عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
سنڌ جي پنج هزار سالن جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ممڪن ٿيو جو مختلف مذهبن، مختلف فرقن، مختلف سياسي تنظيمن توڙي مختلف سوچون رکندڙ سنڌي مرد ۽ عورتون ڪنهن هڪ نڪتي تي گڏ ٿي پنهنجو ثقافتي ڏينهن ملهائڻ لڳا. توڻي جو ان ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي پٺيان سنڌ تي مسلسل حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽي ۽ سنڌي ٻوليء جي نالي تي ڪم ڪندڙ سنڌي ميڊيا چئنلن جا ڪاروباري مفاد اڳيان هيا پر اتفاقي طور يا حادثاتي طور تي سنڌي گڏ ٿيڻ لڳا، سياسي قيادت جي کوٽ سنڌين کي ڪو هڪ پليٽفارم ڏيڻ ۾ ناڪام رهي پر ثقافتي بنيادن تي سنڌي هڪ ٿيڻ لڳا. ثقافت هر ملڪ، هر مذهب، هر فرقي ۽ هر نظرئي جون حدون پار ڪري نج قومي بنيادن تي ماڻهو گڏ ڪري سگھي ٿي. ثقافتي ڏهاڙي جي ويجھي اچڻ تي مليل هي معصوم قومي ڪارڪنن جا لاش اسان جي مٿان اها قومي ذميواري لاڳو ڪن ٿا ته سندن چچريل لاشن تي احتجاج ڪجي، پر ان احتجاج ۾ پنهنجي ثقافت نه وساريو، ثقافت صرف نچڻ ڪُڏڻ جو نالو ناهي، 7 ڊسمبر تي شهيدن جي مزارن تي گڏجي حاضري ڀيري سندن مزارن تي اجرڪ ۽ گلاب جا گل چاڙهيو، سندن مزارن تي ڏيئا ٻاريو، سندن امڙين جي پيرن تي هٿ رکي مٿي تي اجرڪ پارايو. ثقافت سنڌ کي گڏجڻ جو موقعو ڏيندي، توهان ثقافتي ڏهاڙي کي ميڊيا جي دوڪانداري بڻجڻ کان بچايو.