رات جا ڊريڪولا ۽ سنڌ جو چيف ايگزيڪيوٽو صاحب

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سنڌ ۾، سنڌ جي وڏي پايي جي عالم سياستدان جناب ڊاڪٽر خالد مۡحمود سومرو جي شهادت سان گڏ ، سنڌ جا معصوم جوان ڳڀرو جوان ، کنڀي پنهنجي ” آدم خور وحشت “ جو مظاهرو ۽ انسانيت تي رت تي تسڪين وٺندڙ ادارن جا فرد ، رات جا ڊريڪولا آهن .
    ڪافي ڏينهن کان مسلسل اهڙن دل جھيڙيندڙ ، پرتشدد وارداتون ڪنهن به انصاف واري رياست کي زيب نه پيون ڏين ، جٿي اهو ورد ڪيو وڃي ته ڪورٽون آزاد آهن ۽ اسين اڇا پاڪستان جا اتحادي ، پنهنجي جائز حق سان رهندڙ ٿيا هئاسين .
    اڃ انهيء جمهوري اسلامي ملڪ جو وزير اعظم صاحب ڪراچيء ۾ ايڪسپو سينٽر تي افتتاح تي پهتا ، انهيء کان سنڌ ۾ چچريل لاشن ملڻ تي ڪنهن صحافيء وزير اعظم کان سوال ڪيو يا نه ؟ وازير اعظم جي سنڌ طرفان سموري خاطر تواضع گورنر سنڌ ڊاڪتر عشرت العباد ڪئي پئي
    سنڌ پاڪستان ۾چچريل لاشن اڇلڻ جي ڳالھ صحافين جڏهن ، وفاقي وزير اطلاعات جناب پرويز رشيد کان سوال ڪيو ويو ته انهيء چيو ته اهو صوبائي حڪومت جو مسئلو آهي
    اهو ساڳيو سوال جڏهن دفاعي وفاقي وزير جناب عبدالقادر بلوچ کان سنڌ چچريل لاشن اڇلڻ جو سوال پڇيو ويو ته انهيء به ساڳيو جواب ڏيندي چيو ته “ صوبائي حڪومت چانچ ڪري ته اهو ڇو ٿي رهيو آهي
    صوبائي حڪومت جو چيف ايگزيڪيوٽو سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاه ، پاڻ کان مٿانهن ۽ وڏن مهربانن جي حاضريء تي لاهور ۾ ترسيل آهي ، بلاول هائوس لاهور سنڌ جي پئسن تي وڌڪ ٺاهڻ لاء دل جا خزانا کولي ، داد دربار جي مزارن جي حاضري ڏئي رهيو آهي
    پوء انهيء کي انهن معصوم شهادتن ۾ پاڻ ته ملوث ناهي ؟
    ڇا سندس صحت ۽ وازات عظمي جو راز
    انهن معصومن جو خون ته ناهي جيڪي رات جا ڊريڪولا هن گڏ ڪري کيس اهو خون پيارين ٿا يا کيس خون ۾ وهنجارين ٿا
    ڇو نٿو ڳالهائي
    ڇو نٿو انهيء ظلم جي خلاف ٻاهر روڊ تي نڪري اچي ، جيڪڏهن هن کان اهي شهادتون روڪجي نٿيون سگھن ته پوء ااهتجاج ڪري واضح ڇو نٿو ڪري اهي ” ڊريڪولا “ صفت سنڌ ۾ ڪير آهن ۽ ڪٿان کان موڪيا ويا آهن ۽ توهان انهن کلي ڇوٽ ڇو ته ڏئي ڇڏي آهي ؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو