خاموش انسان پاڻيء جي گهرائيء وانگر هوندا آهن! خاموشي خود هڪ راز آهي ۽ هر صاحب اسرار خاموش هوندو آهي! اسان جي زندگيء جو اڪثر حصو خاموشيء ۾ گذري ويندو آهي! ڏينهن جو محنت ۽ مزدوري ڪندڙ انسان رات جو خاموش، بازارون خاموش، پکي ۽ پرندا خاموش جهڙوڪ آوازن جي رستن کي روڪيو ويو هجي ۽ چپن تي چُپ جا تالا لڳي ويندا آهن! فطرت جر ڪرشما خاموشيء سان جلوه گر هوندا آهن!