هوءَ درد جي ڌارا هئي ...

'مختلف موضوع' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    هوءَ درد جي ڌارا هئي ...
    تولارام سوٽهڙ

    هوءَ، جنهن جا رسيلا ۽ سانوري شيام جي پريم امرت ۾ ڀِنل گيت، اڄ به سماج ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا؛ هوءَ جيڪا ڀڳتي تحريڪ جي شاعره هئي، سا هڪ راجپوت راجا جي ڌيءَ هئي، جنهن جوڌپور ويجهو ميڙتا ۾ راجا رتن سنگهه جي گهر ۾، 1498ع ڌاري اک کولي.
    هُن جو تعلق راجپوتن جي راٺوڙ ڪُل جي ميڙتيا شاخ سان هو. ٻالڪپڻ ۾ ماءُ جي وفات ۽ پيءَ جي راجپوتي هوڏ واري طبيعت هن ٻالڪا جي ٻاراڻي زندگيءَ ۽ آزاديءَ ۾ رنڊڪون حائل ڪيون. سُندر ۽ معصوم ميران ٻالڪپڻ ۾ ئي پنهنجو من ڪرشن سان جوڙي، شاديءَ کان انڪار ڪري چڪي هئي، پر سندس پيءُ، راجا راڻسنگهه جي پٽ ڀوڄراج سِشوڏيه سان، 14 سالن جي ننڍيءَ ڄمار ۾ ، 1516ع ۾ شادي ڪرائي ڇڏي. راٺوڙ، راجپوتن جي اُوچي ڪُل ۾ شمار ڪيا ويندا آهن. ’راجا جي ريل‘ شروع ڪرائيندڙ اميدسنگهه کان وٺي جوڌپور رياست جي موجوده مهاراجا گج سنگهه جو تعلق پڻ راجپوتن جي راٺوڙ ڪُل سان آهي. ان ڪُل بابت هڪ دوهو آهي ته:
    بِرج ديسان، چندڻ ونان، مَير پهاڙان موڙ،
    اُدڌ سِران، واسينگ نانگان، جيوُن راج ڪُلي راٺوڙ.
    [جهڙيءَ ريت بِرج جهڙو ديس، چندڻ جهڙو وڻ، مَيرو جهڙو جبل، اُدڌ جهڙو سِر ۽ واسينگ جهڙو ڪو نانگ نه آهي، اهڙيءَ ريت راجائن ۾ راٺوڙن جو ڪو ثاني نه آهي.]
    ميران جي ڀوڄراج سان شادي ضرور ٿي هئي، پر هوءَ گهرو ڪم ڪار مان واندي ٿي، چتوڙ جي مندر ۾ ڪرشن جي مورتيءَ آڏو وڃي نچندي ۽ گيت آلاپيندي، پنهنجي من کي سڪون بخشيندي هئي. سندس من جو پريم- پکيئڙو نيل گگن جي مالڪ ڪرشن جي پريم ۾ جڪڙيل هو. پتيءَ جي وفات کانپوءِ کيس سماج ۽ گهر وارن جون سختيون سَهڻيون پيون. ايستائين جو هڪ ڀيري کيس گُلن جي ٽوڪريءَ ۾ نانگ ڏياري موڪليو ويو، پر هُن ٽوڪري کولي ته ان مان گُل نڪتا، جن جي خوشبوءِ سان ماحول واسجي ويو. هن مائٽن پاران موڪليل زهر جي پيالي کي امرت سمجهي پِي ڇڏيو. اهو لقاءَ ڏسي سندس والد دنگ رهجي ويو هو. ان کان سواءِ ميران تي وڪرماجيت نالي راجا به سختين جا پهاڙ ڪيرايا، پر سندس محافظ اُهو ئي سانورو ڪرشن بڻيو، جنهن دشاشڻ جي ڪنهن شرارت وقت پانڊون جي زال دروپديءَ جي ساڙهيءَ جي پلئه کي وڌائي، سندس عزت جو تحفظ ڪيو هو. هن زماني جي ڏُکن ۽ والد، سس ۽ ڏير رتن سنگهه جي سختين کي مُرڪي برداشت ڪيو. ميران جو درد گيتن جي ڌارا بڻجي ويو.
    مين تو درد ديواني، ميرا درد نه جاني ڪوئي،
    گهايل ڪِي گَت گهايل جاني، جن لاگي هوءِ،
    درد ڪي مارِي بن بن ڊولون، ويد ملا نه ڪوءِ ...
    روايت آهي ته شهنشاهه اڪبر پڻ ميران جي پريم ڀڳتيءَ جي گيتن جي هاڪ ٻُڌي، وڏي گوَيي تانسين سان گڏ ميران سان چتوڙ ملڻ آيو هو، ۽ کيس ڪرشن جي رنگ ۾ رتل ڏسي، کيس قيمتي هار پارائي، سندس پير ڇُهي، واپس ٿيو هو.
    ميران جي روح ۾ پريم گنگا تيزيءَ سان وهڻ لڳي. هوءَ برندابن وڃي پهرين پنهنجي گروءَ، ڀڳتي تحريڪ جي شاعر رويداس سان ملي، پوءِ ڪرشن مندر ۾ پوڄا ڪرڻ لڳي، جتي ڪرشن گوپين سان گڏجي ٻاروتڻ گهاريو هو. ميران ٻائيءَ، زماني جي ڏک جو علاج، شاعريءَ، سنگيت ۽ نِرت ڪلا ۾ ڳولي لڌو هو. هوءَ ڪٿڪ، ڪٿاڪلي، اوڊيسي، ماڻيپوري ۽ ٻين ناچن تي عبور رکندي هئي. برندابن، ڪرشن ۽ ميران جي نرت ڪلا سبب ايترو ته مشهور ٿيو، جو نامور نرتڪي ماڌوريءَ جي اُستاد، برجُو مهراج جي ڏاڏي بندادين، هڪڙي ٺُمري ٺاهي هئي:
    بندرابن ڪي ڪُنج گلين ۾، ڌرتي هوت سُگن،
    نِرتَت ڍنگ .....
    پر ميران کي اُتي به حالتن ساٿ نه ڏنو، نيٺ هوءَ دوارڪا راهي ٿي، جتي آخري پساهن تائين ڪرشن جي سنگ ۾، سندس چرڻن جي پوڄارڻ بڻجي رهي. برندابن مان ميران جي موڪلاڻيءَ واري پيڙا کي محسوس ڪندي اياز لکيو آهي:
    برندابن ۾ آيو آهين، ڪنهن جي لاءِ ڪوي،
    ڪنهن جي بنسي! ڪهڙي راڌا؟ ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    هوءَ شاعره سان گڏ، راڳ جي شڪلين، سرگم جي سُرن، تال ۽ لئه سان گڏ ڪٿڪ نرتڪاريءَ ۾ هڪ تخليقڪار جي حيثيت رکندي هئي، اها سَس جي طعنن کي سرير جا گهنگهرو بڻائي، پيرن ۾ پايل پائي، لوڪ کي ٻڌائيندي هئي ته هُن جو ڪرشن سان اڇي کير جهڙو عشق آهي.
    پگ گهنگهرو بانڌ ڪه ميرا ناچي ري...
    ساس ڪهي ميران ڪُل ناسي،
    ميران ڪهي مين ڀگوان داسي،
    ميرا درد نه جاني ڪوءِ....
    هوءَ مندر ۾ ساڌن ۽ پوڄارين سان گڏ ستسنگ ۽ پوڄا ڪندي هئي، جا ڳالهه سندس رشتيدارن ۽ راجائن کي نه آئڙي، ۽ هوءَ عتاب هيٺ آئي. مٿس بيجا سختيون ٿيون ته هن نامور ويدانتي شاعر تلسيداس کي خط لکي، سندس آزاد خيال زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن جو ذڪر ڪيو. ڪوي تلسيداس کيس جواب لکي موڪليو ته، ”جيڪي رام ۽ ڪرشن کي نه ٿا ڄاڻن، سي تنهنجي پوترتا ۽ ڀڳتيءَ کي ڪڏهن به ڄاڻي نه سگهندا... ڀڳوان سان رشتي جو درجو سمورن سنساري رشتن کان مٿانهون آهي، تون انهن جي پرواهه نه ڪر، پنهنجو ڀڳتي مارگ وارو سفر جاري رک، توکي ضرور سڦلتا ملندي...“- ائين هن ڪرشن ڀڳتيءَ کي تاحيات جاري رکيو هو. هوءَ ڪرشن جي سُچيت داسِي بڻجي چوندي هئي:
    اورون ڪي پي پرديس بست هين لک لک ڀيجين پاتِي،
    ميرا پي ميري هَيا مين بست هي، گونج ڪرون دِن راتي!
    هن جي زندگي آزاد هئي. هن جي اُٿي ويٺي، سماجي مريادا سان گڏ پرڀو ڀڳتيءَ سان سلهايل هئي. هن اڳتي هلي ڀڳتي مارگ اپنايو. جيتوڻيڪ سماج سندس آزاد خياليءَ وارو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس همت ۽ سچي پيار جي جذبي کيس هر موڙ تي حوصلو بخشيو.
    هوءَ ڪرشن کي راڌا ۽ بنسيءَ جيان پياري ٿي پئي هئي. برصغير جي وڏي گائڪا لتا منگيشڪر جي لفظن ۾ ”راڌا پريم ديواني ۽ ميران ڪرشن جي درس جي ديواني هئي“.
    ايڪ راڌا، ايڪ ميران، دونون ني شيام ڪو چاها،
    انتر ڪيا دونون ڪي، چاهه مين بولو،
    ايڪ پريم ديواني، ايڪ درس ديواني...
    ڪي چون ٿا ته هوءَ دوارڪا ۾ ڪرشن مندر ۾ ئي الوپ ٿي هئي، ته ڪي لکن ٿا ته 1547ع ڌاري هُن ڪرشن مندر ۾ رات رهڻ جي اجازت گهري ۽ رات جي پوئين پهر ۾ غائب ٿي وئي ۽ پوءِ ڪٿي نظر نه آئي.
    هُن وٽ سانوري شيام جو تصور فقط گوالي ڪرشن تائين محدود نه هو، ڪرشن جا سمورا منظر، جمنا ڪناري ڳئون چارڻ، مُرليءَ جون ڌنون ڇيڙي گوپين سان رانديون رمڻ ۽ مکڻ چورائڻ وغيره سندس شاعريءَ جا موضوع بڻجي پيا. ڪرشن جو تصور وٽس پريتم وارو به آهي ته پتيءَ وارو به!
    هن جي جيوَن جي پيڙا قرت العين حيدر واري اُن حادثي جهڙي ئي هئي، جنهن اپسرا کي ورهاڱي دوران ’شڪار‘ جي تلاشي وڳوڙين کان گورين (آمريڪي عورتن)، ڪمبل ۾ لِڪائي، اهو ’باهه وارو درياهه‘ پار ڪرائي، کيس منزل تي محفوظ پهچايو هو ۽ هُن ٺيڪ هڪ ڏهاڪي بعد شاهڪار ناول ”آگ ڪا درياهه“ لکي پڌرو ڪيو هو. ميران جي سماجي زندگيءَ جو عڪس امرتا جي ڪهاڻي ’جنگلي ٻوٽيءَ‘ واري ڪردار سان پڻ ملي ٿو، پر الائي ڇو امرتا ۽ آپا عينيءَ سميت ڪنهن به هن تي ڪو ناول نه لکيو. ڪبير تي هري اوڌ شهپاري جهڙو ڪتاب لکيو، اوشو ليڪچر ڪيا، ۽ سئو سلام سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ کي، جنهن ميران بابت ”ميران سان وارتا لاپ“ نالي ناول لکي، ميران جو حق ادا ڪيو، پر ميران ٻائيءَ جي گيتن کي عام فهم ٻوليءَ ۾ آڻڻ جي گنجائش اڄ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي.
    ميران جي شاعريءَ جو مرڪزي خيال ڪرشن جي درشن واري جذبي تي آڌاريل آهي. هن راڳ جي ٻن ٺاٺن: ڪلفي ۽ کماچ مان ’ميران ٻائيءَ جي ملهار‘ تخليق ڪري مقبوليت جي بلنديءَ تي پهچايو. ’ميران جي گربين‘ واري شاعريءَ کي اڄ به مختلف راڳن ۽ راڳڻين: ايمن، ايمن ڪلياڻ، ملهار، گووند، ديس (مانڊ/ مانجهه)، درٻاري، ڀيروي، رامڪلي، ڀاڳيشوري ۽ ڀيم پلاسي ۾ ڳايو وڃي ٿو.
    ميران جا دوها ۽ ميران جي دانهن پيار جي پلصراط تي بيٺل روحن جو سڏ پڙاڏو آهي. اها پڪ آهي ته ميران جي درد جي ڪيفيتن ۽ پريم ڀڳتيءَ جي جذبي کي هر زماني ۾ ڀرپور مڃتا ملندي رهندي.
    tollasuthar@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو