت ۾ کيس اها بشارت ملي ته هو بغداد جي هڪ بزرگ بابا زمان سان ملي جيڪو کيس سندس گهربل دڳ تي لائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻئي پاسي ڪونيا جي شهر جيڪو هن وقت ترڪي ۾ آهي، ۾ جلال الدين رومي هڪ وڏي مذهبي عالم ۽ خطيب طور سڃاتو ويندو هو پر سندس استاد چواڻي ته ان سڄي عزت، شهرت ۽ دولت جي باوجود کيس سڪون نه هو، سندس اندر ۾ هڪ اڻ تڻ هئي ۽ ايئن لڳندو هو ته ڄڻ منجهس ڪنهن شيءِ جي کوٽ آهي. ان کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ رومي جي استاد بابا زمان کي لکيو ته رومي جي ڪنهن اهڙي دوست کي موڪل جيڪو سندس ان اندر جي اُڃ کي اجهائي سگهي ۽ ان خال کي ڀري سگهي. بابا زمان ڄاتو ٿي ته اهو ڪو سولو ڪم نه هو ۽ ان ۾ جان جو جوکو هو ۽ کيس اها به خبر هئي ته ان ڪم لاءِ معرزون تبريز جو درويش شمس ئي آهي جنهن کي وٽس ان مقصد لاءِ موڪليو ويو آهي. ان ڳالهه کي ڪيترا ڀيرا درويش آڏو رکيو ويو پر سوائي شمس جي ڪنهن وڃڻ جي حامي نه ڀري. ان جو ڪارڻ اهو هو ته شمس اهو ڄاتو ٿي ته رومي جي دوستيءَ جو انجام ڇا ٿيڻو آهي پر هن پاڻ اهو گهري ورتو هو ۽ اهڙي ريت اهو ئي ڄڻ سندس زندگيءَ جو مقصد به هو. ڪوينا پهچڻ کانپوءِ شمس اهو فيصلو ٿو ڪري ته رومي سان ملڻ کان اڳ شهر جو جائزو ورتو وڃي ۽ اهو ڏٺو وڃي ته عام ماڻهو ڪهڙيءَ ريت زندگي گذاري ٿو. شهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هڪ ڳوٺاڻو کيس اهو ٻڌائي ٿو ته منگولن ۽ ٻين ڪاهه ڪندڙن ڪهڙي ريت تباهي ڦهلائي آهي ۽ ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي زندگي کي متاثر ڪيو آهي. هو ڪوڙهه ۾ ورتل فقيرن، ونئشيائن ۽ شرابين سان ملي ٿو. کيس اها خبر پوي ٿي ته کين اها ڄاڻ ته آهي ته رومي هڪ وڏو عالم آهي ۽ سندس لفظن ۾ هڪ سحر آهي پر ساڳي وقت هو اهو به محسوس ڪري ٿو ته رومي عام ماڻهن کان ڪيڏو نه پري آهي ۽ ماڻهن ۽ سندس وچ ۾ ڪيڏو نه گهڻو مفاصلو آهي. شمس سان روميءَ جي ملاقات سان ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ روميءَ کي ان ماڻهوءَ جو اوسيئڙو هو. روميءَ جي زندگيءَ ۾ فوري طور هڪ تبديلي محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. سندس ورتاءُ نه گهر وارن سان ساڳيو رهي ٿو ۽ نه ئي پنهنجن شاگردن ۽ ٻين ماڻهن سان. درويش جو ڪم روميءَ جي اندر کي معاف ڪرڻ، کيس عام ماڻهن جي ويجهو آڻڻ ۽ سندس غرور ۽ تڪبر کي ختم ڪرڻ هو. ان جو هڪ مثال شمس ۽ روميءَ پاران منعقد ڪيل درويشي ناچ جي محفل دوران جڏهن شهر جو حاڪم جيڪو عالم جي حيثيت ۾ رومي جي نهايت ويجهو رهيو آهي، سندن ساراهه ڪري مٿانئن سونن سڪن جي گهور وجهي ٿو ته شمس اهي سڪا واپس اڇلائي سندس منهن تي هڻي ٿوح ۽ اهڙيءَ ريت سندس ناراضگي کان سواءِ روميءَ کي ڄڻ حاڪم ۽ شهر جي امير طبقي کان ڌار ڪري سندن مخالف بڻائي ڇڏي ٿو. ساڳيءَ ريت روميءَ کي ماڻهن جي ويجهو آڻڻ ۽ سندس نفس کي قابو ڪرڻ لاءِ هو کيس هڪ ڏينهن شراب خاني مان ٻه بوتلون وٺي اچڻ لاءِ چئي ٿو. روميءَ جي لاءِ اهو تمام وڏو مرحلو هجي ٿو. گناهه کان سواءِ سندس لاءِ وڏو مسئلو اهو ٿو هجي ته ماڻهو ڇا چوندا ته رومي شراب خاني ۾ شراب خريد ڪرڻ لاءِ ويو آهي. جڏهن ته شمس جو مقصد ئي ان نموني سندس اندر مان ماڻهن جي ڊپ کي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي نفس کي مات ڪرڻ هو. روميءَ جو شراب خاني ۾ وڃي اتي ماڻهن سان ملڻ سندس لاءِ هڪ بلڪل ئي نئون تجربو هو، پر شمس روميءَ جي آندل شراب کي کيس پيئڻ نه ٿو ڏئي ۽ سندس چپن تان لاهي سڄي بوتل کي ٻوٽن ۾ هاري ڇڏي ٿو جتي ان وقت ئي هڪ گل ڦٽي ٿو جنهن کي اهي سڄي رات تڪيندا رهن ٿا. ڪجهه عرصي کان پوءِ شمس اهو سمجهي ٿو ته روميءَ کي جنهن شيٰ جي ضرورت هئي اها کيس ملي چڪي آهي ۽ هو هاڻي هڪ بلڪل مختلف شخص بڻجي چڪو آهي ته کيس اهو محسوس ٿئي ته ڪونيا ۾ هاڻي سندس ڪم ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي کيس هتان هلڻ گهرجي. هڪ ته درويش جي طبعيت ۾ هڪ جاءِ تي ٽِڪي ويهڻ نه هو ۽ ٻيو ته کيس محسوس ٿئي ٿو ته شهر ۾ روميءَ جي مخالفت تمام وڌي وئي آهي ۽ سندس شهرت کي وڏو ڌڪ لڳو آهي. اهڙيءَ ريت ڪنهن اطلاع کان سواءِ هو دمشق هليو وڃي ٿو پر روميءَ جي لاءِ سندس اها جدائي سهڻ جوڳي نه ٿي هجي. سندس گهر وارا به اهو سمجهن ٿا ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هو شمس کي وساري ويهندو ۽ پنهنجي اصل زندگيءَ ڏانهن موٽي ايندو پر ايئن نه ٿو ٿئي ۽ رومي جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ٿي وڃي. سندس وڏو پٽ شمس کي ڳولڻ لاءِ نڪري ٿو. شروع ۾ ته هو سوچي ٿو ته مڙئي گهمي ڦري وقت گذاري بابا کي اچي ٻڌائجي ته شمس نه مليو پر ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ کانئس اهو ڪوڙ ڳالهائڻ نه ٿو پڄي ۽ هو سنجيدگيءَ سان درويش کي ڳولڻ لاءِ نڪري پئي ٿو. دمشق ۾ سندس شمس سان ملاقات ٿئي ٿي ۽ هو کيس قائل ڪري ڪونيا وٺي اچي ٿو جتي شهر کان ٻاهر ئي رومي ان جي آجيان لاءِ موجود هجي ٿو. ناول نگار، شمس جي زندگيءَ جي هڪ اهم پاسي تي روشني وڌي آهي. روميءَ جي گهر ۾ رهندڙ هڪ ڇوڪري ڪميا درويش جي تمام گهڻو ويجهو اچي وڃي ٿي ۽ مختلف روحاني معاملن جي ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو، ٻنهي جي رضامنديءَ سان سندن شادي ٿئي ٿي پر درويش ان ڇوڪريءَ سان زال مڙس واري رشتي رکڻ لاءِ تيار ئي نه ٿو ٿئي ۽ پهرين رات ئي کيس اهو محسوس ٿئي ٿو ته هن شادي ڪري وڏي غلطي ڪئي آهي. ڪميا جي گهڻين ڪوششن باوجود به اهڙو تعلق قائم نه ٿو ٿي سگهي. شهر ۾ رومي ۽ شمس جي مخالفت ۾ جيڪي ماڻهو آهن انهن جي اڳواڻي مذهبي عالمن ۽ سندن پوئلڳن جي هٿ ۾ آهي جيڪي اهو سمجهن ٿا ته مسلمانن جي تباهي ۽ منگولن ۽ عيسائين مٿان سندن شڪست جو مک ڪارڻ سندن شريعت تان هٽي وڃڻ ۽ ان تي پوري ريت عمل نه ڪرڻ آهي. سماج مان فعاشي ۽ نشي وغيره ختم ڪرڻ آهي، پنهنجو مقصد ڄاڻائين ٿا جڏهن ته رومي ۽ شمس جيڪي اهو سمجهن ٿا ته هر ماڻهو پوءِ ڀلي هو ڪيڏو به ظاهري طرح خراب ڇو نه هجي ضرور پنهنجي اندر ۾ چڱائي رکي ٿو. سندن لاءِ منصب جو ظاهري روپ بي معنيٰ هو ۽ اهي مختلف مذهبن جي پوئلڳن کي ساڳي اهميت ڏيندا هئا ۽ انسان کي خدا جو پرتم ڪري ليکيندا هئا.اهڙي ريت مذهبي عالمن ۽ سندن پوئلڳن لاءِ رومي ۽ شمس سندن مقصدن جي حصول ۾ وڏي رنڊڪ هئا ۽ خاص طور تي تبريز جو شمس جنهن سندن چواڻي ته روميءَ کي به پنهنجي واٽ تان هٽائي ڇڏيو هو ۽ سندن لاءِ ان جو واحد حل شمس کي روميءَ کان پري ڪرڻ هو ۽ کين گهڻن حيلن هلائڻ کان پوءِ اها پڪ ٿي چڪي هئي ته شمس کي قتل ڪرڻ کان سواءِ اهو مقصد ٻئي ڪنهن نموني حاصل نه پيو ٿي سگهي. اهڙي ريت شمس کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ سازش تيار ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ روميءَ جو ننڍو پٽ علاوالدين پڻ شامل هجي ٿو. شمس کي اها ڄاڻ هجي ٿي ۽ هو ان رات باغ ۾ لڪل قاتل سان پنهنجي ليکي ڳالهائي به ٿو پر کيس ساڳي وقت اها ڄاڻ به هجي ٿي ته سندس انجام ان ريت ٿيڻو هو. کيس قتل ڪرڻ کان پوءِ سندس لاش کي اتي کوهه ۾ اڇلايو وڃي ٿو جتي اهو پاڻي مٿان ئي ترندو رهي ٿو. شمس جي وفات متعلق اهو هڪڙو version آهي. جڏهن ته اهو به چيو وڃي ٿو ته اهو درويش پراسرار نموني ڪونيا مان غائب ٿي ويو هو ۽ مزار متعلق به مختلف ڳالهيون آهن. ڪي چون ٿا ته سندس مزار ترڪي ۾ آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اهو اتر پاڪستان ۾ قراقرم جي جابلو سلسلي ۾ ڪٿي آهي. ساڳي وقت ملتان ۾ شمس تبريز جي نالي سان هڪ مزار موجود آهي پر ان متعلق اهو چيو وڃي ٿو ته اهو حضرت شمس سبزواريءَ جي مزار آهي جنهن کي شمس تبريز جو نالو ڏنو ويو آهي. شمس جو چوڻ هو ته روميءَ جي اندر ۾ هڪ شاعر موجود آهي جنهن جي روميءَ کي خبر ناهي ۽ جنهن کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. شمس پنهنجو اهو ڪم مڪمل ڪري ويو هو. رومي پنهنجي دوست جي جدائي تي ڏک ۽ افسوس جي باوجود ان ڳالهه کي محسوس ڪيو ته اهو ته سندس اندر موجود هو ۽ سندس شاعري ۽ خيالن جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيو هو. اهڙي ريت شمس تبريز جو جيڪو مقصد پاڻ کي پنهنجي دوست جي صورت ۽ ان جي خيالن ۾ جيئرو رکڻ هو اهو ڄڻ حاصل ٿي ويو. مولانا رومي مسلمان ملڪن جي گهڻن صوفين لاءِ اتساهه جو باعث رهيو آهي ۽ سندس مثنوي ڀٽائي سميت گهڻن سان مستقل طور تي گڏ رهي آهي. خاص طور ان ڪري اڄ ڪلهه جڏهن مذهبي انتهاپسندي جي ٽوڙ لاءِ صوفي ازم تي زور ڏنو وڃي ٿو ته ان ۾ مولانا رومي جي اهميت گهڻي وڌي وڃي ٿي. اولهه جي ملڪ ۾ خاص طور تي مثنوي تي گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي. اهو ناول پٽ ان سلسلي ۾ هڪ ڪڙي لڳي ٿو. صوفي ازم سان متفق ٿيڻ يا ان سان اختلاف ڪرڻ هڪ ڌار ڳالهه آهي. اهو به ممڪن آهي ته اولهه جا ملڪ ان کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهيندا هجن پر ساڳي وقت اهو اسان جو هڪ ورثو پڻ آهي ۽ ماضيءَ جي ڀڃ ڊاهه ۽ ڇڪتاڻ کي سمجهڻ لاءِ هڪ اهم ذريعو آهي. نظرين ۽ خيالن جي جنگ کي سمجهڻ لاءِ ان سڄي پس منظر ۽ پيش منظر کي پڻ سمجهڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ ان ناول جي هڪ پنهنجي اهميت آهي. Daily Awami Awaz Karachi...