عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
سنڌ جي تعليم تي رحم ڪريو، سنڌ جي تعليمي ادارن تي رحم ڪريو ۽ سنڌي شاگردن تي رحم ڪريو. سنڌ سياسي، سماجي ۽ معاشي لحاظ کان اڳ ۾ ئي تباھ ٿيل آهي، سنڌ ۾ مجموعي طور تي تعليم جي شرح 15 سيڪڙو آهي، 5 ڪروڙ سنڌين مان صرف 5 لک سنڌي يونيورسٽيء جي ليول تائين تعليم پرائي سگھن ٿا، مطلب ته صرف هڪ سيڪڙو سنڌي ڪنهن يونيورسٽي يا ڪنهن اعلي تعليمي ادارن تائين پهچي سگھن ٿا. سنڌ جي انهن هڪ سيڪڙو تعليم پرائيندڙ شاگردن کي به سنڌ جون ناڪام بڻيل سياسي تنظيمون پنهنجن پنهنجن گروهي مفادن خاطر يرغمال ڪرڻ جي لاء هر هڪ تعليمي اداري ۾ پنهنجون شاگرد ونگس کولي انهن شاگردن کي تعليم ۽ تعليمي ادارن جي بدران مختلف سياسي مسئلن ۾ اُلجھائي رکن ٿيون. تعليمي ادارن ۾ سياست بلڪل ٿيڻ گھرجي پر ان سياست جو محور ۽ مرڪز صرف تعليم ۽ تعليمي ادارا هجڻ گھرجن، انهن شاگردن جي مٿان عملي سياست ۾ شريڪ ٿيڻ تي پابندي لڳائڻ گھرجي. جيئي سنڌ قومي محاذ (قريشي)، جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر)، جيئي سنڌ متحده محاذ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو)، پاڪستان پيپلز پارٽي (زرداري)، پاڪستان پيلز پارٽي (شهيد ڀٽو) کي گذارش ٿو ڪريان ته پنهنجون شاگرد ونگس ختم ڪري سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن کي آزاد ڇڏي ڏين ته جيئن اهي سنڌي شاگرد نج قومي بنيادن تي صرف شاگرد سياست ڪندڙ ڪا سنڌي شاگردن جي الڳ تنظيم جوڙين، جنهن سنڌي شاگرد تنظيم جو مقصد صرف تعليمي ادارن جا معاملا ۽ مسئلا هجن.