جڏهن دار تي سولي سجائي پي وئي جڏهن جلاد جا هٿ ڪنبڻ شروع ٿيا هئا جڏهن ڊسمبر جي سرد راتين ۾ هن جو پگھر وهڻ شروع پي ٿيو جڏهن جنرل جي چهرن تي مايوسي جا ڪڪر ڇانيل هئا جڏهن تنهنجو ڏٻرو جسم زخمن سان چور هو جڏهن تنهنجي وات وائي هئي عشق زنده باد انقلاب زنده باد جڏهن سپاهين تنهنجي زخمي جسم کي دار تي وٺي آيا جڏهن توکي ڏسي جلاد پشيمان پي ٿيو جڏهن توکان پڇيو پي ويو ته آخري خواهش ڪهڙي اٿئي جڏهن تو چيو هو منهنجو هي نياپو ديس واسين کي ڏجو متان موت منهنجي جي مٿان اوڇنگارون ڏيو متان اوهان مايوس ٿيو اي ديس واسيو جيڪا لاٽ پاڻ ٻاري هئي ان کي اجهائڻ نه ڏجو ان لاٽ کي ٻاري رکجو ۽ امڙ کي اهو پيغام ڏجو امڙ منهنجي متان مايوس ٿي هي ديس واسي تنهنجو اولاد آهي هي منهنجا سڀ انقلابي دوست تنهنجا پٽ آهن جڏهن جلاد ڦاھي ڏني هئي ۽ مان اهي آخري لفظ ٻڌا هئا انقلاب زنده باد انقلاب زندو باد انقلاب زنده باد