• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي سست ٿيندڙ ڪمپيوٽر ۾ جان وجهو

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
سست ٿيندڙ سسٽم ۾ جان وجهڻ لاءِ هميشه ڪنهن سٺي ۽ ڪارآمد سافٽويئر جي ضرورت پوندي آهي.. ان لاءِ منهنجي هميشه ڪوشش رهندي ته توهان لاءِ ڪو نئون ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ سافٽويئر پيش ڪريان.. ان سلسلي ۾ هن دفعي مان کڻي آيو آهيان هڪ اهڙو سافٽويئر جيڪو هن وقت تائين ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ دفعا ڊائونلوڊ ڪيو ويو آهي.. ڇو ته هي سائيز ۾ هلڪو ۽ رفتار ۾ تيز آهي.. هي آهي وائي اي سي (YAC Cleaner) ...

index-pic.jpg

اهڙا پروگرام گهٽ ئي ملندا آهن جيڪي هڪ ئي وقت اينٽي وائرس به هجن ته سسٽم جي صفائي سٿرائي به ڪندڙ هجن.. وائي اي سي جي اها خاص خصوصيت آهي ته هي نه رڳو سسٽم کي وائرس ۽ مال ويئر کان محفوظ رکندو آهي پر هي سسٽم لاءِ هڪ ڪلينر طور پڻ ڪم ڪندو آهي..

هن جي خوبين ۾ شامل آهن..

  • هي پروگرام سسٽم مان فالتو فائيلز کي ڊيليٽ ڪري ڊسڪ جي خالي اسپيس کي وڌائيندو آهي..
  • سسٽم کي ڪريش ۽ هينگ ٿيڻ کان بچائيندو آهي.. ۽ ان جي رفتار کي مستحڪم ۽ برقرار رکندو آهي..
  • سسٽم تي انسٽال ٿيل ڊرائيورز کي اپڊيٽ رکندو آهي..
  • سسٽم جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪندڙ ايررز جي نشاندهي ڪندي انهن کي ٺيڪ ڪندو آهي..
  • هي توهان جي برائوزر تي نظر رکندو آهي ته ڪاٿي ڪو جاسوسي جي ڪوشش ته نه پيو ڪري...
  • برائوزر ڪيشي ۽ هسٽري کي ڊيليٽ ڪري توهان جي پرائيوسي کي يقيني بڻائيندو آهي...
  • برائوزر ۾ موجود غير ضروري ۽ مشڪوڪ پلگ انز کي بلاڪ ڪري ڇڏيندو آهي..
  • سسٽم ۾ داخل ٿيندڙ مال ويئرز کي تڪڙو سڃاڻي پڪڙڻ جي صلاحيت رکندو آهي..
  • مال ويئر جون فائلز ان ڪري ڊيليٽ نه ٿينديون آهن جو انهن جو پروسيس هلندڙ هوندو آهي.. هي سافٽويئر انهن جي پروسيس کي ختم ڪندي ڊيليٽ ڪري وٺندو آهي..
ڇا توهان اڃان به ڊائونلوڊنگ ڪرڻ لاءِ انتظار ڪندو..؟ :)

http://www.yac.mx/
 
Back
Top