ڏنــــدَ ڪَــــٿا... امر جليل يوناني ديوتا، يوناني ڏند ڪٿائن جو اسان جي حقيقتن سان مقابلو ڪري رهيو هو ۽ ذري گھٽ وائڙو ٿي رهيو هو. يوناني ديوتا چيو، “حقيقتن ۽ ڏند ڪٿائن ۾ وڏو فرق آهي پر توهان جي حقيقتن يوناني ڏند ڪٿائن جا ڏند ڀڃي چڏيا آهن.” چيم، “اسان وٽ اهڙا اهڙا ته ٻهروپيا اجگر آهن، جو يوناني ديوتائن کي ڏند ڪٿائن سميت جيڪر جيئري اُڳري ڇڏين.” يوناني ديوتا وراڻيو، “باقي هڪ ڏند ڪٿا رهجي وئي آهي، جيڪا توکي نه ٻڌائي اٿم.” “ٻڌاءِ.” چيم، “ان ڏند ڪٿا جي مقابلي ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ڪا نه ڪا مناسب حقيقت اسان وٽ ضرور موجود هوندي.” “سراسر ناممڪن” يوناني ديوتا چيو، “ان ڏند ڪٿا جي مقابلي ۾ بيان ڪرڻ لاءِ اوهان وٽ ڪا به حقيقت نه هوندي.” “تون ٻڌاءِ ته سهي ديوتا” چيم، “تنهنجي آخري ڏند ڪٿا به اسان جي حقيقت کان مات کائيندي.” يوناني ديوتا مون ڏانهن ڏسي، کليو، هن ڏند ڪٿا ٻڌائڻ شروع ڪئي. “يونان ۾ فونيڪس نالي هڪ پکي هوندو هو، هنس کان وڏو، ۽ وڌيڪ سهڻو. ڪنهن ڳالهه تان يوناني ديوتا فونيڪس کان ناراض ٿي پيا. هنن کيس مسلسل عذاب ۾ چيچلائڻ جي سزا ۽ بددعا ڏني پوءِ ٿيو ايئن، جو جڏهن به فونيڪس پکي اڏامندو هو، پرواز جي آواز سان کيس باهه وڪوڙي ويندي هئي ۽ هو اک ڇنڀ ۾ سڙي رک ٿي ويندو هو. بددعا مطابق پنهنجي رک مان فونيڪس ٻيهر جنم وٺندو هو. نئون جنم وٺي اڏامندو هو ۽ پرواز جي آواز سان باهه ۾ وڪوڙجي سڙي رک ٿي ويندو هو. پنهنجي رک مان هو ٻيهر جنم وٺندو هو ۽ سهڻا پر پکيڙي وري اڏامندو هو، اڏامڻ شرط کيس باهه وڪوڙي ويندي هئي ۽ هو سڙي رک ٿي ويندو هو. پنهنجي پرواز جي آواز سان سڙي رک ٿي وڃڻ ۽ رک مان ٻيهر جنم وٺي اڏامڻ شرط سڙي رک ٿي وڃڻ جو عذاب فونيڪس لاءِ صدين تائين هلندو آيو.” ڏند ڪٿا ٻڌائڻ کانپوءِ فخر سان يوناني ديوتا مون ڏانهن ڏٺو. منهنجي چپن تي مرڪ ڏسي پڇيائين، “ڇو؟ کلين ڇو ٿو؟ جواب ڏي...” چيم، “جواب ڏيڻ بدران مان توکي اهو منظر ڏيکاريندس جنهن جي آڏو فونيڪس واري ڏند ڪٿا توکي هيچ نظر ايندي.” ۽ پوءِ مون کيس اهو منظر ڏيکاريو. هڪ نوجوان جا هٿ پير زنجيرن ۾ جڪڙيل هئا ۽ زنجير بڙ جي ٿڙ سان ٻڌل هئا. نوجوان جو وات سبيل هو، ڪنن تي تاڪيون چڙهيل هئس. سندس ٻئي اکيون نڪتل هيون، جن مان رت ٽمي رهيو هو. نوجوان جي اکين مان ٽمندڙ رت جڏهن ڌرتي کي ڇُهيو، تڏهن بي نور اکين ۾ نور موٽي آيو ۽ حال کان مستقبل ۾ نهارڻ جهڙو ٿي پيو. تڏهن اوچتو، بڙ جي ٿڙ پويان هڪ ڄامڙو ٽهڪ ڏيندو نڪري آيو ۽ خنجر جي چهنب سان نوجوان جون اکيون ڪڍي، وري وڃي بڙ جي پٺيان لڪيو، نوجوان جي اکين مان رت وهڻ لڳو، وهندڙ رت جڏهن ڏرتي کي چُميو، تڏهن نوجوان جي بي نور اکين ۾ نور موٽي آيو ۽ هو وري حال کان مستقبل ۾ نهارڻ جهڙو ٿي پيو. تڏهن، اوچتو ڄامڙو ٽهڪ ڏيندو بڙ جي ٿڙ پٺيان نڪري آيو، خنجر جي چهنب سان نوجوان جون اکيون ڪڍي وري وڃي ٿڙ جي پويان لڪيو. يوناني ديوتا ڪيتري دير تائين تعجب، اچرج ۽ خوف وچان اهو منظر ڏسندو رهيو. هن دهشت مان پڇيو، “هي نوجوان ڪير آهي؟ ۽ سندس ڏوهه ڪهڙو آهي؟” وراڻيم، “هي نوجوان هن ڌرتيءَ جو پٽ آهي، کيس ماءُ سان پيار آهي ۽ اهو ئي سندس ڏوهه آهي.” “۽ ڄامڙو؟” “ڄامڙي جي هٿ ۾ وقت جي واڳ آهي” منهنجو جواب ٻڌي يوناني ديوتا پنهنجو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو ۽ يونان موٽي ويو.
زبردست سائين امر جليل جو لکڻيون تمام بهترين ۽ دل کي ڇهندڙ آهن. هن ۾ امر جليل سنڌ جو ڪيس تمام بهتر ۽ سهڻي نموني رکيو آهي،