خود ڪلامي حليم باغي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    خود ڪلامي

    حليم باغي

    جڏهن ماڻهو اڪيلو هوندو آهي، تڏهن صوفين جي ٻولي ۾ مٿس آفاق ۽ انفس جا راز کلن ٿا. آفاق جي علم کي ”علم حصولي“ ۽ انفس جي علم کي ”علم حضوري“ چئبو آهي. جيڪو ڪجهه انسان جي چوڌاري آهي، وڻ، ٻوٽا، اڀ تارا، نديون، پکي، گل، خوشبو، ماڻهو، پسون، جبل، سمنڊ، ڌرتي، گرهه، انهن جي علم کي داناءَ ماڻهو علم حصولي چون ٿا. خواب، ويساهه، سوچون، عقيدا، وهم، واعدا، سچايون، ڪڙايون، ايمان، اٺسٺا، خواهشون، دوکا، مالڪ، شيطان، بهشت، دوزخ، اميدون، ملائڪ حورون، انهن شين جي علم کي علم حضوري چئبو آهي. انهن ٻنهي علمن جي حاصلات انسان کي ”پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ“ ڏي وٺي ويندي آهي. سموري ڄاڻ جو مقصد انهيءَ کانسواءِ ڪو ڪونهي ته ماڻهو انهيءَ ”وٿ“ کي ڳولي لهي، جيڪا ”وٿ“ بذات خود سموري ڪائنات ۽ انسان ۾ سمائي به پئي آهي ۽ ڪائنات ۽ انسان ۾ سمائجي به نٿي سگهي. جيڪڏهن انهيءَ ”وٿ“ کي ”پالڻهار“ جو نالو ڏجي ٿو ته به مناسب ۽ وري جيڪڏهن ان کي سڀني عبادتن، پراٿنائن جو ”ڦل“ چئجي ٿو ته به صحيح آهي. انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي ته سموري انساني جستجو ۽ خيال جو ”ڦل“ اها ئي ذات آهي.

    انسان پنهنجي رواجي زندگي ۾ سوين برايون ڪندو آهي، ڪروڙين ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ منهن تي هزاري منافقيون سجائي هلندو آهي. هيءَ ڳالهه نه ڪجي، متان الاڻو ڦلاڻو ڪاوڙجي پوي. هيءَ ڳالهه ڪوڙ ۾ ڳڻي ويندي، متان ڪوڙو قرار ڏنو وڃان ۽ هيءَ ڳالهه نه ڪريان متان ”ٿڙيل“ سمجهيو وڃي. اهي سڀ خوف، خدشا ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري انسان هڪڙي چهري تي هزار چهرا سجائي هلندو آهي. پر جڏهن هو پنهنجي اندر جي دنيا ۾ ويندو آهي ته سچو ۽ کرو ٿي پوندو آهي، بيباڪ ٿي ويندو آهي. ايتري قدر جو ان ”دل جي دنيا“ ۾ پنهنجي ”عقيدي“ تي به ڳالهائي وٺندو آهي، جيڪا ڳالهه عام رواجي زندگي ۾ ويچاري ماڻهو جي لاءِ محال ڪم آهي. پاڻ ۾ پيهي وڃڻ جي لمحي ۾ ماڻهو پاڻ سان هم ڪلام هجي ٿو. ”سسئي“ پاڻ ”پنهون“ ٿي وڃي ٿي. ڪيچين جي ڪا به ڪاڻ نه ٿي رهي، ڏيهه ۾ ڏونگر هوندا ئي ڪونه آهن.

    خالد ڪنڀار ”جوڳي“ سنڌي ٻولي جي انهن ليکڪن ۾ شامل آهي. جن وٽ شاعري جو گداز، فلسفي جي چاشني ۽ سماجي علمن جو گهرو شعور آهي. خالد شاعري، فلسفي ۽ سماجي علمن جو اڀياس ڪري جڏهن لکي ٿو، تڏهن خود ڪلامي جي انداز ۾ ڳالهائي ٿو، جتي ڪوڙ بي معنيٰ ٿي وڃي ٿو، منافقت جو ڪو به جواز نٿو رهي. ليکڪ پاڻ سان منهن مقابل ٿي ڳالهائي ٿو. ڳالهائي ته پنهنجي لاءِ ٿو، پر سندس ڳالهائڻ ڪيترن ئي ڀٽڪيلن جي لاءِ هدايت آهي، رهنمائي آهي ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي. اهڙي قسم جي ليکڪن جي Monologue يا خودڪلامي ۾ گهڻا ئي اسرار سمايا پيا آهن ۽ گهڻن ئي ذهنن جي لاءِ سوچڻ جا سامان آهن. گهڻين ئي دلين جي لاءِ ”آٿت“ جا پها آهن. خالد جو ڪتاب ”گودڙي“ سندس پنهنجي پاڻ سان ڪيل اهي وارتائون آهن، جيڪي هن پاڻ سان ڪيون آهن.

