ايڪتا خوشي خادم گھراڻو هر طرف واهڻ وستي ڳوٺ شهر ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان ماحول جرڪي رهيو هو هر ڪنهن سنڌي کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍيل هئي نياڻين کي سنڌي ڀرت ۽ گج وارا ڪپڙا پهريل هئا هرڪو اڄ خوش هو هيءَ هنن جي ثقافت جي ڏهاڙي جي عيد هئي .آچر جي موڪل هئڻ سبب اسڪول ڪاليج بند هئا جنهن ڪري ٻار ويتر خوش هئا هر ڳوٺ ۾ سگھڙن جون محفلون مچ مشاعرا ٿي رهيا اديبن جي طرفان ادبي پروگرام ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪيا ويا پئي .احسن به پنهنجي گھر کان سنڌي ٽوپي پائي اجرڪ ڪلهن ۾ ويڙهي نڪري رهيو هو ته هن کان سندس والد پڇيو ڪيڏانهن ٿو وڃين جنهن جي موٽ ۾ هن چيو ته بابا اڄ اسان جي اسڪول ۾ هڪ ثقافتي پرگرام آهي ان ڪري اسڪول وڃان ٿو ٻاهر منهنجو دوست علي بيٺو آهي ، جنهن تي هن کي سندس والد چيو ته پٽ واپسي ۾ پنهنجي دوست کي ساڻ وٺي اچج اڄ پاڻ سنڌي ڀت کائينداسين ان ۾ تنهنجو دوست به شامل هجي ته بهتر ٿيندو . جنهن تي احسن چيو ته بابا علي کي پاڻ سان گڏ وٺي ايندس .علي احسن جو پيارو دوست ۽ لاس جو ساٿي هو . جڏهن احسن پنهنجي گھر کان ٻاهر نڪتو ته علي بيٺو هو هن يڪدم علي کي ڏسي چيو ته هي ڇا يار تون تيا نٿيو آهين پاڻ کي اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام ۾ هلڻو آهي ان ۾ پاڻ کي حصو به وٺڻو آهي .جنهن تي علي احسن کي چيو ته دوست آئون تيار آهيان هاڻي هل ته هلون جنهن تي احسن هن کي چيو ته دوست اڄ ثقافتي ڏينهن آهي اهو اسان سنڌين جي لاءِ عيد جھڙو ڏينهن آهي تو ٽوپي نه پاتي آهي اجرڪ نه اوڍي آهي احسن جي ان جملي تي علي جي اکين ۾ پاڻي تري آيو هن چهري کي زمين جي طرف ڪيو ته هن جي اکين مان لڙڪ موتين جي لار ڪري زمين تي ڪريا ٿي ۽ زمين ۾ جذب ٿي ويا ٿي احسن يڪدم علي کي چيو ته ڇا ٿيو ؟ دوست تنهنجي اکين ۾ لڙڪ تنهنجو چهرو ڪومائجي ويو آهي ان تي علي چيو ته دوست احسن اسان غريبن جون ڪهڙيون عيدون اسان مڙيئي زندگي جي گاڏي کي هلايون پيا توکي خبر آهي ته بابا وفات ڪري ويو آهي امڙ پراون گھرن جي ٿانو ٻهاري ڪري ٿي جنهن ۾ جيڪو به ملي ٿو ان سان مون کي ۽ منهنجي ننڍي ڀيڻ کي پالي ٿي اسان جون ڪهڙيون خوهشون ڪهڙيون تمنائون امڙ جو خواب آهي ته آئون پڙهي ڪا نوڪري ڪريان امڙ جي خواب کي ساڀيان ڪرڻ جي لاءِ پڙهان ٿو ۽ محنت ڪريان ٿو جيئن امڙ جو خواب اڌورو نه رهي پر ان جي تعبير امڙ پنهنجي اکين سان ڏسي مون کي خبر آهي ته امڙ جي دل ۾ هزارين خواهشون ارمان ڏک آهن جيڪي هوءَ اسان کان پنهنجي اندر لڪائي جي رهي آهي امڙ جون به آسون امنگون آهن دوست امڙ اسان کي مشڪل سان کارائي ٿي اها منهنجي لاءِ ٽپي اجرڪ ۽ ڀيڻ جي لاءِ گج وارو وڳو ڪٿان آڻي اسان جھڙي به حال ۾ آهيون خوش آهيون هل ته هلون دير پئي ٿئي جنهن تي هن علي کي چيو ته ٻه منٽ ترس آئون اچان ٿو علي چيو ٺيڪ آهي پر جلد اچ آئون انتظار ڪريان ٿو احسن سڌو گھر پنهنجي والد وٽ ويو ان کي چيائين ته بابا آئون توهان وٽ هڪ م سان آيو آهيان جي ناراض نه ٿيو ته اوهان کي چوان .احسن جي والد پنهنجي پٽ کي چيو ته پٽ ٻڌائي ڇا ڳالهه آهي ؟ جنهن تي احسن پنهنجي پيءُ کي احسن جو سڄو قصو ٻڌايو اهو به چيو ته بابا اڄ سڄي اسڪول جا ٻار ثقافتي لباس ۾ ايندا پر منهنجو غريب دوست ثقافتي لباس ۾ نه هوندو جنهن جو مون کي ارمان آهي بابا هاڻي اوهان ٻڌايو ته آئون ڇا ڪريان . احسن جي پيءُ احسن کي ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته پٽ اڄ مون کي فخر آهي ته منهنجي پٽ کي دوستن جي تڪليف جو احساس آهي غريبن جي خواهشن جي لاءِ سوچي ٿو پٽ اصل خوشي به تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ٻيا به غريب اسان سان گڏ خوشين ۾ شامل هجن جڏهن غريب خوش هوندا ته اهي دعائون ڪندا پٽ هي ميز تي ٽوپي ۽ اجرڪ پيئي آهي گج وارو تنهنجي ڀيڻ جو ٻيو وڳو پيو آهي اهو کڻ پنهنجي دوست ۽ ان جي ڀيڻ کي به ثقافي ڏينهن تي ثقافتي لباس اوڍائي جيئن هنن جي دل ۾ ڏک ۽ ارمان نه رهي هنن کي پنهنجي پيءُ جي جدائي ڏک نه جھوري . جڏهن احسن جو خواب پورو ٿيو ته هن جو چهرو ٻهڪڻ لڳو هيءُ ٻاهر نڪرڻ لڳو ته هن جي پيءُ چيو ته پٽ لي جي امڙ ۽ ڀيڻ کي به واپسي تي وٺي اچجان اڄ پاڻ سڀ گڏجي ماني گڏ کائينداسين احسن گر کان ٻاهر نڪري علي کي چيو ته علي پهرين تنهنجي گھر ٿا هلون اتي ڪم آهي . هيءُ جڏهن علي جي گھر پهتا ته علي جي ڀيڻ اڱڻ ۾ پٿرن سان راند ڪري رهي هئي اهشن هن کي سڏ ڪري وڳو ڏنو ۽ چيو ته اهو هينئر ئي پائي . علي جي ڀيڻ وڳو وٺي باغ بهار ٿيڻ لڳي احسن علي کي ٽوپي پارائي ۽ ڪلهن ۾ اجرڪ واڙهي اسڪول طرف ورانو ٿيو اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام ۾ هنن کي انعام مليو جيڪو هيءُ وٺي خوش ٿيا اتان سڌو علي جي گھر ويا جتي احسن علي جي ماءُ کي پنهنجي گھر هلڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪيو پر علي جي زور ڀرڻ تي راضي ٿي چارئي احسن جي گھر پهتا جتي هنن گڏجي ماني کاڏي علي جي ماءُ احسن جي ماءُ سان ڪچهري ڪرڻ لڳي علي جي ڀيڻ احسن جي ڀيڻ سان راند ڪرڻ لڳي علي ۽ احسن وري احسن جي پيءُ سان محفل مچائي جتي علي وارن جا ڏک ڪجھه پل اءِ ڏور ويا هليا هيءُ خوش ڏسڻ ۾ آيا گھر ۾ هڪ وڏي خوشي وڏي عيد جهڙو ماحول جڙي ويو احسن جي پيءُ احسن کي چيو ته پٽ اسان جي ثقافتي ڏهاڙي جي اصل خوشي ۽ اڪتا اها آهي جو اڄ اسان سڀ گڏجي پنهنجو خوشي وارو پهچان وارو ڏينهن گڏجي ملهائي رهيا آهيون اصل خوشي ۽ ايڪتا اها آهي ته اسان سڀ هج هجون سڀ گڏ هجون