سڀ کان پهرين جهالت جي ڪاري رات آهي ۽ انهيءَ جهالت جي ڪاري رات ۾ جڏهن علم جو سج اڀري ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته جهالت جي ڪاري رات ڪجهه به نه هئي، بس علم جي سج جي عدم موجودگي هئي ۽ جڏهن علم جو سج اڀري ٿو ته عقل جون اکيون ڪائنات جي هر موجود شيءِ کي ڏسن ٿيون ۽ پنهنجي پنهنجي هڙ ۾ موجود علم جي روشنيءَ سان عقل جون اکيون هر شيءِ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ عقلي دليلن جا گهوڙا ڊوڙائن ٿيون ۽ هر شيءِ عقل سان پرکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿيون ۽ ڪنهن حد تائين عقل انهن شين کي پرکي ۽ بيان ڪري ٿو. پر ائين قطعي ناهي ته ڪو عقل ئي انتها آهي. جهالت کانپوءِ علم ۽ علم کان پوءِ عقل اهي مختلف ڏاڪا آهن، جيڪي طئه ڪرڻا آهن. پر انهن مان ڪي خيال واريون صورتون جهالت مان اڪري جڏهن علم جي ڏاڪي تي پهچن ٿيون ته سمجهن ٿيون، اها ئي انتها آهي ۽ ڪي وري علم جي هڙ کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ به ان کي هڪڙي پاسي رکي هر خيال ۽ شيءِ کي ڪنهن ڪتاب جو حوالو ڏيئي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ بدران پاڻ انهيءَ شيءِ خيال ۾ گهرو لهي انهيءَ کي پنهنجي پر ۾ پنهنجي حساب ۽ عقل سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، اهو ٻيو ڏاڪو آهي. جيڪو حاصل ڪيل علم کي رد ڪري ٿو ۽ پنهنجو علم تخليق ڪري ٿو ۽ پنهنجو عقل اظهاري ٿو. پر علم ۽ عقل انتها نه آهن، اهي ته شروعات آهن، علم ۽ عقل ته ابتدا آهن، پوءِ جيڪي علم ۽ عقل کي رد ڪري اڳتي وڌن ٿا، اهي عشق جي سنئين واٽ تي سفر ۾ وکون سورڻ شروع ڪن ٿا. پاڻ عشق جي اونهائي واري واٽ جي سفر تي پنڌ ڪندڙن جي پيرن جي ڌوڙ تي ڌيان لڳائينداسين، جيڪو علم ۽ عقل کان پوءِ جو ڏاڪو آهي. عشق انهيءَ اونهائي جي انتها آهي، جتي عقيدو به گوڏا کوڙي ٿو ڇڏي ۽ جيڪي عقيدي کي عشق چون ٿا، اهي به ويچارا پنهنجي پر ۾ ڀليل آهن، اهي ته علم ۽ عقل کان به پوئتي آهن. هاڻي انهيءَ عشق جون وري پنهنجيون رمزون آهن. حضرت عشق جون اهي رمزون سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جون ته آهن ڪو نه، پر عقل ۽ علم پنهنجي پنهنجي پر ۾ عشق جي انهيءَ ئي رمزن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي هر دور ۾ جاهلاڻي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، پر پنهنجا پورا زور لڳائڻ کانپوءِ به هو انهيءَ رمز کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ سدائين مڪمل طرح ناڪام رهيا آهن ۽ انهيءَ ناڪامي کي قبول ڪرڻ بجاءِ سدائين عشق تي آڪڙجي عشق جي دل کولي عقلي ۽ علمي بنيادن تي مخالفت ڪئي آهي ۽ انهيءَ ئي مخالفت ۾ هن کي پنهنجي حد ۾ بيهي رد ڪيو آهي يا ته ٺٺولي ڪئي آهي، جنهن سدائين علم ۽ عقل کي وري وري انهيءَ جهالت جي ڪاري رات ڏانهن ڌڪيو آهي. اهو خيال علم ۽ عقل هوندي به جهالت جي ڪاري رات ۾ رهيو آهي. انهيءَ عشق جي رمز کي ڪڏهن ڪافر ڪري ڪوٺڻ وارو ڪڌو ڪم ٿيو آهي ته ڪڏهن وري انهيءَ جي مستي ۾ مست الست فقير کي چريو ديوانو سمجهيو ويو آهي ۽ ڪڏهن وري ويچارو درويش. انهن ٽنهي حالتن ۾ عقيدي، علم ۽ عقل عشق سان وسين پڄندي گهٽ ناهي ڪئي، پر عشق عليل الف اگهاڙو هنن کي ورندي ڏيڻ ۽ رد ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي هستي جي مستي ۽ پاڻ سڃاڻڻ واري سفر ۾ مست مگن رهيو آهي. هنن هر دور ۾ اها هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ته هن کي ماري به مڃرائجي، پر ڪجهه به حاصل ناهن ڪري سگهيا ۽ عشق ته آهي ئي لاحاصل جو سفر، بس جيڪو سمجهي. ”عمر ساري جي عبادت تر هڪڙي تاراج ڪئي!“ هاڻي اهو نه آهي علم، ۽ نه ئي وري عقل. اهو آهي عشق، جيڪو هڪڙي تر تي پنهنجي عمر جي سموري عبادت تاراج ٿو ڪري، ڇو جو ڪو به عالم ۽ عاقل ته پنهنجي پوري عمر جي عبادت تاراج ڪو نه ڪندو. اها به سرمستي جي مستي هئي، جنهن سرمد کي ٺٽي جي گهٽين ۾ بي لباس گهمايو هو ۽ اڀيچند جي اکين سرمد جي اندر جي اونداهي ۾ اهاءُ ڪيو هو ته وقت جا عالم عماما ٻڌي بادشاهي دربار ۾ هن کي ڪافر ڪرڻ لاءِ عقلي ۽ علمي دليل ڪتابن جي پنن تي اکرن ۾ ڳولي رهيا هئا. اهي ڪتاب جيڪي سرمد ته اڳئي حفظ ڪري ويٺو هو. پر حضرت عشق جي آمد کانپوءِ هن عقل ۽ علم کي هڪڙي پاسي پرکي پنهنجو پاڻ ۾ پاڻ لٿو هو ۽ پاڻ مان پاڻ پيتو هئائين. هاڻ انهيءَ سرمد کي عقل ۽ علم نه رد ڪري سگهيا نه عقيدي جي اڏي تي هن کي سينگاري وٺي هليا هئا ۽ اڏي تي به عشق مرڪيو هو. سنڌ جي سهڻي مرشد فرمايو آهي ته: ”عقل، مت، شرم ٽيئي نيهن نهوڙيا“ ۽ اهو لطيف، جنهن جي نيهن عقل، مت ۽ شرم کي نهوڙيو هو، اهو وري رومي کان متاثر هو ۽ رومي اهو هو، جنهن علم جا ست سمنڊ پيتا هئا، پر اهي علم جا ست سمنڊ به ان جي اڃ ۾ انتها آڻي ڪو نه سگهيا هئا. هو ڪل عقل ۽ ڪل علم هو، پر جڏهن هڪڙي دفعي مرشد شمس تبريز هن جي ڪتب خاني ۾ آيو ته، پوءِ مولانا ڪتب خانن کي ڪڙا چاڙهائي ڪلف هڻي ٿيو شمش تبريز جي عشق جو طالب، تڏهن ئي مولانا جي اڃ ۾ انتها آئي. اهي آهن حضرت عشق جون رمزون، جن کي عقل ۽ علم بيان ڪرڻ چاهين، ته به بيان نٿا ڪري سگهن. تازو جڏهن کان ڀٽ ڌڻي تي تصوف جي يونيورسٽي کلڻ جي ڳالهه ٿي آهي، تڏهن کان هڪڙا اهي، جن صوفي سرمد کي اکرن جي آڙ وٺي سولي تي چاڙهو هو، ۽ ٻيا وري اهي جيڪي فڪرِ لطيف کي به سائنسي انداز ۾ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارو عقلي پورهيو ڪن ٿا، اهي وري قلم ۽ زبان جون قينچون کڻي تصوف واري فڪر ۽ فلسفي پٺيان ڪاهي پيا آهن. سرمد واري تصوف جا والي وارث اهي ٿيا آهن، جيڪي هن کي اکرن جي آڙ ۾ ڪافر ڪوٺڻ ۾ ڪامياب ويا هئا. هاڻ اهي وري تازو تصوف جي لاءِ بيدار ٿيا آهن. چون ٿا ته اسين سرمد جا حقيقي وارث آهيون ۽ سچا صوفي آهيون. هاڻي انهن کي ڪير ٻڌائي ته عشق پنهنجي واتان ڪجهه به ناهي اظهاريندو. صوفي ڪڏهن به پنهنجي پاڻ کي صوفي سڏائڻ جو دعويدار ناهي رهيو. اهي صوفي ٿي سگهن ٿا، پر مرحيات مامي ڀلو ساند وارا اهي صوفي، جيڪي صرف نشي پتي ۽ پان ٻيڙيءَ کان پرهيز ڪندا هجن. اهي تازا بيدار ٿيل صوفي سڳورا جنهن به واٽ تي سفر ۾ آهن، انهيءَ واٽ تي پنهنجي پنڌ کي جاري رکن ۽ هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻي اهو نه چون ته فلاڻو ڪافر، فلاڻو ڪافر. عبادتن سان به عشق جي منزل تي پهچي سگهن ٿا. تصوف جي ڪنهن رمز ۾ اچي سگهن ٿا. پر هي ته بيدار ٿيڻ کانپوءِ اڀين پيرين سڄي لوڪ کي ويٺا رد ڪن. هي ته انهيءَ ئي قبيلي مان آهن، جن سرمد کي ڪافر ڪوٺيو هو، هاڻ اوهين پاڻ سمجهو ته اهي صوفي آهن يا ٻيا ڪير؟ فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي، هاڻ انهن جي تصوف جي لاءِ دعويٰ تصوف جي لاءِ نقصانڪار آهي ته پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون. ٻيا وري جيڪي تصوف کي سائنسي انداز سان سمجهائڻ چاهين ٿا، انهن جو خيال آهي ته تصوف نشو آهي، ڳهر آهي، جيڪو انسانيت لاءِ نقصانڪار آهي. اها ڳالهه به اڄ جي ڪونهي. جڏهن گوتم جا ڀڪشو ويندا هئا ته انهن تي پٿر وسايا ويندا هئا ۽ گوتم تي الزام هو ته هن جوانيون خراب ڪيون آهن. اهو الزام سقراط تي به هو، هي اهي ئي آهن. هاڻ جيڪي تصوف کي سائنسي انداز سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ چاهين ٿا، تڏهن سائنسي انداز ۾ تصوف کي بيان ڪرڻ لاءِ هنن جو علم گهڻو ڪمزور پئجي وڃي ٿو ۽ پوءِ هو تصوف تي ٺٺوليون ڪن ٿا، ۽ چون ٿا ته لطيف صوفي نه، پر هڪڙو شاعر هو. انهيءَ مهل ئي اهو محسوس ٿئي ٿو ته واقعي عشق هنن ويچارن جي وس جي ڳالهه ڪونهي. صوفي چون ٿا ته هر شيءِ ۾ مالڪ حقيقي جو جلوو آهي، هر ڏسا هو ئي هو آهي. انهيءَ ۾ ڄڻ هو اها ڳالهه ٿا ڪن ته هر شيءِ ۾ پنهنجو پاڻ کي محسوس ڪريو ۽ پنهنجو پاڻ ۾ هر شيءِ کي محسوس ڪريو. جڏهن توهان هر شيءِ ۾ پنهنجو پاڻ کي محسوس ڪندا ۽ پنهنجو پاڻ ۾ هر شيءِ کي محسوس ڪندا ته هر شيءِ ڏانهن توهان جو رويو انتهائي ٻاجهارو ۽ پنهنجائپ وارو هوندو. انهن شين سان توهان جو تعلق جڙندو. تصوف توهان کي محبت ڪرڻ سيکاري ٿو ۽ محبت لاءِ اتساهي ٿو. سائنس توهان کي محبت ڪرڻ نٿي سيکاري سگهي. سائنس وٽ محبت آهي ئي ڪونه. سائنس توهان جو رويو تبديل نٿي ڪري سگهي. هن وٽ ته اهڙو علم آهي ئي ڪو نه، ان ڪري تصوف کي سمجهڻ لاءِ عشق کي سمجهڻ نه، پر عشق ڪرڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي ضرورت آهي. تصوف آهي ئي سراپا عشق. تصوف ڪو ڪيميسٽري ۽ فزڪس جو فارمولو ته آهي ڪو نه، نه ئي وري عشق نيوٽن جي ٿيوري آهي. تصوف سراپا عشق آهي رقص آهي ۽ صوفي يونيورسٽيءَ لاءِ رڳو ايترو چونداسين ته تصوف ۽ عشق يونيورسٽين ۾ نٿو پڙهائي سگهجي. <p>The Kawish Group of Publication</p>B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com