هو قذافي هو! اعجاز منگي

'مختلف موضوع' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ”چئن ڏهاڪن تائين لبيا جي عوام جي آزادي لٽيندڙ. عرب دنيا جو سڀ کان وڏو آمر نيٺ پنهنجي منطقي انجام تي پهتو“ مغربي ميڊيا جي پروپيگنڊا نيٺ انهن لفظن تي پوري ٿي.

    ”هاڻي لبيا جي تاريخ جو عوامي دور شروع ٿي چڪو آهي“ آمريڪا جي انهيءَ اعلان سان سازش جي شرمناڪ دور جي شروعات ٿي چڪي آهي.

    اڻويهه سئو ٻائيتاليهه ۾ جنم وٺندڙ اهو عرب اڳواڻ ايڪيتاليهه سال اقتدار ۾ رهڻ کان پوءِ ”سرت“ نالي انهيءَ شهر جي سرزمين تي قتل ڪيو ويو جتي هو پيدا ٿيو هو. جنهن ڀوميءَ تي هن بانبڙا پاتا هئا، انهيءَ مٽيءَ مٿان هن جي لاش کي گهليو ٿي ويو. هو جيڪو صحرائي طوفان جو ديوانو جهوٽو هو. هن جي وجود ۾ وارياسي واءُ جو ڪوسو جهوٽو اڻهتر سالن جي عمر تائين گهلندو رهيو. اهو جيڪو پنهنجي ارڏي طبيعت سبب ڪنهن هٺيلي هرڻ وانگر نظر ايندو هو، ان جو شڪار انهن گولين سان ٿيو، جن سان هو سموري زندگي کيڏيو هو. رت جي راند هن جي لاءِ نئين نه هئي. بندوق جي زور تي اقتدار ۾ آيل قذافي بندوق جي زور تي ئي هٽايو ويو. صرف اقتدار جي تخت تان نه پر دنيا جي تختي تان به! هو جنهن کي ان ڳالهه تي فخر هو ته لبيا جي آزاديءَ لاءِ اٽليءَ جي غاصب قوتن هٿان قتل ٿيل خومس جو پهريون شهيد عبدالسلام بومينيار هن جو ڏاڏو هو. ان حوالي سان عرب قومپرستي هن جي رت ۾ شامل هئي. هو جيڪو ويهين صديءَ جي جديد عرب نيشنلزم جي سڀ کان وڏي علامت جمال عبد الناصر جو پرستار هو. اهو جمال عبدالناصر جنهن جي موت تي شام جي عظيم شاعر نذار قابانيءَ لکيو هو ته:

    ”اي پهاڙ جهڙا ارڏا انسان

    اسان توکي قتل ڪري ڇڏيو

    تون جيڪو اسان جي سرد راتين جو

    آخري ڏيئو هئين

    اسان توکي پنهنجن هٿن سان وسايو

    ۽ تقدير مٿان تهمت مڙهي ڇڏي“

    پر عرب دنيا جو موجوده دور اهڙو ناهي جو ڪوئي ناميارو شاعر ان قذافيءَ کي خراج تحسين پيش ڪري، جيڪو ان عرب قومپرستيءَ جي اڀار جي ان اڳين صف ۾ هو، جنهن ۾ جمال عبدالناصر کان پوءِ حافظ الاسد ۽ صدام حسين جهڙا نالا احترام سان کنيا ويندا هئا. پر هي نئون دور آهي. جنهن ۾ هر مڊل ڪلاسي عرب نيويارڪ ۽ پئرس ۾ رهڻ جا خواب ڏسي ٿو ۽ جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان لاڳاپيل دانشور ”دماڪريسي....دماڪريسي“ چوندي نه ٿا ٿڪجن. ان دور ۾ هن جي نظرين ۽ سوچن کي سمجهڻ وارو ڪير هو؟ هو ته گهڻو وقت اڳ ۾ ئي عرب دنيا جي جديد دانش کان مايوس ٿي چڪو هو ۽ هن آخري ڪوشش ڪئي ته آفريڪي قومپرستيءَ جو جهنڊو کڻي پر هن کي ڪاري کنڊ ۾ به شعوري اونداهي نظر آئي ۽ هو وري پنهنجي خيمي ۾ موٽي ويو. هو جنهن جي طبيعت محلن ۾ تنگ ٿي پوندي هئي ۽ ڪيترن ڏينهن تائين ريگستان ۾ تنبو اڏي ويهندو هو، تنهن کي عرب دنيا جي اندر پيدا ٿيل عوامي مزاحمت جي آڙ وٺي قتل ڪيو ويو. هن جي خلاف لبيا جو عوام روڊن تي نه آيو. پر آمريڪا ۽ مغرب جي ملڪن وڏي سٽ سٽي هن جي مخالفن کي تربيت ۽ هٿيار ڏئي هن سان ويڙهايو. قذافيءَ جي خلاف ويڙهه ۾ اڳيان اڳيان ته هن جا مخالف قبيلا هئا پر انهن جي پويان اصل طاقت آمريڪا ۽ نيٽو جي ملڪن جي هئي. هن جي موت کان پوءِ اوباما به اعتراف ڪيو آهي ته قذافيءَ سان آمريڪا ئي وڙهي رهيو هو. پر جڏهن اها ڳالهه قذافيءَ ٿي ڪئي ته پوري دنيا هن جي دعويٰ کي ٻوڙي ڪن سان ٻڌي رهي هئي. هو جيڪو چئي رهيو هو ته ” هن جي خلاف آمريڪا ۽ القاعده جو ڳٺ جوڙ ٿيل آهي“ هن جي انهيءَ اظهار کي الزام قرار ڏنو ٿي ويو. پر هن جو الزام سچ ثابت ٿيو. هن جي قتل کان پوءِ ثابت ٿي رهيو آهي ته پوري دنيا جون سرمائيدار ۽ سامراجي قوتون هن جي خلاف متحد هيون ۽ عرب ملڪن مٿان مسلط ٿيل آمريڪا جا ايجنٽ هن کي هٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. عرب حڪمرانن سميت پوري سامراجي دنيا هن سان وڙهي رهي هئي. اهڙي صورت ۾ هو اڪيلو ڪيستائين مقابلو ڪري ٿي سگهيو؟ پر پوءِ به هن ستن مهينن تائين مزاحمت ڪئي.

    هو جنهن پنهنجي خلاف شروع ٿيل بغاوت جي ابتدا ۾ اهو علان ڪيو هو ته ”مان پنهنجو ملڪ ڇڏي نه ڀڄندس ۽ آخري گوليءَ تائين وڙهندس“ هو پنهنجي ان قول تي قائم رهيو. جنهن وقت هن کي گرفتار ڪيو ويو ان وقت هو زخمي هو. هن جي خاڪي وردي رت ۾ ٻڏل هئي ۽ هن جي مٿي تي عرب پڳ پاتل هئي ۽ هن جي هٿ ۾ پستول هو. مغربي ميڊيا چوي ٿي ته هن گرفتار ڪرڻ وارن کي ايلاز ڪيا ته هن کي قتل نه ڪيو وڃي پر هن جي مزاج مان واقف ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪندا. ڇو ته هو انتهائي ارڏو ماڻهو هو. هن پاڻ کي گرفتار ڪرڻ وارن کي چيو هوندو ته ”اوهان آمريڪا جا ايجنٽ ۽ انقلاب دشمن آهيو. مان اوهان جو اهڙو حشر ڪندس جو پوري دنيا ڏسندي“ ممڪن آهي ته هن کي هن پاران ڏنل ڌمڪيءَ جي دهشت ۾ اچي قتل ڪيو ويو هجي ۽ ممڪن آهي ته سي آءِ اي اهو حڪم ڏنو هجي ته ”هن جو قصو ختم ڪيو وڃي“ ڇو ته آمريڪي عملدارن کي ان ڳالهه جو خدشو به هو ته هن جي حمايت ۾ اهو عوام اٿي ٿي سگهيو، جن سان مخاطب ٿيندي هن هلندڙ سال جي ٻين مهيني ۾ چيو هو ته ”جيڪڏهن اوهان پنهنجي انقلابي اڳواڻ سان محبت ڪريو ٿا ته گهرن مان ٻاهر نڪري اچو ۽ انقلاب دشمن ڪوئن کي جوتا هڻي ماريو“ هو جنهن کي ”بادشاهن جو بادشاهه“ قرار ڏنو ويندو هو. هو جنهن کي عرب دنيا جو سڀ کان ڊگهو عرصو اقتدار ماڻيندڙ حڪمران چيو ويندو هو. هو جنهن مٿان آمريت جي تهمت مڙهي ويندي هئي. هو جنهن کي خرمغز ۽ ضدي ماڻهو سمجهيو ويندو هو. هو جنهن کي پاگل جنوني ۽ جهيڙاڪر ڪردار قرار ڏنو ويندو هو تنهن شخص پاڻ کي ڪڏهن به حڪمران نه سمجهيو. هو سدائين چوندو هو ته مان لبيا جي انقلاب جو اڳواڻ آهيان. اهو انقلاب جيڪو ڪڏهن به ان طرح سان برپا ٿي نه سگهيو، جنهن طرح سان هن چاهيو هو. هو جيڪو پنهنجن ماڻهن سان مخاطب ٿيندي سدائين چوندو هو ته ”اها منهنجي بدقسمتي آهي جو مون کي اوهان جهڙي سست ۽ جاهل قوم ملي آهي“ هو جيڪو عرب دنيا جي آمريڪا نواز حڪمرانن کي گاريون ڏيندو هو ۽ آمريڪا خلاف گجگوڙ واريون تقريرون ڪندو هو. توڙي جو نائن اليون کان پوءِ هن پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش به ڪئي ۽ هن پنهنجي محل ۾ مغرب جي حڪمرانن جا نمائندا به گهرايا پر هو گهڻي وقت تائين اهو ڊرامو نه هلائي سگهيو ۽ آخر ۾ هن پنهنجن صلاحڪارن کي سمجهايو ته اها ڊپلوميسي هلائڻ هن جي وس جي ڳالهه ناهي. ان ڪري هو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ان انقلابي تنهائيءَ ۾ موٽي آيو، جنهن ۾ هو افسوس ۽ اطمينان سان رهندو هو.

    جڏهن آمريڪي سازش شروع ٿي ته هن اهو ڄاڻي ورتو هو ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرڻو آهي؟ ان ڪري هن پنهنجي مهمان نرس کي واپس اماڻي ڇڏيو ۽ پنهنجي گهر جي عورتن کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي پٽ کي پاڻ سان گڏ رکي هو پنهنجي طور تي انقلابي مزاحمت ڪري رهيو هو. مغربي ميڊيا ڀلي اهو چوي ته قذافي آخر تائين اقتدار سان چنبڙيو پيو هو پر حقيقت اها آهي ته هو اقتدار لاءِ نه پر پنهنجي انقلابي انا جي خاطر آخر تائين بندوق هلائي رهيو هو. هن جي لاءِ اهو ممڪن هو ته هو پنهنجي خاندان ۽ ڪجهه ساٿين سميت ڪاسٽرو جي ڪيوبا يا شاويز جي ملڪ ۾ پناهه وٺي ها. هن کي اهڙا مشورا مليا به هوندا ۽ هن کي اهڙيون پيشڪشون به ٿيون هونديون. پر هو قذافي هو. هو سوچي رهيو هو ته هو ڪنهن به آمريڪا مخالف ملڪ ۾ ڪهڙي منهن سان ويندو؟ ڇا انهن انقلابي حڪمرانن جي اکين ۾ اهو طعنو نه هوندو ته پنهنجي ملڪ کي ڇڏي ڀڄي آيو آهين! هو پنهنجي قبيلي جي ميار برداشت ڪرڻ وارو ماڻهو به نه هو. ڇو ته قذافي هو. هن کي دوستن چيو هوندو ته تون هڪ هارائيندڙ جنگ وڙهي رهيو آهين! ۽ هن موٽ ۾ چيو هوندو ته ”جنگ صرف جنگ هوندي آهي. اها کٽڻ ۽ هارائڻ کان مٿي هوندي آهي. تاريخ اهو نه ڏسندي آهي ته ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو؟ تاريخ صرف اهو ڏسندي آهي ته ڪوئي ڪيئن وڙهيو!؟ مان هٿيار اڇلائڻ يا ميدان مان ڀڄڻ بدران وڙهندي مرڻ کي بهتر سمجهان ٿو“ اهڙي طرح هو وڙهندي مئو. ڇو ته هو قذافي هو.

    هو قذافي هو. جنهن جي مخصوص انداز وارو انقلابي. هڪ چريو ۽ ضدي ماڻهو. جيڪو آخر تائين ان اسٽيج تي انقلابي تقريرون ڪندو رهيو، جنهنن اسٽيج کي وقت تبديل ڪري چڪو هو. هو جنهن دور جو ڪردار هو اهو دور گذري چڪو هو پر پنهنجي هٺ تي قائم رهيو. هن ڪوئي سمجهوتو نه ڪيو. ڇو ته هو پاڻ کي سياستدان نه پر انقلابي اڳواڻ سمجهندو هو. دنيا جي تلخ حقيقتن هن جي خوابن کي ڀڃي ڀوري ڇڏيو. ”هڪ عرب رياست“ کان وٺي ”سبز انقلاب“ تائين وارا هن جا سمورا آدرشي سپنا وقت جي طوفان ۾ واريءَ جي ذرن وانگر اڏامي ويا پر هو پوءِ به انقلاب جي آخري سپاهيءَ وانگر بيٺو رهيو. ڇو ته هو قذافي هو.

    سياست جي رهزن راند ۾ هن جي زندگيءَ جي وڪيٽ اڏامي چڪي آهي ۽ هن جو جنازو هن جي وطن جي مٽيءَ ۾ دفن ٿي چڪو آهي پر عالمي سياست جي اها راند ته هلندي رهندي. سٽيبازيءَ واري واٽ تي هلي پيل ڪرڪيٽ ته ان پاڪستان جي ان اسٽيڊيم ۾ به جاري رهندي، جيڪو هن جي نالي سان منسوب آهي. هو جيڪو پيپلز پارٽيءَ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو پڳ مٽ يار هو. جنهن شهيد ڀٽي جي ڦاسيءَ کان پوءِ پاڪستان جي ڌرتيءَ تي پير به نه رکيو. جيڪو شهيد ڀٽي جي لاءِ چوندو هو ته ”هو پاڪستان جو جمال ناصر هو“ جنهن ڀٽي جي شهادت تي اهو تبصرو ڪيو هو ته ”دنيا جا اهي ملڪ ڪڏهن به خوش نه رهي سگهندا جن پنهنجي محسنن کي قتل ڪيو آهي“ ان کي آمريڪي سازش ذريعي ان شام قتل ڪيو ويو، جنهن شام آمريڪا جي پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن پاڪستان جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ هئي. هليري ته قذافيءَ جي قتل کي لبيا جي تاريخ جو عظيم ڏينهن قرار ڏنو پر شهيد ڀٽي جي نالي تي قائم ٿيل حڪومت قذافيءَ جي باري ۾ ڪوئي آفيشل نوٽ جاري نه ڪري سگهي ۽ نه ڪري سگهندي. اها ته اهو به نه چئي سگهندي ته اسان جي شهيد قائد جو دوست شهيد ٿي ويو آهي. ڇو ته اهڙا اظهار ڪرڻ لاءِ اهڙي جنون جو هجڻ ضروري آهي، جهڙو جنون قذافيءَ ۾ هو. قذافي جيڪو پنهنجي مخصوص اسٽائيل وارو انسان هو. هن دنيا ۾ ته ڪوئي به هميشه نه رهندو پر هو حڪمرانن جي دنيا ۾ هڪ ديواني جي حيثيت سان هميشه ياد رکيو ويندو. هو عرب دنيا جي دل ۾ هڪ احساس جرم وانگر موجود رهندو. اهو احساس جرم جڏهن به ڪنهن جي چپن تي چڙهي آيو ته هو ٻيو ڪجهه به نه ته هڪ روئڻ هارڪي مرڪ سان اهو ضرور چيو ويندو ته ”هو قذافي هو“

    aijazmangi@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو