عظيم سنڌي سنڌ جي ميلن ملاکڙن جي تمام وڏي تاريخ آهي. اهو ته پڪ سان چئي سگهجي ٿو. تاريخ جي حوالي کان ٻيو ڪو مورخه مڃي نه مڃي پر آءُ چوان ٿو ته جيسين سنڌ آهي اهي ميلا ملاکڙا سنڌ جي جند سان ائين جڙيل آهن، جيئن راسد مورائي چيو ته: جيئن سي آهن پاڻ ۾، سنڌو ندي ۽ سنڌ تيئن هي منهنجي جند آ جڙيل تنهنجي جيءَ سان بلڪل اهڙي طرح سنڌ جا ميلا ملاکڙا سنڌ جي جند سان جڙيل آهن. سنڌ جي مستند تاريخ نه لکي وئي آهي، جا به لکي وئي آهي، اها اڻ پوري ۽ نامڪمل آهي. معتبر تاريخ جو ڪتاب اسان وٽ چچ نامو آهي. اهو ديس جي دشمن فاتح تاريخ نويسن جو پنهنجي حساب سان لکيل آهي. جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي فاتحن جون تعريفون لکيل نظر اينديون. جس هجي جي ايم سيد کي جنهن راجا ڏاهر کي سنڌ جو گهڻ گهرو ۽ سڄڻ ڪري پيش ڪيو. اهو سلسلو اتي ختم ڪو نه ٿو ٿئي. غفار خان، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، عطاءُ الله مينگل، خير بخش مري، قاضي فيض محمد، تاج محمود امروٽي، الله بخش شهيد کان ويندي سورهيه بادشاهه لاءِ اهو ئي ٻڌايو ۽ پڙهايو ويندو هو ته اهي سڀ جو سڀ باغي ۽ غدار هئا. اسلامي مملڪت ۾ اهو سڀ ڪجهه اسلام ۽ پاڪستان جي نالي سان ٿيندو رهيو. آهستي آهستي اسان جي آڱرين تي ڳڻن جيترن نوجوانن اهو سڀ ڪجهه سمجهي ورتو ته يار اسان کي غلط ٻڌايو پيو وڃي. ڪاليجي زماني ۾ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ دوارن اسان جڏهن دوستن سان ملندي چوندا هئاسين جيئي سنڌ ته اسان کي انتهائي نفرت سان ڏٺو ويندو هو. هاڻ ته سنڌ اسيمبلي جا ميمبر به وڏي خوشي سان سنڌ جي زيادتين جون شڪايتون ڪندي جيئي سنڌ چوندي فخر محسوس ڪن ٿا ۽ پنهنجي مخالف قوم پرستن کي پيٽ پرست چئي چون پيا ته سچا پڪا جيئي سنڌ چوڻ وارا اسين آهيون. چوندا آهن سچ لڏندو ضرور آهي پر ٻڏندو ناهي. اهڙي ئي قسم جو اظهار اجهو استاد بخاري هيئن ٿو ڪري: ٻيلو نه جهلي ٻور اهو نا ممڪن، تنهنجو نه پوي پور اهو ناممڪن، استاد جو آواز لٽيو پيا لڙ ۾، اوندهه ۾ لڪي نور اهو ناممڪن. ته مون سنڌ جون لکيل تاريخون تقريبن سڀ جو سڀ وڏي شوق ۽ عشق سان پڙهيون آهن پر انهن ۾ سنڌ جي ميلن ملاکڙن جو احوال آهي ئي ڪو نه. تعجب ته ان ڳالهه جو ٿئي ٿو ته ڪٿي به سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۽ ان ۾ وڙهندڙ ملهه پهلوانن جو ذڪر نه آهي. لکين چاهيندڙن اڳيان پنهنجي ثقافتي رنگ ۾ طاقت جو استعمال ڪندڙ ڪنهن به پهلوان جو ذڪر انهن جي تاريخي ڪتابن ۾ نظر نٿو اچي نه انهن پنهنجي آتم ڪٿائن ۾ ڪٿي ڪو ذڪر ڪيو هجي. ائين اسان ميلن ملاکڙن جي حسن ۽ پڙهڻ کان محروم ٿي وياسين. افسوس گهڻو ان ڳالهه جو ٿئي ٿو ته هر ضلعي جي تاريخن گڏ ڪرڻ لاءِ جيڪي به سيمينار ڪن ٿا. انهن ۾ ٻيا ته سڀ موضوع هوندا آهن پر ان ضلعي اندر لڳندڙ ميلن ملاکڙن جو ذڪر هوندو ئي ناهي. اسان جي گذارش تي سانگهڙ ثقافتي ميلي ۾ ”سانگھڙ ضلعي جون درگاهون ۽ اتي لڳندڙ ميلا ملاکڙا“ عنوان تي مضمون پڙهايو ويو اهڙي طرح اسان جي نشاندهي تي ڊاڪٽر غلام النبي سڌائي صاحب به اهو موضوع رکيو ته جيڪب آباد جا ميلا ۽ ملاکڙا، سرپرست ۽ ملهه پهلوان. سچ پچ ته اهڙي تحقيق ۾ مسلسل تيزي اچي ها ته اسان جا سڀ جو سڀ پهلوان جي موجود هئا. انهن جو ۽ شير سنڌ، پهلوان شير جي ملهه وڙهڻ، انعام وٺڻ، سندار ڇڪڻ، ملهه ڪرڻ، ڪيرائڻ جا منظر محفوظ هجن ها ۽ سنڌ جا نوجوان ڏسن ها ته ڪيڏا نه سنڌ سهڻا ڪنڌار ڪوپا پهلوان پيدا ڪيا، اهي سڀ ڳالهيون اسان جي سستي، ڪاهلي ۽ لاپرواهي ڪري دفن ٿي ويون. اهو ڪم ثقافتي کاتي جو آهي. مون کي ته ذڪر ڪرڻو هو سنڌ جي ميلن ملاکڙن جو. سنڌ جي هر ضلعي تعلقي ۾ اسان جي بزرگن جي ڪمي آهي ئي ڪا نه، جنهن جي مقرر تاريخ تي ميلي سان گڏ ملاکڙو ضرور ٿيندو هئو. انهن لاءِ ڪنهن به پبلسٽي جي ضرورت ناهي نه ئي سرڪاري سهڪار جي، ميلن ملاکڙن ۾ پهلوانن جي رهڻ ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست سرڪار تي نه پر راڄ تي هوندو آهي. ملاکڙا ڏسندڙ غريب امير انهن کي پاڻ وٽ رهائي 3 ڏينهن کير، مکڻ، لسي، ٻوڙ ماني مطلب ته هر طرح جي خدمت ڪري عزت ڏئي ڪري خوش رکندا آهن. اهو سندن ايمان هوندو آهي ته هي اسان جا ملهه پهلوان آهن. انهن جي خدمت ڪندي کين وڏو سڪون ملندو آهي. ان درگاهه جو گادي نشين، فقير پير به انهن مٿان ساهه پيا گهوريندا آهن. ائين اهڙي طرح سان اسان جا هي ميلا ملاکڙا اڄ نه پر صدين کان وٺي آباد رهندا ٿا اچن، جن کي ڪا به سرڪاري سرپرستي ڪانهي. اسان جي سنڌ جي ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو زراعت سان گڏ چوپايو مال آهي. جتي هو وڏي اسر کان ڪچڙي منجهند ۽ وري شام تائين پيو زمين ۾ ڳهندو رات جو وري پاڻي جو وارو، نانگن، بلائن کي لتاڙيندو به پنهنجي پوکيل زمين جي اولاد وانگر سنڀال لهندو مال متاع لاءِ گاهه پٺي چاري جو بندوبست هن جي فرض ۾ شامل آهي. پنهنجي پوکي راهي جي جهار ڀيل مطلب ته هر طرح جو خيال رکندو. گهر ڀاتياڻيون به مال جي ٻڌ ڇوڙ کان کير ڏهڻ، لسي، مکڻ ولوڙڻ پنهنجي گهر ڀاتين کي ٻني تائين ماني رسائڻ تائين مرد سان ڪم ۾ برابر پئي رهنديون آهن. گهريلو هنر ۾ سنڌ ڄاين جو دنيا ۾ ڪو مٽ ئي نه هوندو. ڀرت، رلي، دٻڪي، اڳٺ، سڳي، وهاڻا، سَوڙيون مطلب ته هر هنر ڄڻ ته هنن جي پيٽ ۾ هجي. ميلن ملاکڙن جي تاريخ ويجهي ايندي ته اڳواٽ پيا ميلي تي وڃڻ جون تايريون ڪندا. ان وچ ۾ شير مير بحر جهڙو ڪو ڳڀرو جوان ميلي ۾ لٿو ته اڻ ڏٺي ان جون تعريفون ٻڌي پيا اوڙي پاڙي وارن کي ٻڌائيندا. کين اهو انتظار هوندو ته الله ڪري جلد ميلي جي تاريخ اچي. اسان جي موري ڀرسان شاهپور جهانيان ۾ مخدوم حسين جهانيان جو ميلو لڳندو هو. جنهن کي سترهين جو ميلو ڪري چوندا آهن. ان جو به شدت سان اسان کي انتظار رهندو هو. چوندا هئا ميلي ۾ ملاکڙي کانسواءِ ڪجهه به ناهي. سنڌ جي مضبوط سڃاڻپ سنڌ جي درگاهن تي لڳندڙ ميلا ملاکڙا آهن. ميلي ۾ مضبوط ۽ سگهارو ايٽم ملاکڙو آهي. ان ڪري سڄو سال ڪمائيندڙ پورهيت امير پنهنجي موڙي مان رقم سانڍي ميلو ضرور ڏسندا. اتفاق سان جي ڪو ڳوٺاڻو ميلي تي نه ويو ته ملاکڙي ميلي تان موٽندڙ کان ملاکڙي جو احوال سڀ کان اول وٺندو ۽ چوندا جنهن ميلي ۾ ملاکڙو نه ڏٺو ان ڪجهه نه ڏٺو ملاکڙي جا احوال هن طرح ٻڌبا هئا ته اڄ ملاکڙي ۾ ڪلٽر صاحب ۽ ان جي ميم به آئي. ميم صاحب حاجي احمد لوهر شڪارپور واري مان اک ئي نه ڪڍي! چئي هي وڏو ديو پهلوان آهي. هيو به ديو پهلوان. جيڏو پهلوان ايڏو قدآور. ڪلٽر کي ٻڌايو ويو ته سائين هوشو شيدي هالا وارو به وڏو پهلوان آهي. هوشو شيدي شڪل جو ڪارڙو ڪوجهڙو قد بت جو بلڪل هلڪو. ميم صاحب جوڙ ٻنهي پهلوانن جو ڪلٽر صاحب کي چئي ڪرايو. هٿ پيا. هوشو ته هن جي اڳيان ڏسڻ جهڙو به ڪو نه هو پر هل پهلوان هوشو. واهه هوشو واهه، حاجي هٿ وجهي مٿي کڻي هوشو کي پٻيون ڦاسائي گهڻي ڪيرائڻ جي ڪئي هوشو جا پير زمين تي کپي ويا. سبحان الله هوشو کٻي سڄي جي اندريان نه ڪيا پر حاجي احمد لوهر کي ڪات وهائي ڪڍيائين. هيڏو سارو ديو مڙس ڍير ٿي ڪريو. ميم صاحب اٿي بيهي رهي. پنهنجو هار لاهي هن هوشو کي وڌو. وڏن انعامن اڪرامن سان هوشو کي اصل مالا مال ڪري ڇڏيائون. اهي ها مختصر احوال، جي آنءُ هر روز بابا جي ڪچهري ۾ ملاکڙن جا پيو ٻڌندو هيس. ائين آءُ به ملاکڙن جو شوقين بڻجي ويس پوءِ ته پهلوان ڀاءُ غلام سرور جتوئيءَ سان دوستي ٿي. اهڙي دوستي جو اسان هڪ پل پاڻ کان پري رهي نه سگهندا هئاسين. جي روبرو ملاقات نه ٿيندي هئي ته فون تي ميلن ملاکڙن جا حال احوال پيا اوريندا هئاسين. ميلن ۾ ملاکڙو شام جو ٿيندو آهي. ان ڪري ماڻهو به اهڙو ٽائيم تاڙي ملاکڙي ۾ پهچندا آهن. ملاکڙي جو ميدان گهڻي ڀاڱي ملاکڙي جي بلڪل اندر آخري ڇيڙي تي ان ڪري هوندو آهي. جيئن ماڻهو ملاکڙي ٽٽڻ کانپوءِ سڀ جو سڀ يڪ مشت جي ميلي جي گهٽن مان اچن. ملاکڙن ٽٽڻ کانپوءِ مون کوڙ دفعا اهڙي رش جو مشاهدو ڪيو آهي. ملاکڙي کان پوءِ پهلوان پٺي اگهاڙو سلوار ۽ سندري سان پنهنجي رهائش گاهه تائين ايندو آهي. اتي هٿ منهن پٺي اگهي يا تڙ ڪري پوءِ ڪپڙا پائيندو آهي. ملاکڙي واري جاءِ کي ملاکڙي جو ميدان سڏبو آهي. جو بلڪل صحيح وڏو گول هوندو آهي. ان اندر ٻيو هلڪو گول هوندو آهي. جتي گهڻو ڪري ملهه ۽ ان جو ڪو رٽائرڊ استاد يا عزيز هوندو آهي. باقي عام ماڻهو جو ويهڻ ملهن کي به پسند نه هوندو آهي. اتفاق سان جيڪڏهن ڪو اڻ واقف حجت ڪري ان گول دائري ۾ داخل ٿيو ته پهلوان به ان کي اهو چوندا ته بابا هي ملهه پهلوانن جي جاءِ آهي اوهين پهرين گول ۾ وڃو. ملهن سان گڏ ويهڻ جا سخت قائدا ۽ قانون آهن. هو اوٻاسي به نه ڏيندو. تري کوڙي به نه ويهندو. اجايون سجايون هيڏانهن هوڏانهن جون خبرن به نه ڪندو. با اخلاق با فضيلت واري طريقي سان هو ملهن سان گڏ وڏي احترام ۽ ادب سان ويهندو. پهلوان سڀ کان اول ملاکڙي ۾ داخل ٿيندو ته نظير وسطڙي جي هن من موهيندڙ آواز ۾. ناظرين پهچي ويو: ملاکڙي ۾ ٺٽي جو رستم پهلوان بکر شيدي پنهنجي ڀاءُ شير شيدي سان گڏ. اڄ ملاکڙي ۾ بکر شيدي جو پيءُ پهلوان انب شيدي به ملاکڙي ۾ پنهنجي پٽن سان گڏ پهتو آهي. هر طرف جي نظر ايندڙ پهلوانن ۾ کٻي ويندي ۽ پهلوان ٻنهي هٿن سان ٻانهون ٻڌي سڀني ملاکڙي ۾ آيلن جو سلام ڪندو، گول اندر داخل ٿيڻ شرط سڀ کان اول پڙ جي سلامي ڏيندو. ناظرين سنڌ جو مشهور فنڪار الڻ فقير جهمريون هڻندو، ناچ ڪندو پهلوانن سان هٿ ملائي رهيو آهي. پهلوان بکر شيدي پڙ جي سلامي ڏئي رهيو آهي. پڙ جي سلامي ڇا هوندي آهي. پهلوان سڀ کان اول پنهنجو پير بوٽ کان ٻاهر ڪڍي وري بوٽ مٿان رکي اشهد آڱر، نڪ ۽ ڪنن تائين آڻي الله اڪبر چئي اهو چوندو، اي پروردگار منهنجا رب تو مون کي مولا مشڪل ڪشا عليءَ جي پهلوانيءَ مان ونڊ ڏئي ايتري عزت لائق بڻايو. الله مون کي هر برائي کان بچاءِ ۽ مون کي ايمان ڏي ته آءُ تڪبر ۽ غرور کان هٽي تنهنجي ان ڏنل پهلواني جو ڀرم رکان. الله اڪبر! پوءِ ايندو ميدان جي ٻئي گول دائري ۾ جنهنجو مون اڳ به ذڪر ڪيو آهي. اتي قميص لاهي پنهنجي اعلان ڪيل مد مقابل پهلوان کي سندرو ڏيندو. ان بعد مد مقابل پهلوان کيس پنهنجو سندرو ڏيندو. جنهن جي ڪنڊ ٻيو پهلوان جهلي وٺي چيلهه ۾ سندرو ٻڌاندا. پوءِ ٻنهي پهلوانن جي مقابلي ٿيڻ شرط سينيئر پهلوان کين هٿ وجهرائڻ ۾ مدد ڪندا. هٿ اڳيون ته پهلوان سولائي سان سندري ۾ وجهڻ ۾ ڪامياب ويندو پر پويون هٿ وجهرائڻ لاءِ هنن پهلوان کي پنهنجي پنهنجي پسند جي پهلوان کان وجهرائڻ جي اجازت هوندي آهي. پويون هٿ وڏي قابليت سان وجهرائڻ ۾ اهو پهلوان ان جي مدد ڪندو. اصل ۾ سندري جو پويون هٿ ڏاڍو اهم هوندو آهي. ان وٽيل سندري جي پوئين هٿ پوڻ سان پهلوان سُڪ ٿي ويندو آهي. ان کان پوءِ هو پنهنجي پنهنجي حساب سان داءُ ڪندا آهن. انهن مقابلن دوران سنڌ جي مڱڻهار فقيرن جي مخصوص ملاکڙي واري سهڻي وڄت، سهڻو آواز ملاکڙي ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو. اها وڄت اهڙي مهارت سان ڪئي ويندي آهي. جنهن جا گس ۽ پنڌ ڌار ڌار ۽ نرالا هوندا آهن. ملاکڙي شروع ٿيڻ کان اڳ پهلوانن جي پهچڻ کانپوءِ ملهه وڙهڻ دوران ۽ نالي واري ملهه جي کٽڻ يا ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ واري وڄت سبحان الله، روح کي فرحت پئي ايندي. دل باغ بهار ٿيو وڃي. ملاکڙي جي گول دائري ۾ ملاکڙو ڏسندڙ جو انداز به ڏاڍو خوبصورت هوندو آهي. اندر پهلوانن وارو ملهن وڙهڻ وارن پهلوانن جو گول ۽ ملهه ڏسندڙ شوقينن جو گول اڳيان پٽ تي ويٺل انهن پويان ڪن ڪن ملاکڙن ۾ رکيل ڪرسيون انهن پٺيان پيهي تي ملهه ڏسڻ وارن ماڻهن جو وڏو انگ هوندو آهي. اهي پويان لڳندڙ پيها جن کي پينهيون به چيو ويو آهي. خاص مهارت رکندڙ ڪاريگر ساون نرم ٻوڙن ۽ ڪاٺ سان وڏي مهارت سان ٺاهيندا آهن. انهن پيهن تي چڙهي ملهه ڏسڻ لاءِ ڪاٺ جون ڏاڪڙيون رکندا آهن. مٿي پيهي تي ويهي ملهه ڏسڻ جو وري پنهنجو مزو آهي. جن اهو مزو ورتو هوندو. انهن کي هيٺ ويهي ملهه ڏسڻ ۾ گهٽ مزو ايندو آهي. پيهي تي ويهي ملهه ڏسڻ جي مناسب ٽڪيٽ هوندي آهي. ڪامياب پهلوان مٿي پيهن تي چڙهي قد دانن کان انعام وٺي پوءِ وري هيٺ اچي انعام حاصل ڪن. ڪن ڪن حالتن ۾ پهلوانن کي هيٺ واري انعام کان مٿي پيهي تي گهڻو انعام ملندو آهي. ان ڪري جو هو پنهنجو زميني رابطو ڪٽي مٿي وارن جو پهلوان بڻجيو وڃي. اهو نظارو ڏاڍو سهڻو، وڻندڙ ۽ اکين جو ٺار هوندو آهي. پيها به گول دائري جي حساب سان هوندا آهن. ملهه ڏسندڙن ۾ وڏو انگ سنڌين جو هوندو آهي. جي سنڌي ٽوپي، پٽڪي سان اجرڪ کٿو/کيس چاپائين ڏاڙهي شهپرن سان پوڙها، ٻڍا، نوجوان ڏاڍا سهڻا لڳندا آهن. اهو سهڻو من موهيندڙ نظارو جنهن به ڏٺو هوندو. سو ته زندگي ڀر وساري نه سگهندو. ملاکڙي ڏسڻ لاءِ امير، وزير، سردار، مال جا واپاري، گهوڙن، اٺن جا شوقين، شاعر، فنڪار به اچي ملاکڙي ۾ حاضر ٿيندا. جنهن مان ڪن کي خاص مهمان جي حيثيت ۾ فرنٽ سيٽ ڏني ويندي آهي. اهي ئي ڪامياب ملهه کي پهريون انعام ڏيندا. ڪامياب ملهه به کٽڻ کان پوءِ پنهنجي مخصوص ملاکڙي واري لوڏ ۽ جهمر سان خوشي مان ٽپ ڏيندو انعام وٺڻ لاءِ ايندو، سندس هٿ ملهه کٽڻ کانپوءِ سندري ڍري ڪرڻ مان واندا ٿي ويندا. ان وچ ۾ هو ملاکڙي ۾ گول ڦري انعام حاصل ڪندو. انعام ڏيندڙ ته داد ڏيندو ئي ڏيندو پر جو انعام نه ڏيندو، اهو به پهلوان کي پنهنجي ڀرسان اچي واهه پهلوان واهه چئي هن کي داد ضرور ڏيندو. گهڻو ڪري ڪامياب پهلوان سڀ کان اول پنهنجي استاد کي پيرين پوندو. استاد به سندس پٺي ٺپي کيس داد ڏيندو. ملاکڙي جي ميدان ۾ ملهن جا ٽي جوڙ مقابلي لاءِ ايندا. سڀني کان اول ٽيون جوڙ ايندو ۽ ملاکڙي جي شروعات ٿيندي. ٽئين جوڙ کان پوءِ سڀني جوڙن جا پهلوان هڪٻئي جو سندرو ڇڪيندا. ان وچ ۾ پهرين جوڙ جا پهلوان به هڪ ٻئي کي سندرو ڏئي پوءِ ميدان ۾ ايندا. ٽئين جوڙ جا پهلوان وڙهڻ جا ڏاڍا تڪڙا هڪ منٽ به اجايو نه وڃائيندا. رٻڙ وانگر پيو سندن جسم هلندو. وڏن اڳيان ننڍن جو ائين تيز ميدان ۾ طاقت سان گڏ انگن اکرن جو استعمال فقط ۽ فقط ملهه ۽ ملاکڙي جي ميدان ۾ ٿيندو آهي. شوقين به ٽئين جوڙ جي اسرندڙ پهلوانن جو مقابلو وڏي دلچسپي ۽ ذوق سان ڏسندا آهن. هر پهلوان گهڻو ڪري ٽئين جوڙ کان، ٻئي جوڙ ۾ ۽ ٻين کان پهرين جوڙ ۾ پهچندو آهي. ان ڪري هر ملهه لاءِ نالي سان گڏ جوڙ ضرور هوندو آهي. مثلاََ َ: منير ڊکڻ، معشوق بگٽي، حمزو حجام، ٻئي جوڙ جا تمام ڀلا ملهه هئا، اڪثر ملهه ٽئين مان ٽپي ٻئين ۾ ته پهچن ٿا پر پهرين جوڙ ۾ نه پهچي سگهندا آهن. سنڌ جا ماڻهو ايڏا وڏا شوقين آهن. جو انهن جي باري ۾ اڳئي پنهنجي مضبوط راءِ رکيون ويٺا هوندا ته ٽئين جوڙ جو پهلوان جلد ٻئي جوڙ ۾ پهچندو ۽ ٻئي جوڙ جو پهلوان جلد پهرين جوڙ ۾ پهچندو. سنڌ جي ملهن ۾ ٻئي جوڙ کان جلد پهرين جوڙ ۾ پهچندڙ پهلوانن ۾ شير مير بحر، سيد سمن شاهه، غلام سرور جتوئي، غلام قادر لعاري، يڪو خاصخيلي، الهه جڙيو سمون، در محمد عالماڻي، دوست علي ولاڻو، جمعدار محمد رحيم ڪوهستاني، غوث بخش ڪلهوڙو، دادلو شيدي، محمد بخش بڙدي، محمود ڪوش، غلام حيدر بڙدي، قلب علي خان جتوئي، نبن جمالي، بکر شيدي، شير شيدي، ملان شيدي، نواز علي رند، محمد رمضان مير بحر (پاڏو)، شير گوپانگ، اسحاق مڱڻيجو، خدا بخش هالو، سومار عطار، عبدالقادر ميتلو جا نالا قابل ذڪر آهن. جن تمام جلد پهرين جوڙ ۾ پهچي ملهه جي دنيا ۾ وڏو نانءُ ڪمايو. سنڌ جي ميلن ۽ ملاکڙن تي سنڌي ادب ۾ فقط هڪ ڪتاب آهي. ”سنڌ جا ميلا ملاکڙا“ ڪتاب جو ليکڪ غير معروف اديب محمد عثمان ڀٽي آهي. جنهن پوري محبت ۽ عشق سان هي سانڊڻ جهڙو ڪتاب لکيو. جنهن ۾ ميلن ملاکڙن جو ذڪر تفصيلي طور ٿيل آهي. جنهن ۾ سنڌ جي نامور پهلوانن جو نه فقط ذڪر آهي پر انهن جون ناياب تصويرون به ڏنل آهن. ان سان گڏ ميلن ملاکڙن جون تاريخون به ذڪر ڪيل آهن. ان سان گڏ ڪتاب ۾ ملهن جي عروج ۽ زوال جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي. هي سانڊڻ جهڙو ڪتاب سنڌ نيشنل فائونڊيشن طرفان 1974ع ۾ ڇپائي پڌرو ٿيل آهي. سچ پچ ته سانڊڻ جهڙو ڪتاب آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملهه جي تاريخ مرتب ڪئي وڃي اهو ڪم ثقافت کاتو ڪري سگهي ٿو اڳئي هلي ثقافت جو هيءُ پاسو ختم ٿي سگهي ٿو.