ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ در کڙڪيو اندران آواز آيو ڪير ؟ جواب مليو آزادي ڇو آئين آهين ؟ وطن غلام آهي ان جي ڪري در در پي ڀٽڪان ته هلي غلامي مان جند آجي ڪرائين هنڃر توکي ڇا کپي ؟ مونکي هڪ فرد کپي نياڻي هجي يا پٽ امڙ پنهنجي ٻچن ڏي واپس ٿي اچي جتي 3 نياڻيون ۽ 2 پٽ ويٺل آهن چوي ٿي در تي آزادي آئي آهي چوي ٿي وطن غلام آهي ان غلامي مان جان آجي ڪرائڻ جي لاء هڪ فرد کپي ڪير ويندو وطن جي غلامي مان جند آجي ڪرائڻ سڀ ڪو سيني تي هٿ ٿو هڻي مان ويندس مان ويندس پنهنجي ڌرتي کي آزاد ڪرائڻ مان ويندس ماء واپس اچي ٿي جواب ٿي ڏي ته منهنجو سڀ اولاد توسان گڏ هلڻ جي جا لاء تيار آهي ڪير کپي توکي هاڻي ؟ آزادي چوي ٿي ته هڪ پٽ ڏي ۽ ڌي جي نالي چويس ٿي ته ان کي به تيار ڪر ضرورت پئي ته وٺي ويندس ان کي به مان پٽ کي در تي وٺي ٿي اچي در تائين آزادي کي ڏيئي ٿي وري بيهاري ٿي ته پٽ بيھ مهندي هڻان تنهنجي هٿن تي متان اها آس اندر ۾ رهجي ونڃيم پٽ کي مهندي ٿي هڻي پيار ٿي ڪريس چويس ٿي جنهن ڏينهن ميدان مان موٽي آئين ان ڏينهن تون منهنجو پٽ ناهين اگر تون شهيد به ٿي آئين ته مان پنهنجي ڌيء کي به شهادت لاء موڪليندس پر ميدان تان ائين نه موٽجان پٽ سان ماء موڪلائي ٿي آزادي هن کي وٺي ٿي ونڃي ........................
آزادي کي ته الاهي ڪيتريون صديون گذري چڪيون آهن اسان وٽ ايندي هر هڪ فرد جا در کڙڪائي ٿي پئي هر هڪ کي پنهنجي باري ۾ ٻڌائي ٿي پئي ،،پر افسوس جو اسين انڌا ٻوڙا ۽ گونگا ٿي چُڪا آهيون.
جڏهن جهرڪيون گهرڙا جوڙينديو بندوقن جي ڪنداقن ۾ هن توپ وڏي جي ناليءَ ۾ ۽ زندانن جي برجن ۾ جڏهن ماڻهو مٽيءَ کي چمندا ڌرتيءَ کي جيجل ماءُ چئي پاڻيءَ جو آڌرڀاءُ ڪندا سج کي چوندا تون ڏيهن جو ڏاتار آهين تون سونهن تون سرجڻهار آهين تڏهن آزادي ماڻينداسين تڏهن آزادي ماڻينداسين.