صبح جو سوير اٿڻ جا فائدا

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    صبح جو سوير اٿڻ جا ڪيترائي فائدا ٿين ٿا، صبح جو سوير جاڳڻ هڪ فطري عمل آهي، اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو صبح جو سوير اٿڻ جا عادي هوندا آهن، اهو سڄو ڏينهن چست ۽ تندرست رهندا آهن.

    سليپ 2014 تحت ٿيندڙ کوجنا مان اهو ثابت ٿيو آهي ته دير تائين جاڳڻ سان توهان سڄو ڏينهن سست گذاريو ٿا ۽ ائين توهان جا سمورا ڪم ليٽ ٿي وڃن ٿا. صبح جو سوير اٿڻ وارا گهڻا چست ۽ هاڪاري سوچ جا مالڪ هوندا آهن.

    عورتن لاءِ اها ڳالهه ڄاڻڻ تمام فائديمند آهي ته دير سان سمهڻ وارا ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ 248 ڪيلوريز وڌيڪ استعمال ڪندا آهن، ٻيڻو فاسٽ فوڊ کائيندا آهن ۽ سوير اٿڻ وارا ماڻهو اڌ ميوو ۽ ڀاڄيون به ناهن کائيندا. نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي جي تحقيق موجب ”رات دير سان سمهڻ وارن ماڻهن جو ڪوليسٽرول ليول لڳ ڀڳ وڌيل رهندو آهي“ جڏهن ته جرمني ۾ ڪيل هڪ ٻي اسٽڊي کان معلوم ٿيو ته صبح جلدي اٿڻ وارن ۾ ڊپريشن گهٽ کان گهٽ ڏٺو ويو آهي. 2009 ۾ جرنل آف اپلائيڊ سوشل سائيڪالوجي تحت ڪيل هڪ ٻي ريسرچ مان ثابت ٿيو ته صبح سوير اٿڻ جا عادي ماڻهو وڌيڪ پراعتبار ۽ پريڪٽيڪل هوندا آهن ۽ جڏهن به ڪنهن معاملي ۾ پيش قدمي جي ضرورت هوندي آهي ته ان ۾ دير ناهن ڪندا.

    توهان ڏٺو ته صبح سوير اٿڻ ڪيتري حد تائين فائديمند آهي، پر اسان پنهنجي سستي سبب انهن سمورن فائدن کان محروم ٿي ويا آهن. هونئن ته گهر جي سمورن ماڻهن کي صبح جو جلدي اٿڻ جي عادت هئڻ گهرجي، پر حقيقت اها آهي ته عورت هئڻ جي ناطي جتي توهان تي بيون ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون اتي اها به اوهان جي ذميواري آهي ته پاڻ جلدي اٿي گهر جي ٻين ماڻهن لاءِ مثال قائم ڪريو.

    ٻار گهڻي قدر انهن عادتن جي پوئيواري ڪندا آهن جن تي ماءُ عمل ڪندي آهي، ان لاءِ ٻار ته سڀ کان اڳ انهن معمول جي پوئيواري ڪندا. ان کان علاوه توهان ڏسندو ته جلدي اٿڻ سبب توهان جي وقت ۾ ان قدر برڪت ٿيندي جو سهولت سان گڏ سمورا ڪم ختم ڪرڻ بعد به توهان وٽ گهڻو وقت بچي پوندو، ان سان توهان جو وڏو فائدو اهو ٿيندو ته توهان سڄو ڏينهن سڪون سان رهندو، ڇو ته توهان کي ڪو به ڪم ڪرڻ جي جلدي نه هوندي ۽ سمورا ڪم مقرر وقت اندر پورا ڪري سگهندو.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    سائين تمام سٺي ونڊ پيش ڪئي اٿو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
  4. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    سائين بهترين ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو