سوري آهي سينگار اصل عاشق جو مڙڻ موٽڻ مهڻو ٿيا نظاري نروار ڪسڻ جو قرار اصل عاشقن کي لطيف سرڪار عاشق سدائين ڪٺا ويا آهن ڪڏهن گھاڻي ۾ پيڙاهايو ويو آهي ڪڏهن سولي تي چاڙهيو ويو آهي ڪڏهن سنگسار ٿي ڪيو ويو آهي ڪڏهن جيئرو ساڙيو ويو آهي ڪڏهن زهر پياريو ويو آهي ڪڏهن قيد خانن ۾ ماريو ويو آهي ڪڏهن ڪنهن روپ ۾ ته ڪڏهن ڪنهن روپ ۾ پر تاريخ گواھ آهي ته عاشق ڪڏهن پنهنجو رستو نه مٽايو آهي نه جلاد پنهنجي روايت کي وساريو آهي