    حرف جانبازي سيکاريون مون کي استاد ازل

    عشق جي مڪتب اندر منهنجو پڙهڻ ڪو ياد اٿئي

    ”ميان صاحب ڏنو فاروقي رحه“

    ماڻهو پاڻ سان جيڪي به ڳالهيون ڪندو آهي، اهي ڳالهيون ڪوڙ نه هونديون، مصلحت کان پاڪ هونديون آهن. منافقتن جي منجهن ڪا به بوءِ نه هوندي آهي، مٿس خلقت جي ڪا به ميار نه هوندي آهي. انساني هجوم جو ڪو به کٽڪو خوف ۽ خدشو نه هوندو آهي. سائنس چوي ٿي ته انسان جتي جنهن به حال ۾ جڏهن به سوچي ٿو، تڏهن دماغ سان ئي سوچي ٿو، ڇاڪاڻ ته سوچڻ جو ڪم صرف دماغ ئي ڪندو آهي، اهو سوچڻ صحيح هجي، يا غلط، جائز هجي يا ناجائز، دنيا جي ڀلائيءَ جي لاءِ سوچي يا آخرت جي ڀلي لاءِ ويچارجي، اهو سوچڻ جو ڪم ”انساني دماغ“ ڪندو آهي. پر سائنسدانن سان گڏوگڏ هڪڙو ٻيو طبقو پنهنجي انهيءَ خيال تي بضد آهي ته انسان سدائين دماغ سان نٿو سوچي، ٻيون ڪجهه ساعتون اهڙيون آهن، جن ۾ ماڻهو ”دل“ سان سوچيندو آهي. ٺيڪ آهي دماغ جو ڪم کڻي ”سوچڻ“ آهي. پر ائين ڇو آهي ته ماڻهو ڪي فيصلا اهڙا به ڪندو آهي، جن ۾ گهاٽو ئي گهاٽو هجي ٿو. ”دماغ“ ته سئو دفعا سوچي ٿو، توري تڪي ٿو پوءِ قدم کڻي ٿو. اهي غلط ۽ خساري وارا قدم انسان جي بدن جي ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا کائنس اهڙا خساري واري عمل ڪرائي ٿي. شاعر ۽ آرٽسٽ چون ٿا ته اهڙا عمل انسان کان سندس دل ڪرائي ٿي. دماغ ته ڏاهو ڏهرو آهي، اهي چريائي وارا عمل دل ئي ڪرائي ٿي. ”باهه“ جو ڪم ته پچائڻ آهي، دماغ ته چئي ٿو ته باهه کان جيترو ٿي سگهي بچجي، پر هڪڙو شاعر يا آرٽسٽ ئي پنهنجي پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي ”باهه ۾ سڙڻ“ جو مشوري ڏي ٿو.

    پتنگ چائين پاڻ کي ته اچي آڳ اجهاءِ

    پچڻ گهڻا پچايا تون پچڻ کي پچاءِ

    واقف ٿي وساءِ آڳ نه ڏجي عام کي

    (ڀٽائي)

    دماغ اهڙا جوکم ۽ خطري واري ڪم ڪرڻ کان پلي ٿو. خالد پنهنجي ڪتاب ”گودڙي“ ۾ صرف دل جون ڳالهيون ڪيون آهن، عشق جا قصا کئنيا آهن ۽ درد جون وارتائون ٻڌايون آهن.

    عشق ڪسي ڪي ذات نهين،

    عشق تو ڪسي ڪا نام نهين

    سندس ڪتاب سڄو Monologue (مونولاگ) جي انداز ۾ لکيل آهي ۽ منجهيس آيل سمورو مواد خود ڪلامي آهي. سندس خود ڪلامي ڪٿي مضمون جو قالب اختيار ڪري ٿي ۽ ڪٿي سنجيدي ڪالم جي صورت اختيار ڪري ٿي. آئون سموري جملي ليکن کي Monologue جو نالو ڏيندس، البته سندس ليک ڪٿي ڪٿي مضمون جي ذمري ۾ اچي وڃن ٿا. تاهم آئون سندس سڄي قلمي پورهئي کي خود ڪلامي Monologue چوندس. سندس ليکن ۾ ڪو به ضمير متڪلم (First person) نه آهي، ڪو به ضمير مخاطب (Second person) نه آهي. ڪو به ٻيو نه آهي، ڪو به ٽيون نه آهي، ته پاڻ ئي پاڻ آهي. آئون اسحاق سميجي جي انهيءَ راءِ سان قطئي متفق نه آهيان ته خالد پنهنجي ليکن ۾ صرف ”عشق“ جي ڪٿا ٻڌائي آهي ۽ عقل کي رد ڪري ڇڏيو آهي. خالد عقل جا کوڙ سارا ٽاپڪ بحث هيٺ آندا آهن. پر عشقيه انداز سان عقل سان لاڳاپيل اهڙن معاملن تي جيڪا عشقيه طبع آزمائي ڪئي وئي آهي، اهڙن ابوالڦوڙاٽ قسم جي عقلي معاملن تي ماڻهو کي پيار اچيو وڃي. رڳو ائين به ڪونهي ته ڪو رڳو عشق جون ڪٿڻيون ڪٿيون ويون آهن، پر سنڌ جي ڪيترن ئي حساس ۽ ٻرندڙ مسئلن تي به دماغ کي سوچڻ تي مجبور ڪرڻ جهڙيون ۽ سوچ کي اپيل ڪرڻ واريون وارتائون ڪيون ويون آهن. جيڪي عقل ۽ دانش جي صاحبن جي سوين ڀاشڻن ۽ تحريرن تي ڀاري آهن. خالد جا ڪجهه ليک ساهه سان سانڍڻ جهڙا آهن، اهي صرف وصال جي گهڙين، وڇوڙي جي مرحلن، انتظار جي راتين ۽ ويلنٽائن ڊيز تي پڙهڻ گهرجن. ”ملڻ جي محل جون مستيون“، ”محبت وهندڙ ندي آهي“، گوتي ۾ گوتو مون کي محب ميهار جو، جهڙا ليک پڙهي صرف داد ئي نٿو ڏئي سگهجي، سوچڻ تي به مجبور ٿيڻو پوي ٿو.




    The Kawish Group of Publication

    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.

    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167

    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    بهترين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو