نارو ۽ نارا ويلي جو عروج نور محمد سمون خيرپور ضلعي جو شهر نارو ۽ عمرڪوٽ ضلعي جو شهر ڍورونارو، سکر بئراج مان نڪرندڙ نارا ڪئنال تي آباد آهن ۽ ان ئي ڪئنال جي ڪري انهن ٻنهي شهرن تي اهي نالا پيا هئا. سنڌو درياءَ جي پراڻي اڀرندي وهڪري يا ان کان اڳ هاڪڙي درياءَ جي نالي سان وهندڙ هن وهڪري جي کاٻي ڪناري جي آبادي جي رهڻي ڪهڻي توڙي ريتون رسمون ان جي ساڄي ڪناري واري آبادي کان ڪجه مختلف آهن، تاريخي طور هي علائقو زرخيز رهيو آهي، هاڻوڪا ضلعا خيرپور، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرجو اوله وارو ڪجه حصو ۽ بدين جو اوڀر وارو حصو هن وهڪري جي پاڻي سان آباد رهندا آيا آهن، اڇڙو ٿر، ٿر، راجسٿان ۽ ڪڇ ڀڄ وارن علائقن جا ماڻهو به ڪنهن نه ڪنهن طرح هن وهڪري مان فائدو وٺندا رهيا آهن. ٿر ۾ به ڏڪار اچن ٿا، هن وقت ٿر ٻِٽڙئي (لڳاتار 2 سال هلندڙ) ڏڪار کي منهن ڏئي رهيو آهي، نه رڳو ٿر پر ٿر جي ٻئي پار، انگريز دورجي جوڌپور ۽ جيسلمير جي راجائي رياستن ۾ صدين کان اڄ جهڙا وڏا وڏا ڏڪار ايندا رهندا هئا، انهن ڏڪارن ۾ ماڻهو، چوپايو مال توڙي جهنگلي جيوت وڏي مشڪل سان پنهنجي ساه جون تندون سنڀالي سگهندا هئا، انهن ڏڪارن اتان جي ماڻهن کي سختيون سيکاريون هيون. راجسٿان ۽ ٿر ۾ ڏڪارن وقت اتان جا متاثر ماڻهو هاڻوڪي نارا ڪئنال جي پِيچ وارن علائقن، جن کي “نارو پَٽُ” يا انگريزي ۾ “نارا ويلي” چيو ويندو هو، جو رخ ڪندا هئا. ان دور ۾ ڏڪارن دوران هيءَ چوڻي به مشهور ٿي هئي ته “ٿر ڏُلهي ته سنڌ جهلي پر جي سنڌ ڏُلهي ته ڪير جهلي؟” تڏهوڪي اُٿل نارا ڪئنال تي سکر بئراج جي اڏاوت کان به اڳ ڍوريناري ويجهو “فرش موري ريگيوليٽر” جي تعمير سان نه رڳو هن علائقي ۾ هڪ وڏو سبز انقلاب آيو هو پر ان سان اڪثر ڏڪارن کي منهن ڏيندڙ ٿر ۽ راجسٿان جي وڏي آبادي جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست به هتان جي زمينن مان اپايل چانورن ۽ ڪڻڪ ذريعي ٿيندو رهيو هو، فرش موري تي اهو نالو به ان ڪري پيو هو جو اها هن وڏي علائقي جي ڪنهن ڪئنال مٿان پڪين سِرن ۽ سيمينٽ سان ٻڌل پهرين فرشي موري هئي. هن موري سان لڳولڳ ڳوٺ حاجي ابراهيم سمون وٽ هيرل واه ۽ سرهاڙي شاخ جي مُنڍن تي هن وهڪري تي ڪجه اهڙين پڪين سِرن سان ٿيل اڏاوتن جا آثار به مليا آهن جن بابت مقامي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ دوستن جو خيال آهي ته ٿي سگهي ٿو اهي آثار ڪلهوڙا دور ۾ نارا ڪئنال تي هتي اڏايل ڪنهن ريگيوليٽر جا هجن. کاٽي وارين مشينن جي هتي اچڻ کان ڪافي سال پوءِ تائين به پاڻ کي سنڌ ۾ ٽيڪم ذريعي جبلن يا سخت مٽي ۾ مختلف پائيپ لائينن ۽ ڪيبلن لاءِ ناليون کوٽڻ وارا ملڪ جي اترين علائقن جا سخت جان پٺاڻ نظر ايندا آهن، اهي اٽڪل 2 هزار ڪلوميٽرن جو سفر ڪري هتي اچن ٿا پر هيءَ اٽڪل ڏيڍ صدي اڳ جي ڳاله آهي جڏهن آبپاشي کاتي جي انگريز انجنيئرن، ڪلهوڙن حڪمرانن پاران جنگي حڪمت عملي تحت اروڙ وٽ درياءَ تي بند ٻڌائي، درياءَ جي پراڻي اڀرندي وهڪري يا هاڪڙي کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، بعد ۾ دوست خالد ڪنڀار ان درياء کي “اُڃ مري ويل درياءُ” جو نالو ڏنو جيڪو واقعي ٺهڪندڙ هو پر انهن انگريزن ان اهڪري تي ٻيهر غور ڪري، ان جي بحالي جو فيصلو ڪيوهو، 1930ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ سنڌ جو پهريون بئراج، سکر بئراج تعمير ڪري هلائڻ کان اڳ ئي انگريزن اڳوڻي هاڪڙي ۽ هاڻوڪي نارا ڪئنال تي 1860ع کان ئي ڪم شروع ڪري ڇڏيو هو، ڇو جو پنهنجي دور ۾ ڪلهوڙن پاران سنڌو جي هن وهڪري کي هميشه لاءِ بند ڪرڻ جي پورين ڪوششن باوجود به اهو قدرتي وهڪرو مڪمل طور بند نه ٿي سگهيو هو، ميرن ۽ انگريزن جي دور ۾ به اهو پراڻو قدرتي وهڪرو هتي وڏيون ٻوڏون پيدا ڪندو رهيو هو، پاڻ جن بندن کي “بچاءَ بند” يا “چيل بند” جي نالن سان سڃاڻون ٿا اِهي اُهي بند آهن، جيڪي انگريز دور ۾ آبادين کي هن وهڪري جي ٻوڏن کان بچائڻ لاءِ ڏنا ويا هئا، اهو تڏهوڪو بچاءَ بند جي نالي سان سڏجندڙ بند نه هجي ها ته ميرپورخاص ۽ ٻيا شهر بار بار ٻُڏندا رهن ها! انهن ٻوڏن ۾ هن وهڪري جو ٻيو ڪنارو هن بچاءَ بند کان اٽڪل 50 ڪلومٽر پري نيوڇور ۽ عمرڪوٽ جي ڀِٽن تائين هوندو هو. ڇور شهر تي اهو نالو به ان ڪري پيو جو اهو علائقو اونهو يا سمنڊ جي سطح جي حساب سان هيٺاهون آهي، هتي ٻوڏن ۾ نارا ڪئنال ۾ ايندڙ اضافي پاڻي جو “ڇوڙ” هميشه ان طرف ڪيو ويندو هو تنهنڪري ان علائقي کي ڇوڙ سڏبو هو، بعد ۾ ”ڙ” جا نقطا اڏامي ويا ۽ هاڻ “ڇور” جي نالي سان سڏجي ٿو، انهن ٻوڏن ۾ هاڻوڪو ڇور شهر اڪثر ٻڏندو رهندو هو سو متاثر ٿيل آبادي اٽڪل 7 ڪلوميٽر پري ٿر جي هڪ ڀِٽ تي هڪ نئون شهر آباد ڪيو هو جيڪو “نئون ڇور” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اتي بعد ۾ راجا جي ريل جي اسٽيشن به قائم ٿي، ان اسٽيشن جي سامهون ٻانهياري جي نالي سان سڏجڻ واري وڏي باراني تلي يا نوڻ به ناري ۾ ايندڙ اضافي پاڻي جي ٻوڏن ۾ ٻُڏي ويندي هئي، جنهن ۾ ٻاجهر ۽ گوار وغيره جا سٺا فصل ٿيندا هئا، اهي سڀ ٻڏڻ ڪري اهڙي ٻوڏ بعد ناري کي هڪ لوڪ گيت ۾ هتي پاراتو به ڏنو ويو هو ته “..........منهنجي ٻانهياري تو ٻوڙي” ڏسڻ وارن کي وڏين ڀِٽن جي ڪري ٿر ۽ اڇڙو ٿر مٿاهون لڳي ٿو پر حقيقت ۾ اهي علائقا سمنڊ جي سطح جي حساب سان سنڌ جي سرسبز ميداني علائقن کان هيٺاهان آهن، اهوئي سبب آهي جو نارا ڪئنال جون کاٻي پاسي کان نڪرندڙ ڇنڊڻون ڪاڪاهو ۽ ڪلانڪر جڏهن وهنديون آهن ته اهي ٻئي پنهنجي اونهائي جي ڪري نارا ڪئنال تي چڙهيل سڄو سِلٽ پاڻ سان گڏ کڻي وڃي اڇڙي ٿر جي ڍنڍن ۾ اڇلائينديون هيون، انگريز دور ۾ نارا ڪئنال جي ڊي سِلٽنگ تي اڄ وانگر اربين روپين جي بجيٽ سان نه پر هنن ڇنڊڻن کي کولڻ سان هڪ معجزي وانگر مفت ۾ پاڻ مرادو ٿي ويندي هئي. اوهين اڄ به 3 ميل موري ريگيوليٽر تي اچو، اڇڙي ٿر جي مشهور شهر ڇور ڏانهن ويندڙ ڇور واه ڏسو، جنهن جي وهڪري تي سنڌ جي مشهور شاعر حليم باغي هڪ شعر به لکيو هو ته “ڇور واه جون ڇوليون، الٻيليون ۽ اڻموليون..................” هن ريگيوليٽر جو ماهر ٽنڊيل عبدالستار ملاح جڏهن ان واه جا دروازا کوليندو آهي ته ڇور واه پنهنجي اونهائي جي ڪري هڪ گجگوڙ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، ستار ملاح ٻڌائيندو آهي ته “آبپاشي انجينئرنگ پنهنجي جاءِ تي پر قدرت جا ڪرشما انگريزن سميت ڪوبه نٿو ماپي سگهي، مونکي ڊيزائين جي حساب سان ڇور واه جا ٻئي دروازا کولڻا هوندا آهن پر آئون رڳو هڪ دروازو کوليندو آهيان، ڇو جو ڇور واه جا هي ٻئي دروازا کولڻ سان هڪ پاسي ٿر واه، پلي برادري جي خانصاحب عطا محمد پلي جي نالي سان عطائي شاخ، عمرڪوٽ شهر کي پاڻي ڏيندڙ ڪوٽ واه، ڪلهوڙن حڪمرانن مان هڪ، ميان نورمحمد شاه ڪلهوڙي جي نالي سان منسوب نورواه، ٿر ٽيل ۽ ٻين واهن ۾ پاڻي جو ڦڙو به نه بچندو ته ٻئي پاسي وري ساڍر، صاڀو، ٻانڊي، اُنڙآباد، وائُڙي، نونهيون، حويلي، بُگري، ٽيڀري ۽ ڇور جا ڳوٺ ۽ شهر ٻڏي ويندا” ان دور ۾ هن وڏي ڪئنال تي هيٺ واهن ۽ شاخن جو هي وڏو سسٽم گهربل هو پر اهو سڀ کوٽڻ لاءِ مقامي سطح تي افرادي قوت جي وڏي کوٽ هئي، هتي گهڻو ڪري مڇيون ماري گذر سفر ڪندڙ ملاح ۽ ڪجه ٻي مالوند يا کيتي ڪندڙ آبادي هئي، اهي ماڻهو سوين ڪلوميٽر ڊگها واه ۽ شاخون کوٽڻ وارو سخت پورهيو ڪرڻ کان لنوائيندا هئا، انگريز سرڪار اهڙي افرادي قوت هٿ ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو هو، رياستي سطح تي جيسلمير ۽ جوڌپور جي راجائن کي ان دور ۾ به نارا ڪئنال جي هن آبپاشي سسٽم ۾ وڏي دلچسپي هوندي هئي سو انهن راجائن انگريزن جي مشڪل ڪشائي ڪندي پنهنجي رعيت مان انگريز سرڪار کي وڏي افرادي قوت ڏني هئي جن ۾ هڪ مسلمان قبيلي “مهر” جي “ڦلودي” “پوکرڻ” ۽ “پيپاڙ” نالي وڏن ڳوٺن جا رهواسي گومٽيا مهر به شامل هئا، هنن مهرن مان هڪ بزرگ ڪردار محمد هاشم مهر جو چوڻ آهي ته “اڄ جي پٺاڻن وارو اهو ڏکيو ڪم ان دور ۾ اسان جي ابن ڏاڏن کنيو هو، اسان جو چاچو حاجي ابراهيم مهر افرادي قوت جو وڏي ۾ وڏو ٺيڪيدار هو، هُو جوڌپور ۽ جيسلمير کان سوين مزدور هتي وٺي ايندو هو جن ڪيترن ئي سالن تائين هتي رهي لئي جي لچڪدار ڪاٺين مان ٺهيل کارِين ۾ مٽي ڀري، مٿي تي کڻي، هي سڀ سوين ڪلوميٽر ڊگها واه ۽ شاخون کوٽيون هيون ۽ بعد ۾ راجا جي ريل جي پٽڙي به وڇائي هئي، انگريز آفيسر پنهنجي وفادار ماڻهن کي نوازيندا هئا سو انهن اسان جي چاچي ابراهيم کي به سندس خدمتن عيوض زمين جي ٽڪر سان نوازيو هو، هاڻ پنهنجي علائقي جا ماڻهو نوڪرين ۽ محنت مزدوري لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن صنعتي شهرن جو رخ ڪن ٿا نه ته ناري پَٽ جي عروج واري دور ۾ نه رڳو اوڀر جي رياستن جوڌپور، جيسلمير۽ گجرات کان ماڻهو پورهيو ڪرڻ لاءِ هتي ايندا هئا پر ڪراچي جي لياري واري علائقي ۽ بلوچستان جا گبول ۽ مڪراني ٻروچ به پنهنجي هن شهر ۾ محنت مزدوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي خاندانن سميت ايندا هئا، مڪراني ٻروچ عام پورهيت هئا ۽ گبول برادري وارا صنعتي مشينن جي سارسنڀار لهڻ وارا ڪاريگر هوندا هئا، انهن وٽ ڪراچي ۾ رهڻ ڪري سمنڊ ۾ هلڻ وارن جهازن جي انجڻن جي سار سنڀار جو خانداني تجربو هوندو هو، پنهنجو هي شهر سنڌ جو اهو پهريون شهر هجڻ جو اعزاز رکي ٿو جنهن ۾ سنڌ جي پهرين ڪاٽن فيڪٽري لڳي هئي، جنهن بعد هڪ ٻئي پٺيان اهي 3 ڪاٽن فيڪٽريون هڪ ئي وقت هتي هلنديون هيون ۽ ان کان اڳ هڪ ئي وقت 5 رائيس مِلون به سنڌ ۾ رڳو هن ئي شهر ڍورونارو ۾ هيون، تنهنڪري ان دور جو سنڌ جو هي اڪيلو وڏو صنعتي شهر هو، اهي سڀ نارا ڪئنال جون مهربانيون هيون، بعد ۾ ڀر وارن شهرن پٿوري ۽ شادي پلي ۾ به ڪجه ڪاٽن فيڪٽريون لڳيون، نارا ڪئنال ۽ ان جو ڪيترن ئي واهن ۽ شاخن تي مشتمل فرش ريگيوليٽر سسٽم ٺهيو ته هن پَٽَ ۾ وڏي عرصي کان دلچسپي وٺندڙ جوڌپور جي راجا پنهنجي رياست جي عوام کي هتان جو اناج پهچائڻ لاءِ “راجا جي ريل” جي پٽڙي وڇرائي، اهو وڏو ڪم ڪرڻ لاءِ وري به افرادي قوت جوڌپور ۽ جيسلمير کان گهرائي وئي هئي، جن ۾ مهرن کان سواءِ سومرا به شامل هئا، مغليه دور حڪومت ۾ هتان جي شهرن ۽ ڳوٺن جي ڀاڄين، ميوَن ۽ گُلن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ راجسٿان جي مالهي برادري جي هر خاندان کي ڪجه ايڪڙ زمين ڏئي هتي آباد ڪيو ويو هو” علائقي جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت ۽ اينٿروپالاجي ۾ دلچسپي رکندڙ حاجي عبدالرحمان سمون جو هن سلسلي ۾ چوڻ هو ته “هن صنعتي شهر ۾ ڪپه ۽ سارين جي ڪارخانن کان سواءِ لوڻ جا به ڪارخانا هئا، هن شهر ۽ ڳوٺ ساڍر جي وچ تي ريلوي لائين سان لڳولڳ هڪ ٽيڪسٽائل مل جو بنياد به رکجي چڪو هو پر پوءِ ملڪ جي آزادي بعد اها وڏي رٿا رولڙي جو شڪار ٿي وئي هئي. ڍليار واري مشهور لوڻ کاڻ جو لوڻ نارا ڪئنال ۾ هلندڙ ٻيڙين ذريعي هتي آڻي ڪارخانن ۾ پيهي، پوءِ راجا جي ريل ذريعي راجسٿان جي شهرن ٻاڙمير، جوڌپور، جيسلمير ۽ سنڌ جي شهرن ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچي ڏانهن اماڻيو ويندو هو. ٻڪرين جي ڏاسَ، رڍن جي اُنَ ۽ چوپائي مال جي نج گيه جي خريداري جا وڏا مرڪز ۽ گُدام به هن شهر ۾ هئا، پنهنجي دور جي هن وڏي زرعي علائقي جي صنعتي۽ واپاري شهر جي تعليمي ادارن جي تاريخ به روشن رهي آهي، ڳوٺ پير محمد ولهاري واري درسگاه ۽ ڪتب خانو، ڳوٺ ولهيٽ، قِراني جي درسگاه، ڳموري ۽ عالم پلي واريون درسگاهون، ڳوٺ صاڀي ۽ ساڍر جا مڪتب جن ۾ ديني توڙي دُنيوي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي، ميان پير محمد ولهاري موجب عام طور اهوئي سمجهيو وڃي ٿو ته اهڙين درسگاهن ۾ رڳو مسلمان شاگرد تعليم پرائيندا هئا پر حقيقت ۾ ايئن ناهي، هتي هندو شاگرد به ان دور جي فارسي تعليم پرائيندا هئا، جيڪو حسام الدين راشدي به پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ لکيو آهي، انهن ادارن جا مهتمم اهي ادارا هلائڻ لاءِ اڄ جي منتظمينن وانگر چندن يا قرباني جي جانورن جي کلن تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تي ڪاربند رهندي پنهنجا ادارا هلائيندا هئا، راجسٿان ۾ “راجسٿان جي گانڌي” جي نالي سان مشهور ڪانگريسي اڳواڻ عبدالهادي سمون به بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن شهر جي پرائمري اسڪول ۾ داخل هو، پري پري جي ڳوٺن ۽ شهرن کان ڦُٽيون، ساريون، اڇڙي ٿر کان ڏاس ۽ اُنَ هتي آڻڻ لاءِ روزانو هزارين اُٺن ۽ بيل گاڏين جون ميلن تائين ڊگهيون قطارون هتي اينديون هيون، ڀٽ ڀائتي واري رئيس حاجي عثمان مري پنهنجي ڳوٺ ۾ ان دور ۾ هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل کولائي ٿر جي شاگردن جي تعليم، مفت رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو انتظام ڪيو، ٿر کان شاگردن جي اچڻ وڃڻ لاءِ مفت بس سروس به هلائي وئي هئي، ڊاڪٽر غلام نبي پلي موجب حاجي عثمان مري جون اهي خدمتون ڏسندي هن شهر جي ان دور جي سرندي وارن ماڻهن قاضي غلام رسول پلي، محمد علي پلي، ٻاروچو راڄڙ، داون علي شاه ۽ ٻين هتي اڳ ۾ هلندڙ مڊل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏيارڻ جون ڪوششون شروع ڪيائون ۽ ان ۾ جلد ڪامياب ٿيا