هاڪڙو خالد ڪنڀار

'مختلف موضوع' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    هاڪڙي جا پيرا؛



    لکي ٿو تـ اڳئين زماني ۾ ستلج the sariswite and last river of the Indian desert سر اولڌام پنهنجي هڪ تحقيقي

    هاڪڙي جي پيٽ مان وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي پر جڏهن ستلج پنهنجو وهڪرو بدلا ئي بياس سان گڏجي وڃي سنڌو۾ شامل ٿي تـ سرسوتي جيڪا هاڪڙي ۾ ڇوڙ ڪندي هئي سا هيڪلي ٿي پئي ۽ ندي ورياسن ڀٽن ۾ گم ٿي وئي هاڪڙي جو وڏو سبب سڪڻ گهٽ برساتن جي ڪري نـ پر ستلج جي منهن ڦيرڻ جي ڪري ٿيو ساڳيون ئي همراه لکي ٿو تـ هاڪڙو دريا ستلج جو پراڻو وهڪرو آهي هاڻ جيترا ڏاها آهن اوترا آهن ڏس اڄوڪن ڏاهن جي ڏسن تـ ٻاون ويرن کي بـ ڌت چريا ڪري ڇڏيا آهن هڪڙي ٻي ڏاهي بيل چوٽ جو هن گم ٿيل دريا لئـ ڏس آهي تـ هاڪڙو گهگهر جي شاخ آهي جنهن کي ستلج ما پاڻي ملندو هوجيڪا پنجاب ما وهي بيڪانير جوڌپور مان وهي وڃي پارڪر ۾ ڇوڙ ڪندي هئي چون ٿا تـ بهاولپور ۽ بيڪانير جي علائقن ۾ هاڪڙي جو پيٽ ڏيڊ سوء ميلن تائين ٻـ ميلن کان بـ ويڪرو آهي،ستلج جو هڪڙو پراڻو انگڙ وڪڙ پيٽ هاڪڙي سان بهاولپور جي بنهـ اندر ولهار وٽ اچي ملي ٿو. ستلج پهرين 1255 ۾ پنهنجو رخ اتر طرف وڌيڪ ڪيو 1553 ۾ ستلج هاڪڙي کان منهن موڙيو پر ڦري گهري وري بـ اچي هاڪڙي جي پيٽ ۾ پناه ورتائين هاڪڙو ۽ ستلج هڪ ٻي کان رسندا ۽ پرچندا رهيا ڇو جو نينگرين ۽ ندين جا مزاج هميشـ اهڙا ئي رهيا آهن پر جئين ستلج 1796 ۾ هاڪڙي کان منهن موڙيو تـ واپسي جي واٽ هن ندي دريا ڏانهن اڄ تائين ڪڏنهن بـ ڪونـ ورتي. سرسوتي ڀٽن ۾ گم ٿي وئي ستلج منهن موڙي ڇڏيو ۽ مٿان وري اهو ٿيو جو سنڌو شينهن دريا 1758 ۾ نصرپور وٽان رخ ڦيرايو تـ هاڪڙي ۾ سنڌو مان ايندڙ پاڻي وارو آسرو بـ گهٽجي ويو ۽ ٿوري گهڻي ريڙه ملندي رهي مٿان جو دريا جو بخت ڦتو تـ ڦٽندو ئي ويو 1819 واري خوف ناڪ زلزلي کان پو هي دريا مري ويو.1833 ۾ سکر بئراج ٺهيو. انهي کان اڳ ۾ ناري وارو موجوده وهڪرو سکر وٽان قدرتي ڦاٽ ذريعي وهندو هو فرش وٽان نارا ڪئنال جي ڇنڊڻ تور ڍوري ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو هو جيڪو چيل بند وٽان اچي هاڪڙي جي اصل پيٽ ۾ پوندو هو پر ٿيو اهين جو 1952 ۾ اهو ڇنڊڻ وارو پاڻي بـ اچڻ مڪمل بند ٿيو. پو دريا جي اڃ پوري ڪس جي اڃ بڻجي وئي ۽ انهي ئي اڃ جو ڪجهـ حصو خليل جي خيال ۾ بـ آيو

    ان دريا جي ان ڪنڌي تي

    هاڻي ڊوها ڃار ڦٽا هن



    جن ۾ سوئر ٿم هڻن ٿا

    ائين پو منهنجو ڀاڳ فٽي ويو

    منهنجو دري اڃ مري ويو

    هاڻ هاڪڙي دريا جا جيڪڏهن ابتا سبتا پير کڻي اوهاڙبا تـ ٻيون بـ ڪيتريو ئي ڳالهيو اينديو رڳو هاڪڙي جا نالا ڳڻي پورو ڪونـ پئبو. وهندو، مهراڻو، ريڻي، هاڪڙو، سرسوتي ڍورو، پيو لک ايترا تـ رڳو نالا آهن. پر هن بندي جي ڌيان جي ديوي چوي ٿي هاڪڙو سنڌون کان الڳ ٿلڳ دريا هو جنهن ۾ ٻيا ڪيترا ئي دريا ۽ نديو ڇوڙ ڪنديو هيو جن جو پاڻي کڻي وڃي هو رڻ ڪڇ شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، پو جيترا دريا نديون نالا هن ۾ اچي ڪرندا هئا انهن سڀني جا نالا هن دريا تي پوندا ويا نـ تـ هن جو اصل نالو تـ هاڪڙو ئي هوندو ڪنهن پرائمري ماستر کان انهي نالي جو اشتقاق ڪرائينداسين تـ هو ورندي ڏيندو هاڪ ڙو معنئ هاڪ وارو هن دريا ۾ جيڪا سرسوتي ندي ڇوڙ ڪندي هئي. انهي ندي لئـ هندو ميٿالاجي ۾ آيو آهي تـ سرسوتي راڳ، دانش،ڌيان ۽ گيان جي ديوي آهي ، جيڪڏهن ڪنهن جي آواز ۾ مٺاس هوندي آهي تـ چوندا آهن تـ هن جي گلي ۾ سرسوتي آهي. جئين پاڻ وٽ صادق فقير جي گلي ۾ سرسوتي آهي.

    هڪڙي اڪابر جوتـ اهو خيال بـ آهي تـه هاڪڙو ۽ سنڌو ٻـ الڳ تهذيبون آهن جئين سنڌو دريا سنڌو ماٿري جو الهنديون پاسو سيراب ڪندو آهي اهين ئي وري هاڪڙو دريا سنڌو ماٿري جو اوڀر وارو پاسو سيراب ڪندو هو موهن جو دڙو ۽ هڙاپا تهذيبون سنڌو دريا جون تهذيبون آهن نهٽو پاريننگر۽ کڻهار هاڪڙو تهذيب آهن، ۽ هاڪڙو تهذيب صرف سنڌو ماٿري تائين محدود بـ ناهي هاڪڙو تهذيب جا آثار بهاولپو ۽ بيڪا نير ۾ بـ آهن. هي دريا تـ ڀٽن جو دريا هو.

    هاڪڙي جو وهڪرو بحال ڪرڻ؛

    تازو صدر صاحب وٽ گڏ ٿيل پاڻي ماهرن جي ست راڄي پاڻ واري صدر صاحب کي جيڪي صلاح مشورا ڏنا آهن انهن صلاح مشورن مطابق پراڻا وهڪرا بحال نٿا ڪري سگهجن، انهن پاڻي جي ماهرن جي ڳالهه کي بنا ڪنهن دليل ڏيئڻ جي رد ڪرڻ بـ عقلمندي ڪونـ چئبي سو ڳالهه تـ انهن جي بـ ٻڌبي. هاڻ پاڻ انهن جي عقل اڳيان دليلن جا گهوڙا ڪونـ ٿا ڊوڙايون پاڻ رڳو ايترو چونداسين تـ اهي قدرتي وهڪرا جيڪي قدرت ئي بند ڪيا اهي پاڻ نٿا هلائي سگهون باقي جيڪي وهڪرا جيڪي پنهنجي لالچ جي ڪري متاثر ٿيا آهن انهن کي تـ پاڻ بحال ڪري سگهون ٿا انهن جي اجازت تـ پنهنجو عقل بـ ڏيندو هوندو.جيئن هتي پاڻ مثال ٿا وٺون هاڪڙي جو هاڻ پاڻ هاڪڙي کي انهي صورت ۾ تـ نٿا واهي سگهون جنهن صورت ۾ هاڪڙو ڪنهن دوُر ۾ وهندو هو جنهن ۾ سرسوتي هن جي ئي پيٽ ۾ ملي گم ٿي هاڪڙو بنجي ويندي هئي جنهن ۾ ستلج پنهنجو پناه وٺندي هئي۽ گم ٿي ويندي هئي هاڻ هاڪڙو اهين تـ هلڻ کان رهيو اهين تـ هاڪڙو وري بـ قدرت ئي هلائي سگهي ٿي هاڻ جيڪي هاڪڙي جي ٻنهي ڪنڌين تي صدين کان هاڪڙي جي انتظار ۾ آهن انهن کي انهي خيال مان نڪرڻ گهرجي، ها هاڪڙو مهراڻي واري ڪس مان هلي سگهي ٿو اهو اهين جو سکر کان وٺي فرش تائين نارا ڪئنال مان سموري پاڻي چوري کي روڪي ۽ جيڪڏهن اسان جي موجوده حڪومت نارا ڪئنال جي ڍورو نارو جي فرش ڪئنال تائين 1833 ۾ طئي ٿيل 3200 ڪيوسڪس پاڻي پهچائي ٿا وڃن. جيڪو هينئر 400 کان600 ڪيوسڪس پاڻي مس پهچي ٿو ۽ پو فرش کان هيٺ ڇنڊڻ ڍوري ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي تـ اهو پاڻي وهندو اچي چيل بند وٽان هاڪڙي جي پراڻي وهڪري ۾ پوندو ۽ اتان اڳتي ڍورو هلي پوندو ۽ وڃي علي بندر ۽ رحمڪي بازار کان ٿيندو وڃي رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪندو ۽ سمورو ڪس آباد ٿيندو.نـ تـ گذريل سال هڪڙي پاسي اتر سنڌ دريا کي لڳل ڪٽن جي ڪري ٻڏي رهي هئي تـ ٻي پاسي وري ڏکڻ سنڌ جي اها حالت هئي جو انهن ئي ڏينهن ۾ هوٽل تي ويٺل اسماعيل ميمڻ جيڪا ڳالهه ٻڌائي اها اڃان بـ ياد ايندي آهي تـ رون ڪانڊارجي ويندا آهن،هن انهن ڏينهن ۾ چيو تـ پاڻي جي کوٽ جي اها حالت آهي تـ جيڪڏهن ڪو ماڻهو روزگار لاء ديويو وڍڻ ٿا وڃن تـ هنن جي ڪپڙن تي جيڪو پگهر ٿو ٿئي انهي تي اچي ماکي جون مکيون ٿيو ن ويهي رهن ۽ ڪاٺيون وڍڻ نـ ٿيون ڏين ٻي پاسي بئراجي عورتون مٿن تي گهڙا کڻي اچي ڀٽن تان پاڻي جي تلاش ۾ اچي نڪتيون ۽ کوهن مان وارا ڪڍي پئڻ جو پاڻي حاصل ڪيائون هيئر اهي ئي ماڻهوڀٽن تي ڪيمپن ۾ ويٺل آهن هاڻ اهو سڀ قدرت جي وهڪرن کي هٿن سان متاثر ڪرڻ ڪري ٿيو آهي. ڍوري جي کوٽ ٿيل هجي ها تـ اهو سڃو پاڻي ڍوري ۾ وڃي ها گهڻو ملڪ ٻڏڻ کان بچي پوي ها.

    هاڪڙو نارا سنڌو جي سڀ کان وڏي ڇنڊڻ

    نارا ڪئنال سنڌو دريا مان اهين ڊزائين ٿيل آهي جو هو ٻين ڪئنالن کان وڌيڪ پاڻي پهرين کڻي ٿووٺي. ۽ هن ئي ڪئنال جي ڪپ تي کپري تعلقي جو اڇڙي ٿر وارو صحرائي علائقو آهي انهي اڇڙي ٿر ۾ واري جون ڊيهون آهن جيڪي ٿر پارڪر واري ٿر کان گهڻيو مختلف آهن هي سنهڙي واري جون ڀٽون هڪڙي ڏينهن هڪڙي هنڌ تـ ٻي ڏينهن وري ٻي هنڌ انهن ئي واري جي ڊيهن ۾ ڍنڍن جو اڻ کٽ سلسلو آهي ۽اهي ڍنڍون هاڪڙي جي اوج وارن ڏينهن ۾مڇي جو وڏو مرڪز هيون. انهن سمورين ڍنڍن کي مٺو پاڻي هاڪڙي مان ئي ملندو هو. اهي ڍنڍون هيترا ڏينهن تـ ماضي جو قصو ٿي چڪيون هيون پر هيلوڪي ٻوڏ ۾ وري آباد ٿيون آهن.هاڻ رڳو غلام نبي شاه پتڻ وٽان جيڪا ڪلانڪر جي ڇنڊڻ آهي انهي هڪڙي ڇنڊڻ تي ست ڪوه ۾ ڍنڍن جو سلسلو آهي جنهن ۾سڀ کان پهرين ڪلانڪرڍنڍ آهي اها ڍنڍ جڏهن ڀرجي ٿي تـ پوء پاڻي لوڻ کاڻ ۾ وڃي ٿو ۽ اتان پاڻي مونڍاڪر وڃي مونڍاڪر جو ٻـ ڍنڍون آهن اهي جڏهن ڀرجي وڃن ٿيون تـ پاڻي کاروڙ واري ڍنڍن جي سلسلي ۾ داخل ٿئي ٿو.پر هاڻ ڪلانڪر جي اها ڇنڊڻ جنهن مان وڏي شاخ جيترو پاڻي نيڪال ٿيندو هو ۽ غلام نبي شاه پتڻ وٽ انهي تي ٽي دروازا چڙهيل آهن. پر اتان هاڻ پاڻي جي نيڪال لاء واٽر جيترو بـ گذر ناهي رهيو. چوڌاري ٻنيو ٺاهي قبضو ڪيو ويو آهي ايستائين جو ڪلانڪر جو پيٽ بـ پوکيو ويو آهي چون ٿا تـ ڪلانڪر ڇنڊڻ ۾ هيل هيڏي ٻوڏ ۾ بـ دروازا کولڻ نـ ڏنا پي ويا جيڪڏهن اهي دروازا ڏينهن جو کوليا ويندا هئا تـ وري رات جو سرڪاري اثر هلائي بند ڪيا ويندا هئا صرف فصل بچائڻ لاء اهين ئي باقي ڇنڊڻن جو حال آهي انهي کان رڳو پنج ڪلو ميٽر اڳيان فرش وٽان ڍوري واري ڇنڊڻ آهي هاڻ اتي جيڪڏهن ڍوري جو پيٽ ڏسبو تـ ڪنهن بـ سرت ڀري ماڻهو جو ذهن اها ڳالهه تسليم نـ ڪندو تـ هي ڍورو آهي يا ڪو واٽر آهي ۽ اتي بـ هميشـ دروازا بند ئي نظر ايندا ويندي چيل بند تائين ڍوري جو پيٽ واٽر جيترو ئي آهي ۽ اتان اڳتي پاڻي جي کوٽ هجڻ ڪري هاڪڙي جو پيٽ دريا وانگر محسوس ٿيندواتان اڳتي قادر جوڻيجي وارو ڳوٺ جنهاڻ ٽپندي ئي رند واري ڳوٺ وٽ هاڪڙي تي ڳنڍو ڏنل آهي ۽ اڳيان هاڪڙي جي پيٽ ۾ رند جو انبن جو باغ آهي ۽ هيلوڪي ٻوڏ ۾ سڀ کان پهرين گهوڙا گهوڙا جتي ٿي اهو آهي نئوڪوٽ هاڻي نئوڪوٽ جو سنتورو فارم واري سڃـي مارڪيٽ هاڪڙي جي پيٽ ۾ هجڻ ڪري گذريل ٻن مهينن کان بند پيل آهي ۽ اڃان لڳي ٿو تـ ڳچ عرصو بند هوندي. هاڻ اهي حالتون آهن جو ناراڪئنال مان پاڻي جي نيڪال جا سمورا گس بند آهن. جيڪڏهن اهي گس بند نـ هجن ها تـ ڪيتريون بـ برساتون پون ها پر نوب شاه،سانگهڙ،عمرڪوٽ ميرپورخاص جو هيٺيون علائقو ۽ بدين جو ڏکڻين علائقي کي رڳو هاڪڙو ئي ٻڏڻ کان بچائي وڃي ها ۽ اڃان تائين انهن علائقن ۾ بيٺل پاڻي ڪڏهوڪو نيڪال ٿي وڃي ها ۽ انهن علائقن جي پاڻي جي نيڪال جو اڪيلو گس هاڪڙو ئي آهي ۽ هاڪڙي جي نيڪال جا گس هڪڙو تـ اڇڙي ٿر واريون ڍنڍون آهن ۽ ٻيو هاڪڙي جو وهڪرو وڃي رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو پر اڇڙي ٿر وارين ڍنڍن کان وٺي سڃي هاڪڙي تي هڪڙو تـ قبضا آهن ٻيو تـ هن وهڪري جي انگريز سرڪار کان پو ڪنهن کوٽائي بـ ناهي ڪرائي انهي ڪري هاڪڙي جي وهڪري ۾ نئوڪوٽ جهڙا شهر اڏجي ويا آهن.

    هاڪڙي جي وهڻ سان ڪهڙا فائدا ٿيندا،

    هاڻ جيڪڏهن نارا ڪئنال جي کوٽائي ڪرائي هن جا بند مضبوط ڪيا وڃن ۽ نارا ڪئنال جي ڇنڊڻن تان غير قانوني قبضا ختم ڪرايا وڃن ۽هاڪڙي جي پيٽ تي پڻ ٿيل قبضن جو موجوده سرڪار ڪو نوٽيس وٺي۽ اهي شهر ۽ ڳوٺ جيڪي هاڪڙي جي پيٽ ۾ آهن اهي ختم ڪيا وڃن تـ هاڪڙو ۽ نارا ڪئنال هڪ تـ دريائي ٻوڏ ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڻي کڻندا ۽ اڳتي هنن وٽ ڇنڊڻُون آهن ۽ نتيجن گذريل سال وانگر دريا کي ڪٽ ڏيئڻ واري نوبت پيش ڪونـ ايندي دريا جي سموري ڀرا کي ناراڪئنال کڻي وڃي اڇڙي ٿر جي ڍنڍن ۽ هاڪڙي جي پيٽ ۾ اڇليندو، ٻيو تـ ڏکڻ سنڌ جي نواب شآه سانگهڙ عمرڪوٽ ميرپورخاص جي هيٺين علائقن ۽ بدين جي هيٺين علائقن ۾ برساتون ٻوڏ آڻي ڪونـ سگهنديون نـ وري چنڊ جي چانڊوڪي ۾ هاڪڙي کي ڇوڙ ڪرڻ ۾ ڪا دڪت ڪونـ ٿيندي ڇو جو رڻ مهيني جا ٽيهه ڏينهن پاڻي کڻي ٿو هاڪڙي وارو پاڻي جو لنگهه استعمال لائق بڻائي استعمال ڪرڻ سان اهو پاڻي جيڪو فصل ۽ خلق خدا جي کي ٻوڙي ٿو اهو ئي پاڻي اڇڙي ٿر جي ڍنڍن ۾ وڃڻ سان مڇي جي اپت پئدا ڪندو۽ مهاڻن جا منهن مڇي جي ڇٽ ۾ مهڪندا ۽ اهو پاڻي جو بهتر استعمال هوندو ۽ ٻيو هاڪڙي مان گذرندڙ پاڻي سڃي ڪس کي آباد ڪندو ۽ جي هاڪڙي ۾ ٻارنهن ئي مهينا پاڻي ڇڏيو ويو تـ اهو نـ صرف ڪس کي آباد ڪندو پر اتان کان ٿر کي دريا جو پاڻي ٻيو نـ تـ رڳو پيڻ لا مهيا ڪري سگهبو. ۽ اهو ئي هاڪڙي واري پيٽ مان گذرندڙ پاڻي ٿر واري ڪوئلي لئـ بـ استعمال ڪري سگهبو نـ تـ ڪوئلي جي استعمال لئـ پاڻي ڪٿان ايندو.انهي ڪري پاڻ واري پاڻي ماهرن کي بـ انهي ڏس ۾ سو چڻ گهرجي ضرور هاڪڙو جيڪڏهن 1952 واري شڪل ۾ بحال ٿئي تـ بـ بهتر ڪم ڏيندو نـ تـ هاڻ هر سال يا ٻي سال اهڙيون برساتون تـ پونديون ئي پونديون پو هر سال پاڻ واري ڀونگي ڀٽ تي هوندي ۽ مٿان پيو مينهن وسندو. ۽ ڪيمپون هن قوم جو مقدر بنجي وينديون.نـ تـ ٻوڙيندو بـ دريا آهي تـ تاريندو بـ دريا آهي

    . jogee_khalid@yahoo.com
     
  2. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    لاجواب ونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو