سنڌ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ فائين اٽي جي نالي ۾ زهر

'صحت سرير جي' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ( محترم ايم ايچ پنهور جون لکڻيون انگريزي مان ترجمو ڪري آڻڻ جو مقصد هي آهي ته عوامي آواز جا پڙهندڙ توڙي سڄو جهانُ اسان جي ان قابل ۽ ماهر ڄاڻوءَ جي لکڻين مان فائدو حاصل ڪندو رهي. پڙهندڙن مان ڪنهن وٽ ڪهڙي به اهم لکت انگريزي ۾ هجي يا ان جي ائڊريس هجي ته اسان ڏانهن ڏياري موڪلي، ته جيئن اهي به سنڌي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري سگهجن. اسان کي پنهور صاحب جهڙي لائق سائنسدان جون لکڻيون پيش ڪندي خوشي ۽ فخر محسوس ٿئي ٿو. سنڌيڪار)

    گذريل ست هزار ورهين کان انسانذات ڪڻڪ ۽ ٻيا اناج اُپائي، فصلن تي وڌيڪ تحقيق ڪري، دنيا جي آبادي وڌڻ جي باوجود طاقتور غذا فراهم ڪري رهي آهي. پر اڄ دنيا ۾ موجود حالت کي پرکڻ جي گهرج آهي. انسانذات جي سموري تاريخ ۾ ڪڻڪ اڪيلو اناج آهي، جنهن ۾ وٽامن، منرلز، ڇاڻ يا ڦوڳ (Lignin) ۽ ٻيون شيون موجود آهن. ان ۾ وٽامن ”بي“ (B) ۽ وٽامن اي (E) موجود آهي. وٽامن اي جسم ۾ موجود گهرڙن جي طاقت وڌائي ٿي، توڙي ڪمزور گهرڙن جي مرمت جو ڪم ڪري ٿي، جنهن ڪري سرطان جا اثر گهٽجن ٿا. ان جو ڦوڳ وڏي آنڊي ۾ گرمي کي گهٽائي ۽ جسم ۾ پيدا ٿيندڙ سمورا زهر بي اثر بڻائي ٿو. ڇاڻ يا ڦوڳ ڪاري يا ناسي رنگ جو هوندو آهي.

    فلور ملن مان تيار ٿيندڙ زهر:

    [​IMG]پر فلور ملون ڪڻڪ مان اهو ڇاڻ ڪڍي اڇو اٽو ٺاهين ٿيون، ڇاڻ يا ڦوڳ نه هجڻ ڪري اهي اڇي رنگ جون ڊبل روٽيون جيڪي اسان “صاف” سمجهي استعال ڪريون ٿا، اصل ۾ ان ڇاڻ يا ڦوڳ نه هجڻ ڪري اهي رڳو 72 ڪلاڪن اندر ئي کائي سگهجن ٿيون، پر جي ان ۾ اهو ڇاڻ موجود هجي ته ان جي ڄمار وڌي وڃي ٿي. فلور مل ۾ تيار ٿيندڙ اهي ڊبل روٽيون جن جي ڄمار ئي 72 ڪلاڪ هجي ٿي، اها اسٽور يا دڪان تي ئي 72 ڪلاڪن ۾ پهچي ٿي. جنهن ڪري اها پاروٿي ٿيڻ جي ڪري انساني جسم ۾ زهر جو مقدار وڌائي ٿي.

    سو، اڇو اٽو يا ان وانگر ٻيون بيڪري جون شيون بنا ڇاڻ هجڻ ڪري ڪڻڪ جي طاقت کان خالي هونديون آهن. ان ۾ رڳو نشاستو يا (Endo sperm) هوندو آهي جنهن مان توانائي جو هڪ حصو ملي ٿو. فلور ملز بچي ويل ڇاڻ يا ڦوڳ ( بوسو) ڳئن، مينهن، ٻڪرين، گهوڙن ۽ ٻين جانورن جي چاري ۾ استعمال ڪن ٿا. جڏهن ته اسٽور جي خانن ۾ جيڪو بنا ڇاڻ اٽو هفتن جا هفتا وڪرو ٿئي ٿو اهو 72 ڪلاڪن ۾ ئي پنهنجي هئيت تبديل ڪري نقصانڪار ٿيڻ شروع ڪري ٿو.

    پراڻي زماني ۾ ڳوٺن جون عورتون فجر جو ڪُڪڙن يا مُلان جي ٻانگن کان اڳ ئي جنڊ تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اٽو پيهنديون هيون ۽ اهو هٿ سان پيٺل اٽو گهرن ۾ساڳئي وقت استعمال ڪيو ويندو هيو.

    سنڌ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ زهر جي مارڪيٽنگ:

    اسان ۾ هڪڙي ڳالهه اها پيدا ٿي ته “ هي زمانو جنڊ پيهڻ جو ناهي” ان ڪري اسان ڊيزل انجڻ جي مدد سان ڪڻڪ پيهڻ کي ٻطرفو زهريلو ۽ نقصانڪار بڻائي ڇڏيو. هڪ پاسي ان مان ڇاڻ ڪڍي ان ڪڻڪ کي بي سَتو ڪري ڇڏيو ۽ وري ڊيزل ان سان گڏ هلندي رهي، جنهن جا ذرا اٽي ۾ ملندا ويا. اهڙي طرح ڏکڻ ايشيا ۽ سنڌ ۾ زهر پکيڙڻ جو هڪ نئون رواج پيدا ڪيو ويو.

    گذريل ڪجهه ورهين کان خوراڪ ۽ صحت جي ڳانڍاپي ۽ اثرن تي ڳچ لکيو ويو آهي. دل جون ڪيئي بيماريون خوراڪ جي ڪري پيدا ٿين ٿيون. پتي ۽ گڙدن ۾ پٿرين جو ڪارڻ به خوراڪ ئي آهي. بلڊ پريشر، وڌ-شگر ۽ گهٽ-شگر، ٿولهه، ڏندن جي بيمارين، قبضي، بدهضمي، موڪا، مختلف سرطان، نظر خراب ٿيڻ، سستي، گيسر ۽ جسم جي بچاءَ جي سرشتي جو ڪمزور ٿيڻ جي ڪري ليس زڪام ٿيڻ کانسواءِ جسم ۽ دماغ جي اهم ڪمن تي خوراڪ ئي اثرانداز ٿئي ٿي.

    اسان جيڪي شهرن ۾ رهون ٿا سي “بهتر خوراڪ” جي نالي ۾ “بدتر خوراڪ” استعمال ڪريون ٿا. اسان منجهان گهڻ کي خبر ئي ڪانهي ۽ جن کي خبر به آهي ته اهي وري ان پاسي لاپرواهه ٿيا ويٺا آهن.

    مان نه ڪڻڪ کائيندو آهيان ۽ نه کائي سگهندو آهيان. منهنجي پيٽ ۾ الرجي پيدا ٿي هئي جنهن ڪري ڪڻڪ ۾ موجود گليوٽن مون سان وڙهندي هئي. اها الرجي بنهه ٿورڙن ماڻهن کي ٿيندي آهي. مونکي آميريڪا ۾ ڊاڪٽر سر فرانسس آوري صلاح ڏيندي چيو هيو ته “ تون ڪڻڪ بدران پالش نه ٿيل چانور کاءُ” هن چيو هيو ته چانور پالش ٿيڻ سان ان مان ڪيئي اثر نڪري وڃن ٿا. مان 1964ع کان ان تي باقاعدي عمل ڪندو آهيان.

    ڪجهه عادتون مٽائڻ بابت:

    ڇا ان ڳالهه جو وقت نه اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي کاڌ خوراڪ جي سمورن پاسن کي جانچيون ۽ جتي جتي کائڻ جي عادتن ۾ تبديلين جي گهرج هجي اهي تبديليون ڪريون. “جيءُ خوش ته جهان خوش” وانگر جي جيءَ ۾ مزو ڪونهي ته نه فيملي سان خوش هونداسين نه دنيا مان لاڀ وٺي سگهنداسين. انهن عادتن جي بدليءَ سان اسان وري نئوبنا ٿي سگهنداسين. جيڪي نقصان ڪري ويٺا آهيون سي پورا ڪري سگهنداسين. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان وري دنيا ۾ موٽي نه اينداسين. پر پنهنجي جيئري جسم جي ٿيل نقصانن جي پورائي جو وقت ته مليل آهي. فضول خرچي سان گهڻو ۽ خراب کائڻ بدران بهتر پر ٿورو کائڻ کان وڏو عقل جو ڪم ٻيو ڪونهي.

    ڪئنسر يا سرطان جي باري ۾:

    ڪئنسر يا سرطان مختلف عضون ۾ ٿي سگهي ٿو. اهو ڪنهن به وقت، ڪنهن کي به ۽ ڪهڙي به علائقي ۾ ٿي سگهي ٿو. اها وڏي ڄمار ۾ ٿيندڙ بيماري ناهي. ان جو انجام اڪثر موت آهي. پر سرطان کي سمجهڻ وسيلي ان جي خطرن کي ڄاڻڻ سان ڪيئي خطرا ٽاري سگهجن ٿا. سرطان انساني جسم ۾ “بيمار” گهرڙن جي بيماري آهي. اهي بيمار گهرڙا يا Cell جسم جي باقاعدي ٿيندڙ سرگرمي سان گڏ هلي نه ٿا سگهن ۽ جتي هجن ٿا اتي پنهنجي ڊيگهه ويڪر وڌائيندا رهن ٿا.

    اچو ته سرطان جي هڪ نموني کي ڏسئون. انساني جسم ۾ موجود وڏو آنڊو سمورن عضون جي خراب مادن جي گڏ ٿيڻ جي جڳهه آهي. ڦڦڙ، جيرو، لبلبو، پتو ۽ بڪيون ان وڏي آنڊي سان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڳنڍيل آهن. انهن جي ننڍڙين نلڪين مان خراب ۽ زهريليون رطوبتون نيڪال ٿيڻ لاءِ اتي پهچن ٿيون.

    مشينن ۾ صاف ٿيل اڇو اٽو، کنڊ وغيره ۾ لڳ لڳدار مادو هجڻ ڪري اهي آنڊي جي اندرين ڀتين سان چنبڙي پوي ٿو ۽ هاضمي ۾ دير ڪري ٿو. انهن ڀتين تي اهو چنبڙيل مادو آهستي آهستي نرم مان سخت ٿي آنڊي جي بناوٽ ۽ سرگرمي کي تيزيءَ سان متاثر ڪري ٿو، جنهنڪري جسم مان زهريلا مادا ۽ خراب رطوبتون نيڪال نه ٿيون ٿين. اهي زهر وري جسم ڏانهن موٽ کائين ٿا ( جيئن سنڌوءَ ۾ پاڻي جي وهڪري نه هجڻ ڪري سم جو زهر واپس سنڌودرياءَ ۾ واپس اچي ٺٽي جي زمينن کي تباهه ڪري رهيو آهي: سنڌيڪار) انهن زهريلن مادن جي جسم جي مختلف عضون ڏانهن موٽ ٿيڻ جي ڪري هڪ اڌ عضوو تيزيءَ سان متاثر ٿئي ٿو. جنهن ڪري انهن عضون جا گهرڙا اول ڪمزور ۽ پوءِ بيمار ٿي سرطان ۾ تبديل ٿين ٿا. ان حالت ۾ خرابي تڏهن وڌي وڃي ٿي جڏهن اسان گوشت واپرايون ٿا، جيڪو مختلف ڪيمائي مادن وسيلي مارڪيٽ ۾ تازو لکيل هوندو آهي پر جسم ۾ موجود بيمار گهرڙا ان جو ٻوجهه سهي نه سگهندا آهن ۽ مري ويل گهرڙا سرطان جي رفتار وڌائي ڇڏيندا آهن.

    قاعدي موجب جنهن مهل ڪنهن کي خبر پوي ٿي يا احساس ٿئي ٿو ته کيس سرطان آهي ته جنهن حالت ۾ اها خبر کيس پوندي آهي اها حالت ان کان اڳ ڪيترن ورهين کان جاري هوندي ۽ جسم ۾ سرطان جا گهڙرا پنهنجي ڪم سان لڳا پيا هوندا. اهڙي حالت ۾ ڪڻڪ جا داڻا يا وٽامن جي شيشي جلد ۾ ڪجهه نه ڪري سگهندا. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪڻڪ خوراڪ آهي علاج ناهي. وٽامنز وري خوراڪ کي سگهارو ڪندڙ آهن. ڪڻڪ جسم کي سگهارو، مضبوط ۽ صاف رکي ٿي ۽ بدن ۾ گهرڙن جي مرڻ جي رفتار کي گهٽائي ٿي. ان ڪري مستقل بنيادن تي اهي تبديليون ڪرڻ جي گهرج آهي. انهن عادتن جي بدلجڻ سان جسم تي جيڪي هاڪاري اثر پوندا اهي پڻ ڪجهه وقت وٺندا. پر جي سرطان پنهنجي اڳين ڏاڪي تي پهچي ويو آهي ته پوءِ جسم تي هاڪاري اثر پڻ گهٽ پوندا. پر جي اها خوراڪ شروع ڪجي ته سرطان جي رفتار ۾ گهتٽائي آڻي سگهجي ٿي. ڪجهه خاص حالتن ۾ اهڙي خوراڪ سان جسم اندر زهرات جي صفائي پڻ تيز ٿي سگهي ٿي.

    سرطان بابت ڪجهه مريضن جون ڳالهيون:

    آميريڪا ۾ ڪجهه ماڻهن کي آنڊي جو سرطان ٿيو. ڊاڪٽرن کين باقي عمر پنج ورهائي ٻڌائي. انهن مريضن ڇا ڪيو جو آنڊي ۾ موجود سخت ٿيل زهريلن مادن کي نيڪال ڪرڻ لاءِ علاج شروع ڪيو. کين خبر هئي تي وٽامن اي ڪڻڪ جي ڇاڻ يا تيل مان ٺهي ٿي. هڪ مريض ان پيهڻ جي پراڻي طريقي ڏانهن موٽيو. اسان وٽ اهو طريقو پنجاهه ورهيه اڳ هر گهر ۾ هيو. جنڊ پيٺل اٽي واپرائڻ سان اهو مريض 20 سال جيئرو رهيو. پاڪستان ۾ جيڪو “فائين آٽا“ جي نالي سان اڇو اٽو ملي ٿو ان جي واپرائن سان سرطان جو امڪان وڌي رهيو آهي. پاڪستان ۾ آنڊي جي سرطان ۾ واڌارو اچي رهيو آهي، جنهن جو سبب اڻ ڇاڻيل اٽي بدران فائين اٽو کائڻ آهي.

    پٿر جو جنڊ ۽ جديد مشيني ٽيڪنالاجي:

    اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته ڦيٿي جي ايجاد (1700 کان 1000 ق م) کانپوءِ جنڊ وجود ۾ آيو هوندو. ان ۾ ٻه پُڙ ٿين ٿا. هيٺيون پٿر جو حصو مقرر هنڌ تي يبٺل هوندو آهي جڏهن ته مٿئين حصي ۾ مرڪز تي سوراخ ۽ پاسي ۾ جنڊ هلائڻ لاءِ ڳنُ پيل هوندو آهي. گهرن ۾ عورتون آهستي آهستي جنڊ هلائينديون هيون، پٿرن جي گرمي پد به نه وڌنڌو هيو، جنهن ڪري ڪڻڪ جو ڇاڻ توڙي ان جون وٽامنز زيان نه ٿينديون هيون. جيڪو اٽو پيهبو هيو اهي 15 ڪلاڪن اندر کاڄي ويندو هيو، جنهن ڪري ڪڻڪ يا ان مان ٺهيل اٽو تازو ۽ صحت بخش هوندو هيو. اسان جي ڪلچر ۾ سنهو اٽو رڳو سَيون ٺاهڻ لاءِ ڪتب آڻبو هيو. مشيني ٽيڪنالاجي هڪ پاسي ڇاڻ کي الڳ ڪري، ٻئي پاسي گليوٽن الڳ ڪري ٽئين پاسي ان مان نڪرندڙ نشاستو گرم مشينن تي سنهو پيهي ان جو الهه تلهه وڃائي پيش ڪن ٿا.

    جديد فلور ملون:

    پهرين ۽ ٻين مهاڀاري لڙاين جي وچ واري عرصي ۾ ( 1915ع کان 1939ع) يورپي فلور ملون ڏکڻ ايشيا ۽ اسان جي پاسي پهتيون. اهي ڊيزل تي هلنديون هيون. انهن جا ٻه قسم هيا. هڪڙيون پٿر جي چڪين سان ۽ ٻيون فولاد جي پُڙن سان اٽو پيهنديون هيون. پر ٻنهي جي پيهڻ جو طريقوساڳيو هيو. اهي ٻئي شديد پريشر پيدا ڪري پوءِ اٽو پيهنديون آهن. جنهن سان اٽي جي پيسائي ۽ رفتار وڌي ويندي هئي. ان ۾ گرمي 180 ڊگري فيرن هائيٽ پيدا ٿيندي آهي. جنهن ڪري ڪڻڪ ۾ موجود گهم اڏامي ويندي آهي، ڪڻڪ جو وزن 2.5 سيڪڙو گهٽجي ويندو آهي، جڏهن اٽو پيهجي ٻاهر نڪرندو آهي ته اهو گرم هجڻ ڪري هٿ لاهڻ جهڙو به نه هوندو آهي. ان ۾ وٽامنز ڪيئن بچنديون، اٽي جو ڇاڻ به سنهو ٿي پيهجي ويو ته ڪڻڪ جي طاقت ڪيئن بچندي. آئون جڏهن ڪڻڪ استعمال ڪندو هيس ته بنا دير چڪي ۽ جنڊ جي پيٺل مانيءَ جو فرق محسوس ڪري سگهندو هيس.

    اسان جي ڳوٺ ۾ چڪي لڳائي وئي:

    1933ع ۾ اسان جي ڳوٺ ڀرسان اٽي پيهڻ جي چڪي لڳائي وئي. عورتون ٻارن ۽ مردن سان وڙهي ڪڻڪ ڏئي کين چڪيءَ تان ان پيهائڻ لاءِ موڪلينديون هيون. ڪجهه ماڻهو اٽي جي سنهي هجڻ ۽ بهتر نظر اچڻ ڪري ان جي ساراهه ڪرڻ لڳا، پر ٿوري وقت اندر پيٽ جون بيماريون ۽ هاضمي جي شڪايت پيدا ٿيڻ شروع ٿي. جن کي سور پيو سي مشين جي پيسائي جا مخالف ٿيا ۽ جن کي سور نه پيو سي وري انهن کي “ڄٽ” ۽ جديد ترقيءَ جو دشمن سمجهڻ لڳا. انهن جي اڪثريت وري عورتن جي جنڊ پيهڻ کي وڏو ظلم سمجهڻ لڳي. عورتن به جنڊ پيهڻ ڇڏي ڏنو، هاڻي ڪڏهن ڪڏهن اهي جنڊ دالين ۽ مصالحن جي پيسائي لاءِ ڪتب اچڻ لڳا.

    مسئلي جو حل:

    مختلف ڪمپنين پاران Grinder ننڍيون پيهڻ جون مشينون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي آهستي آهستي اناج کي پيهن ٿيون. ان سان ڪڻڪ جون سموريون خاصيتون بچيل رهن ٿيون. اهي گرمي به خارج نه ٿا ڪن. جي اسان جنڊ پيهي نه ٿا سگهئون ته ننڍيون ننڍيون مشينون استعمال ڪري فلور ملز جي اڻ ڏٺل طريقن مان نجات حاصل ڪري سگهئون ٿا. اڇي اٽي مان جان ڇڏائي سگهئون ٿا ۽ پاڻ کي صحتمند رکي سگهئون ٿا.

    ( حوالو: اصل مضمون Wheat a Wonderful grain which we have converted into deadly poisonجو سنڌي ترجمو)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    تمام ڪارائتو مضمون آهي بهترين
     
  3. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    ادا تمام بهترين ڪاوش آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو